Get Adobe Flash player

(1) الله جي اطاعت

قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وآله وسلم اِنَہُ لَا يُدۡرِکُ مَا عِنۡدَ اللهِ اِلّا بِطَاعَتِہ

حضور صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو بيشڪ جيڪي ڪجھ الله وٽ آهي ان تائين نٿوپهچي سگھجي سواءِ الله جي اطاعت جي. (وسائل الشيعه ج 11 ص 184)

فيوضات الهي جا ٿلهي ليکي ٻه قسم آهن هڪ عام ٻيوخاص. عام فيوضات ( الله جون عنايتون)اهي آهن جيڪي الله سائين هر بندي کي ان جي ڪوشش يا بغير ڪوشش جي عطا ڪيا آهن پر خاص فيوضات اهي آهن جيڪي الله سائين پنهنجي مطيع بندن ۽ پرهيزگار ٻانهن کي عطا ڪندو آهي جيئن علم تقويٰ عبادت ۾ لذت،خوف آ۽ خشيت الٰهي وغيره.

(2) حق جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ جي فضيلت

قَالَ عَلِي عليه السلام  اِذَا اَلَمۡ تَکُنۡ عَالِمًا نَاطِقًا فَکُنۡ مُسۡتَمعًا واعِيًا

حضرت عليؑ  جن فرمايو جيڪڏهن تون ڳالهائڻ ( بيان ڪرڻ ) وارو عالم نه ٿي سگھين ته پوءِ غورسان ٻڌڻ وارو ٿي. (غررالحکم ح ن 4090) 

مولا اميرؑ جي تاڪيد هر مسلمان فرد کي اها آهي ته هو الله جي دين جي اصول ۽ فروع ۾ عالم بڻجي پنهنجي ضرورت جي حد تائين جيڪڏهن عالم نه ٿو ٿي سگھي ته پوءِ ڀلو ٻڌڻ وارو ٿي وڃي ته به سندس لاءِ سعادت آهي.دين جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ ۽ دل ۾ هنڊائڻ سان انسان ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ انهي عمل جي ڪري ئي سندس سعادت جي ضمانت ٿئي ٿي.

 

(3) نشي جا قسم

قَالَ عَلِي  عليه السلام  اَلسُکۡرُ اَرۡبَعُ سَکَرَات  ـ سُکۡرُ الشَرَابِ سُکۡرُ الۡمَالِ وَسُکۡرُ النَّومِ و سُکۡرُالۡمُلۡکِ

حضرت عليؑ جن فرمايو نشي جا چار قسم آهن (1) شراب جو نشو (2) مال ۽ دولت جو نشو(3) ننڊ جو نشو (4) بادشاهي ۽ حڪومت جو نشو

(1) شراب جو نشو: شراب جو نشو ايترو غليظ ۽ گندو نشو آهي جو انسان پنهنجي ذهن ۽ حواستي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگھي.سندس عقل ضايع ٿي وڃي ٿو.شرابي فضول ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو پنهنجي ۽ پرائي ۾ تميز باقي نه ٿو رکي سگھي کيس محرم ۽ نا محرم جي به تميز نه ٿي رهي. اهوئي سبب آهي جو اسلام شراب کي حرام سان گڏوگڏ سندس وجود ٻين نجاستن وانگر نجس قرار ڏئي ڇڏيو جيڪڏهن شراب جو ڦڙو به جسم يا لباس کي لڳي وڃي ته ان لباس ۽ بدن سان نماز ايستائين نه ٿي پڙهي سگھجي جيستائين ان کي پاڪ نه ڪيو وڃي.