Get Adobe Flash player

سندن شخصيت جو مختصر تعارف

نالو علي عليه السلام

ڪنيت ابوالحسن،ابوالسبطين،ابوالائمه ،ابو تراب

مشهور لقب مرتضيٰ،اميرالمومنين،يعسوب الدين،ولي الله وغيره

والد جو نالو عمران يعني ابوطالب بن عبدالمطلب

والده جو نالو حضرت بيبي فاطمه بنت اسد بن هاشم بن عبد مناف.

ولادت جي تاريخ 13 رجب 30 عام الفيل

ولادت جي جڳهه ڪعبة الله، مڪة المڪرمه

گهروارين جي تعداد 10

تعداد اولاد 12 پٽ ۽ 16 نياڻيون.

عمر 63 سال،يا65 سال

شهادت جي تاريخ 21 رمضان المبارڪ 40 هجري

مدفن نجف اشرف،عراق

سندن زندگيءَ تي هڪ نظر

اڄ جي هن تيز رفتار دور ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هوندو جنهن مولا علي عليه السلام جو نالو نه ٻڌو هجي ليڪن سندن عزت سعادت،فضيلت شخصيت،ڪردار ،گفتار، اخلاق عمل کان ڪيترو واقف آهي ان ڳالهه جو تعيّن سندن اها چاهت۽محبت ڪري ٿي جيڪا هو پنهنجي دل ۾ ڪائنات جي امير ۽ ولين جي ولي علي مرتضىؑ جي لاءِ رکي ٿو ،ڪنهن به شخصيت جو تعارف ڪرائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته پهريان تعارف ڪرائڻ وارو ان کي ڪيترو ٿو سڃاڻي،بندو سراپا تقصير حقير ڪائنات جي امير لاءِ اهو چئي سگهان ٿو ته زمين وارن پهريون ڀيرو عليؑ جو ذڪر تڏهن ٻڌو جڏهن مڪي جي سرزمين تي الله جي نبين هٿان ٺهرايل گهر ڪعبة الله شريف مان عليؑ پنهنجي ماءُ فاطمه بنت اسد جي هٿن تي ٻاهر آيو اهو دنيا جو پهريون۽ شايد(بلڪه يقينا) آخري ٻار هو جنهن جي ولادت ڪعبي ۾ ٿي سندن والده گراميءَ کي الله سائينءَ وڏي شان سان پنهنجي گهر۾اچڻ جي دعوت ڏني ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ روايتي درمان داخل ٿيڻ بجاءِ سندن لاءِ عليحده در بڻايو ويو جو ڪعبي جي ديوار وچ مان ڏري پئي ۽ حضرت فاطمه بنت اسد جي اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ ديوار بند ٿي وئي ان دروازي جا نشان اڄ به ڪعبة الله جي ان ديوار تي موجود آهن ۽ لک ڪوششون ڪرڻ جي باوجود اهي آثار مٽجن نٿا بلڪه عليؑ جي ڪعبي ۾ ولادت جا عيني گواهه آهن بهرحال علي جي اچڻ تي ڪائنات جي لاءِ رحمة للعالمين بڻجي آيل رسول خوشي ملهائي ۽ سندن ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ ڪاٻي ڪن اقامت ۽ شهادتين پڙهي ڪري والدين کي ٻار جي تابنده مستقبل جي نويد ٻڌائي، من جون مرادون جو پوريون ٿيون ته خوشين سان گڏ خوب خيراتون ڪيون ويون هرپنهنجي پرائي کي مٺايون ڏنيون ويون باس باسيل سڀ باسون ڏنيون ويون جو اڄ اهو مهمان اچي پيش پهتو جنهن جو سڀني کي انتظار هئو جڏهن نئين مولود جي نالي رکڻ جو وقت رسيو ته ڪنهن چيو ته ڪنهن چيو ته حيدر رکو ته ٻئي چيو صفدر رکو اتي پاڻ خالق اڳڀرائي ڪئي ۽ چيائين آءُ الله اعلى ان عاليشان ٻار جو جونالو علي ٿو رکان بس پوءِ ته ڪعبي کي ڄڻ چارچنڊ لڳي ويا جو الله جي موڪليل عليؑ جو ولادت سان بلنديءَ جي آخري منزل تي پهچي چڪو هو، مٺي مرسل جڏهن خالق جي پسند جو اعلان ڪيو ته سڀني آمنّا صَدَقَنَا چئي ڪري اکين تي هٿ رکيا

البته اهو به ٻڌائيندو هلان ته عليؑ جوپيءُ نالوعمران جڏهن ته ڪنيت ابوطالب هئس جنهن حضرت نبي سائينءَ کي سندن ڏاڏي عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ پاليو هو شايد الله جي حبيب جي خوب خدمت ڪرڻ جي اجر ۾ الله کيس علي عنايت ڪيو هو.

جڏهن عليؑ ڪجهه وڏا ٿيا ته رسول الله 9 جن پاڻ سندن تربيت جي ذميداري کئين۽ ائين علي عليه السلام نبوت ۽ رسالت جي آغوش ۾ پلجڻ لڳا جنهن جو اثر اهو ٿيو جو جڏهن پاڪ پيغمبر حق جي دين يعني اسلام جي لاءِ ماڻهن کي دعوت ڏني ته مردن مان سڀ کان پهريان جنهن شخص سندن مٿان ايمان آندو ۽ پوءِ هر گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ رهيو علي عليه السلام ئي هئو جڏهن مڪي جا ٻار جڏهن الله جي رسول کي ديوانو چئي ڪري پٿر هڻندا هئا ته علي عليه السلام ئي ان جو جواب ڏيندا هئا.

۽ رسول جو دفاع ڪندا هئا ،پاڻ سڳورا جڏهن ڪبعة جي سامهون نماز ۾ بيهندا هئا ته عليؑ بيبي خديجه سان گڏ سندن اقتدا ڪندا هئا اهو اهو زمانو هئو جو اڃا مڪي جا ماڻهو اڃا مسلمان نه ٿيا هئا ۽ روي زمين تي فقط اهي ٽي ڄڻا ئي اسلام جا پيروڪار هئا پوءِ جڏهن حق ۽حقيقت جو پيغام اسلام جي صورت ۾ حق جي ڳولائن تائين جيئن جيئن پهچندو ويو تيئن تئين مسلمانن جو تعداد ڪافرن جي تڪليفن سان گڏ وڌندو ويو ايستائين جو سڀني مسلمانن عليؑ جي پيءُ جي ملڪيت ۾ موجود هڪ غار جنهن کي “ شعب ابو طالب” ۾ پناهه ورتي ۽ شديد خوف ۽ غربت جي عالم ۾ٽن سالن تائين ئي گذاريائون ايستائين جو الله جوامين جبرائيل هجرت جو پيغام کڻي عرش الهيءَ کان ارض خاڪي تي آيو بني سائينءَ جي حڪم تي مسلمانن جو پهريون جٿو حبش ڏي روانو ٿيو جنهن جنهن ۾ حضرت علي عليه السلام جو ڀاءَ جعفر طيار پڻ هو جنهن حبش جي بادشاهه کي اسلام جو صحيح تعارف ڪرائي مسلمانن لاءِ حبش م راحت جو سامان مهيا ڪيائين .

سندن بي مثال صفتن مان چار صفتون

1_ علم

حضرت علي عليه السلام ڪائنات ۾ اهو پهريون ۽ آخري شخص هئو جنهن پنهنجي علم سان دنيا کي ائين سيراب ڪيو جو دنيا وارن کي سلوني سلوني دعوت ٿي ڏنائين ته پڇو جيڪو پڇڻو اٿو مان زمين جي رستن کان آسمان جي رستن کان بهتر واقف آهيان

ڪيترائي ڪوڙا آيا جن اهڙي دعوى ٿي ڪئي ليڪن خدا تن کي خوار ڪيو جيڪڏهن ڪو چاهي ته مولا علي عليه السلام جي علم کان واقف ٿئي ته کيس کپي ته نهج البلاغه نالي ان ڪتاب کي ڏسي جنهن ۾ سندن خطبا خط ۽ حڪمت ڀريا ٻول گڏ ڪيا ويا آهن جيڪي علم جو هڪ بي بها خزانو آهن

2_ عدالت

علي عليه السلام جي نظر ۾ سڀ انسان برابر هئا ڪنهن کي ڪنهن تي ترجيح حاصل هئي خاص ڪري جيڪڏهن ڳالهه عدل ۽ انصاف جي هجي پوءِ جيڪڏهن سامهون عقيل جهڙو ڀاءُ ئي ڇونه هجي انصاف جو دامن نه ڇڏڻ عليؑ جو پيشو هئو هڪ دفعي جڏهن سندن ڀاءُ بيت المال مان ڪجهه پيسا قرض طور ڏيڻ جي گهر ڪئي ته سندن هٿن تي باهه تان تپيل سيخ کڻي رکيائون ۽ چيائون جڏهن تون منهنجي ڪري هيءَ دنيا جي باهه نٿو سهين ته مان تنهنجي ڪري ڪئين آخرت جي آڙاهه ۾ پاڻ ڦٽو ڪيان پاڻ فرمائندا رهندا هئاته جيڪڏهن پوري ڪائنات جي بادشاهي مون کي ان شرط تي ڏني وڃي ته هڪ ڪِوِلِ جي وات مان هڪ ڪک کي ظلم ڪندي ڪڍان ته مان هرگز ائين نه ڪندس

3_سخاوت

سخاوت انسان جو اهو حسن آهي جنهن سان سندس شخصيت چڱي طرح نکري نروار ٿئي ٿي الله سائينءَ کي اها صفت ايتري ته پسند آهي جو جڏهن مسلمانن حاتم طائيءَ جي قبيلي کي فتح ڪري سندس ڌي کي قيد ڪري آيا جڏهن رسول خدا ؐ کي خبر پئي ته حاتم طائيءَ جي نياڻي آئي آهي ته پنهنجي عبا لاهي زمين تي وڇايائون ۽کيس ان تي تمام عزت ۽ احترام سان ويهاريائون

ليڪن ڪٿي حاتم طائيءَ جي سخاوت ۽ ڪٿي علي عليه السلام جي سخاوت ” اين ڪجا واون ڪجا“ علي جي سخاوت ۽ ڪرامت تي قرآن جي پوري سورت دهر لٿي سائل کي رڪوع جي حالت ۾ منڊي ڏنائون ته کين انعام ۾ ولايت ملي ۽ جبرائيل(إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَ رَسُولُهُ وَ الَّذينَ آمَنُوا الَّذينَ يُقيمُونَ الصَّلاةَ وَ يُؤْتُونَ الزَّكاةَ وَ هُمْ راكِعُونَ (سورت مائده آيت 55)) جي آيت کڻي اعلان ڪرڻ لڳو ته مومنن جاامير فقط ٽي آهن الله ۽ ان جو رسول ۽ علي عليه السلام

4_ شجاعت

حضرت علي عليه السلام جي شجاعت جا قصا اڄ تائين دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ياد ڪيا وڃن ٿا جنگ بدر هجي يا احد، جنگ خندق ۾ عمرو بن عبدود هجي يا خيبر ۾ مرحب سڀ علي عليه السلام جي شجاعت سان زير ٿيا جنگ فتح ٿي رسول الله کين ڪرّار غير فرار جو لقب ڏنو ۽ کين مرد ميدان چيوسندن شجاعت جي اعتراف ۾ آسمان کان ذوالفقار لٿي ۽ جبرائيل کين داد ڏني آخر ۾ جبرائيل جي ان تاريخي جملي تي مقالي جو اختتام ڪيون ٿا جو چيائين:

لا فـــــتى الاّ عــــــلي لا ســـــيف الاّ ذوالـــــــفقــــــار