Get Adobe Flash player

غدير تاريخ اسلام جو اهڙو تهوار جنهن جي حقيقت جي ته تائين پهچڻ لاءِ ڪيترائي طالب پنهنجي زندگي جا ڏهاڙا پڄاڻي تي پهچائي هليا ويا ، ڪيترائي قلمڪار پنهنجن قلمن جي سياهي سان سوين ورقن جا سينا سياه ڪري چڪا ، ڪيترن محققن پنهنجين تحقيقن ۾ غدير جي تازگين کي منظر عام تي آندو جنهن جو هڪ مثال علامه عبدالحسين اميني رحمت الله عليه جو ڏئي سگھجي ٿو ، جڏهن هن محقق عالم جو قلم هليو ته غدير جي موضوع تي ورقن جا ڍير ڪري ڇڏيائين ويهن کان مٿي ” الغدير “ جهڙو عظيم ذخيرو ڪنهن پارکو کان پري ڪونه هوندو اسڪندريه جي عبد الفتاح عبدالمقصود نالي هڪ محقق جي چوڻيءَ مطابق ته الغدير هڪ ڪتاب نه پر موتين سان ڀريل هڪ اهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ قسمين قسمين جا اهڙا موتي موجود آهن جن جي شمار کان انسان جو عقل عاجز ۽ اکيون  انهن کي ڏسڻ کان هيڻيون آهن ، ليڪن ڇا راز آهي جو زماني جي گذرڻ سان غدير جي حقيقت مٽجڻ بجاءِ نين تازگين سان تيزي سان وڌندي ٿي وڃي ، حقيقت اها آهي ته غدير خدائي نور جي ان جلوي جو نالو آهي جنهن جي ظهور سان ڄڻ ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ نوراني ٿي وئي اهو ئي سبب آهي جوهونئن ته غدير مڪي ۽ مديني جي درميان هڪ واديءَ جو نالو هو پر جڏهن کان ان ۾ اميرالمومنين جي ولايت جو اعلان ٿيو  ته پوءِ غدير پنهنجي حقيقت مٽائي هڪ نئون رخ اختيار ڪري ويٺي ، هاڻي جڏهن به غدير جو نالو زبان تي ايندوآهي ته فورا چوڏهن سال اڳ سوا لک حاجين جوميڙ ، رحمت للعالمين جا بلند ٿيڻ وارا هٿ ، ۽ انهن هٿن مبارڪن ۾ حيدر ڪرار جا بازو ،مٺي محمد جي زبان تي ” من کنت مولاه فهذا علي مولاه “ جا پيارا ٻول ، ٽن ڏينهن تائين حاجين ۽ صحابين  واريون ”بخ بخ “ جون صدائون ذهن ۾ ٺهڪي ٿيون اچن ، اها غدير جنهن جو ذڪر ٻڌي اڄ به مومن جو چهرو مرڪي پوي ٿو ۽ منافق جو منهن مرجھائجو وڃي ڄڻ ته غدير ئي مومن جي ايمان ۽ منافق جي نفاق جي سڃاڻپ جو هٿيار بنجي چڪو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو امير المومنين جي ولايت جو جام نوش ڪندڙ جوان ان ڏينهن تي سڀئي ويڇا وساري هڪٻئي کي ڳلراٽيون پائيندي نظر ايندا آهن ، هي ته اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ آدم کان خاتم تائين هر نبي جي محنت کي چار چنڊ لڳا هر نبي جي نبوت ، هر رسول جي رسالت، هر وصي جي وصايت کي ولايت علي جوويس پارايو ويو، جڏهن سوا لک حاجين جو ميڙ موجود هو تڏهن جناب آدم کان جناب عيسى تائين هر نبي پنهنجي پياري پيشوا آڏو  ضرور پيش پيا هوندا ۽ جڏهن ” من کنت مولاه “ واري واڪ فضا ۾ گونجي هوندي ته دل اهو ئي ٿي چوي ته آدم قابيل هٿان هابيل جي قتل جو غم وساري ويٺو هوندو ابراهيم کان نمرود واري آڙاه وارو منظر ڀلجي ويو هوندو يعقوب لاءِ يوسف جي فراق وارو ڏک خوشين ۾ تبديل ٿي ويو هوندو ، زڪريا کي ڪرٽ سان ڪسجڻ وارو درد دل تي ئي نه رهيو هوندو خاتم النبيين کان ابولهب ، ابوجهل ۽ مڪي جي مشرڪن وارا ايذاء وسري چڪا هوندا ، جتي هر نبي ۽ مومن ايتري خوشي ۾ مصروف هوندو ته اتي هر منڪر ۽ منافق جي دل ڪنهن اهڙي ڌٻڻ ۾ ڌنسجي چڪي هوندي جنهن مان ڪڏهن به نجات جو نه آسرو هوندس نه اميد ! ان جي ڪري ته هڪ محبوب طرفان ٻئي محبوب ڏانهن اهو پيغام آيو ته ” اڄ جي ڏينهن ڪافر توهان جي دين کان مايوس ٿي ويا ، اڄو ڪو ڏينهن اهو آهي جنهن ۾ مون توهان جي دين کي پورو ڪيو ، توهان تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيم “ اهو ئي ته سبب آهي جو هن ڏينهن کي هر معصوم عيد ڪري ملهايو ۽ پنهنجن پيروڪارن کي به ان جو حڪم ڏنائون ، ان ڏينهن کي عيد اڪبر جي نالي سان ياد ڪيائون ، جشن ملهائڻ ، هديه ڏيڻ ، ۽ ٻيا ڪيترا آداب هن ڏينهن لاءِ اسان جي امامن ٻڌايا ، ڇو ؟ ان ڪري ته ان ڏهاڙي جي ياد قيامت تائين باقي رهي ۽ نسلن ۾ علي مولا جي ولايت وسندي رهي مون کي ڇا مجال جو غدير جا گڻ ڳائي سگھان نه ئي ذهن ۾ اها ذڪاوت آ نه ئي هٿن ۾ اهو حوصلو ،۽ نه ئي قلم ۾ڪجھ لکڻ جي  قوت ته پوءِ اچو ته غدير جي اڻ سمنڊ مان موتي ماڻڻ لاءِ اٺين آقا علي رضا عليه السلام جي آڏو ادب جا زانو ٽيڪيون ته من غدير جي برڪت سان اسان کي به ان در تان ڪو ماسو ملي پوي جنهن لاءِ ڀٽ ڌڻي لطيف لال به چيو هو ته ” ماسو ملئي مال ته پوڄارا پر ٿين “ِ  اٺين سرڪار غدير جي عظمت کي وائکو ڪندي  هن ريت فرمائن ٿا : قيامت جي ڏهاڙي چارڏينهن ائين خدا جي بارگاه ۾ سينگارجي سنوارجي حاضر ٿيندا جيئن ڪنوار سينگارجي ۽ سنوارجي پنهنجي ور جي ويڙهي ۾ ويندي آهي ، کانئن پڇيو ويو ته اهي چار ڏينهن ڪهڙا آهن ته پاڻ فرمايائون ، عيد الاضحى ، عيد الفطر ، جمعي ۽ غدير وارا ڏينهن ، ۽ غدير وارو ڏينهن انهن ڏينهن لاءِ ائين آهي  جيئن ستارن لاءِ چنڊ، غدير اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ ابراهيم خليل کي آڙاه مان آرام مليو ۽ ڌڻي پاڪ جو شڪر ڪندي ان ڏينهن تي روزو زکيائين ، هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله سائينءَ پاڻ سڳورن جي هٿان علي عليه السلام جي سرداري جو اعلان ڪرائي پنهنجي دين کي پڄاڻي تي پهچايو ، ۽ پاڻ سڳورن علي عليه السلام جي فضيلت ۽ وصايت ( وراثت ) جو کلم کلا اعلان ڪيائون ، علي عليه السلام به ان ڏيهن تي روزو رکندا هئا ، غدير ڪمال تائين پهچڻ جو ڏينهن ۽ شيطان جي ذلت جو ڏينهن آهي ۽ اهڙو ڏينهن آهي جنهن ۾ ۾ آل محمد جي شيعن ۽ محبن جا اعمال قبول ڪيا وڃن ٿا ۽ اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله تعالى سندس مخالفن جي اعمال ڏانهن ٿو ڏسي ۽ انهن کي ٽڙيل پکڙيل ذرن وانگر ڪري ٿو ڇڏي ، ۽ هي اهڙو ڏينهن آهي جنهن ۾ جبرئيل کي اهو حڪم ڪيو ٿو وڃي ته بيت المعمور جي ڪناري خدائي ڪرامت جي ڪرسي رکي ۽ پوءِ جبرئيل ان تي ويهي ٿو ۽ سڀني آسمانن جا فرشتا جبرئيل وٽ گڏ ٿين ٿا ۽ پاڻ سڳورن تي درود موڪلين ٿا ۽ علي عليه السلام ۽ ٻين امامن جي شيعن ۽ حضرت آدم جي اولاد مان سندن دوستن لاءِ بخشش جي درخواست ڪن ٿا ، هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله تعالى اعمال لکندڙ فرشتن کي اهل بيت جي دشمنن ۽ محبن جون خطائون لکڻ کان ٽن ڏينهن تائين روڪي ٿو ڇڏي ۽ اهي فرشتا حضرت محمد مصطفى صه علي عليه السلام ۽ ٻين امامن جي احترام جو لحاظ ڪندي انهن جون خطائون نه ٿا لکن ،هي اهو ڏينهن آهي جنهن کي الله تعالى خاص محمد وآل محمد ۽ سندن رشتيدارن لاءِ خلقيو آهي ۽ هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله تعالى اهڙي شخص جي مال ۽ ملڪيت ۾ برڪت وجھي ٿو جيڪو ان ڏينهن ۾ عبادت ڪري ۽ سندس خاندان ۽ مومن ڀائرن مٿان هٿ کولي رکي ۽ کيس جهنم جي باه کان آزاد ٿو ڪري ڇڏي ، ۽ اهڙو ڏينهن آهي جنهن ۾ الله تعالى شيعن جي ڪوشش ، ۽ عملن کي قبول ٿو ڪري سندن گناهن کي بخش ٿو ڪري ، اهڙو ڏينهن آهي جنهن ۾ ڏک ختم ٿين ٿا ۽ هي گناهن جي مٽجڻ جو ڏينهن ، عطا ، بخشش ،علم کي نشر ڪرڻ ، خوشخبري ۽ هڪ وڏي عيد جو ڏينهن آهي ، اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ صاف لباس پائڻ گھرجي ۽ ميري لباس کي بدن تان لاهي ڇڏڻ گھرجي ، اهڙو ڏينهن جنهن جي حق جو خيال رکڻ گھرجي ، ڏکن کي ختم ڪرڻ ۽ اميرالمومنين علي عه جي شيعن کان گناهن کان درگذر جو ڏينهن آهي جيڪو ڏينهن نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ ۽ محمد وآل محمد تي درود موڪلڻ ، خوشي ۽ پاڻ سڳورن جي اهل بيت لاءِ عيد جو ڏينهن آهي الله تعالى جي عنايت کي وڌ کان وڌ حاصل ڪرڻ جو ڏينهن ، مومنين لاءِ آرام ۽ خوشي جو ڏينهن ، آخرت لاءِ تجارت وارو ڏينهن دوستي ۽ خدائي رحمت مان فيض پرائڻ جو ڏينهن ۽ نفس کي پاڪ ڪرڻ ۽ گناهن کان پاسو ڪرڻ جو ڏينهن آهي ، هي  ڏينهن روزيدارن کي افطارڪرائڻ جو ڏينهن آهي ۽ جيڪو به شخص ان ڏينهن ڪنهن روزي دار مومن کي روزو کولرائي جهڙوڪ ان ڏهن ”فئام “ کي افطار ڪرايو ( راوي چوي ٿو ) پوءِ امام عليه السلام جن مون کان پڇيو ته ڇا تو کي ” فئام “ جي معنى جي خبر آهي ؟ مون عرض ڪيو ته نه ، ته پاڻ فرمايائون فئام جي معنى آهي هڪ لک انسان ! ۽ وري فرمايائون ته : هي مبارڪباد چوڻ جو ڏينهن آهي هڪٻئي کي مبارڪباد چئو ۽ جڏهن هڪ مومن ٻئي مومن سان ملي ته چوي ” سڀ ساراهون ان الله جي لاءِ جنهن اسان کي علي عه ۽ ٻين امامن جي ولايت سان پيروڪارن مان بنايائين، هي ڏينهن مومن جي چهري تي مسڪراهٽ وارو ڏينهن آهي جيڪو به شخص غدير واري ڏينهن پنهنجي مومن ڀاءءُ سان مسڪرائي ته الله تعالى قيامت جي ڏينهن ان سان رحمت سان پيش ايندو ۽ ان جون هزار حاجتون پوريون ڪندو ۽ ان لاءِ بهشت ۾ سفيد موتين جو ملڪ ٺاهيدو ۽ سندس چهري کي خوشحال ڪندو ، غدير جو ڏينهن هار سينگار ڪرڻ جو ڏينهن آهي ۽ جيڪو به شخص غدير واري ڏينهن هار سينگار ڪندو ته الله تعالى سندس ننڍن وڏن گناهن کي بخش ڪري ڇڏيندو ۽ فرشتن جي ذمي لڳائيندو ته ايندڙ سال جي ساڳئي ڏينهن تائين ان لاءِ نيڪيون لکندا رهن ۽ ان جي درجات کي بلند ڪندا رهن ۽ جيڪڏهن مري وڃي ته شهادت واري موت مرندو ۽ جيڪڏهن زنده رهندو ته سعادت واري زندگي گذاريندو ۽ جيڪو به شخص ان ڏينهن تي ڪنهن مومن کي کاڌو کارائيندو ته اهو ان ماڻهو وانگر آهي جنهن تمام پيغمبرن ۽ صديقين کي کاڌو کارايو ، ۽ ان ڏينهن تي جيڪو به شخص ڪنهن مومن جي زيارت لاءِ وڃي ته الله تعالى ستر نور سندس قبر ڏانهن موڪليندو ۽ ان لاءِ سندس قبر کي ڪشادو ڪندو ۽ هر ڏينهن تي ستر هزار فرشتا سندس زيارت لاءِ ان جي قبر ۾ ايندا ۽ کيس بهشت جي خوشخبري ٻڌائيندا ، غدير واري ڏينهن الله تعالى ستن آسمانن جي مخلوق آڏو ولايت کي پيش ڪيو ته سڀني کان پهرين ستين آسمان جي مخلوق ان کي قبول ڪيو ته الله تعالى ان کي عرش سان سينگاريو تنهن کان پوءِ ڇوٿين آسمان جي مخلوق ان کي قبولڻ ۾ سڀمي کان اڳڀرائي ڪئي ته الله تعالى ان کي بيت المعمور سان سنواريو تنهن کان پوءِ دنيا جي ٻي مخلوق سڀني کان اڳ ان کي قبول ڪيو ته الله تعالى ان کي ستارن سان سينگار ڪرايو ان کان پوءِ اها ولايت زمينن جي سامهون رکي وئي ته سڀني کان پهرين مڪي جي سرزمين ان کي قبول ڪيو ته ان کي ڪعبت الله سان سجايائين تنهن کان پوءِ مديني واري سرزمين سڀني کان پهرين ان کي تسليم ڪيو ته حضرت محمد مصطفى صه جي برڪت ڀرئي وجود سان نوازيائينس ان کان پوءِ سڀني کان پهرين ڪوفي جي سرزمين ان کي قبول ڪيو ته ان کي امير المومنين علي عه جي پاڪ پيڪر سان سونهن ڏنائين ، ان کان بعد الله تعالى ان ولايت کي پهاڙن جي اڳيان پيش ڪيو ته ٽن جبلن سڀني کان پهرين ان کي قبول ڪيو ته انهن کي فيروزي ، عقيق ۽ ياقوت جا جبل ڪري ڇڏيائين تنهن کان پوءِجن ٻين جبلن ولايت کي قبولڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي تن کي سون ۽ ڇاندي جي کاڻن سان مالا مال ڪري ڇڏيائين ۽ جن زمينن ان ولايت کي نه قبوليو ته انهن مان ڪوبه سلو نه ڦٽندو، غدير واري ڏينهن ولايت پاڻيءَ آڏو پيش ڪئي وئي ته پاڻي جي جنهن حصي به ان کي قبول ڪيو ته اهو مٺو ۽ لذت ڀريو ٿي ويو ۽ جنهن حصي ان کي قبول نه ڪيو ته اهو ٻاڙو ۽ کارو ٿي ويو ، انهي ڏينهن تي ولايت ميون آڏو پيش ڪئي وئي جنهن به ميوي ان کي قبول ڪيو ته اهو مٺو ۽ خوشبودار ٿيو ۽ جنهن به ان کي قبول نه ڪيو ته اهو کٽو ٿي ويو تنهن کان پوءِ ولايت پکين جي سامهون پيش ڪئي وئي جنهن به ان کي قبول ڪيو ته اهو ٻولڻ وارو ۽ سريلوٿي ويو ۽ جنهن نه قبوليو ته اني جي زبان ۾ هٽڪ اچي وئي ، انهن مومنن جي مثال جيڪي غدير خم واري ڏينهن علي جي ولايت  کي قبول ٿا ڪن انهن فرشتن واري آهي جن حضرت آدم آڏو سجدو ڪيو ۽ جنهن ان جي مخالفت ڪئي ته ان جي مثال ابليس واري آهي ، غدير واري ڏينهن هي آيت نازل ٿي ” اڄ جي ڏينهن توهان جي لاءِ توهان جي دين کي پورو ڪيم “ ۽ الله تعالى جنهن به پيغمبر کي موڪليو ته ان جو بعثت وارو ڏينهن غدير وانگر هو ۽ جنهن به پيغمبر سندس امت لاءِ پاڻ کان پوءِ ڪنهن وصي (وارث) ۽ جانشين کي مقرر ڪندوهو ته غدير جي ڏينهن جو احترام ڪندو هو ۽ ان ڏينهن تي  ئي پنهنجي وصي ۽ جانشين کي مقرر ڪندو هو.

( اقبال الاعمال سيد ابن طاووس ج 2 ص 260 _262 )     

  هي غدير جا اهي گوهر آهن  جن کان اٺين آقا آگاه ڪيو نه ته اسان کي ڪهڙي ڪل جو غدير جي مقام کي سمجھي سگھون اچو ته سڀئي گڏجي ان مالڪ جي بارگاه ۾ شڪرجا سجدا انجام ڏيون جنهن اسان کي اهڙا ڀلارا ڏهاڙا عطا ڪيا ۽ وري اهڙا عظيم انسان اسان جا اڳواڻ ڪيائين جن جي فضيلت ۽ مقام پاڻ ايترو ته بلند ڪيو اٿس جو پاڻ ئي ڄاڻي ۽ اهي هستيون ڄاڻن !