Get Adobe Flash player

حضرت بيبي فاطمة الزهراء جي زندگي ءَ جو هڪ خاڪو

نالو

فاطمہJ

ڪنيت

ام ابيها، اُم الآئمه،اُم الحسنين،اُم السبطين

مشهور لقب

زهرا،بتول،خيرالنساء،صديقه،محدثه،طاهره ،مرضيه

والد جو جو نالو

حضرت محمد مصطفي 6

والده جو نالو

حضرت بيبي خديجه بنت خُويلد بن اسد

ولادت جي تاريخ

20 جمادي الثاني،هجرت کان9  سال8  مهينا ۽ 22 ڏينهن پهريان

ولادت جي جڳهه

مڪة المڪرمه

شوهر جو نالو

علي ابن ابي طالب C

تعداد اولاد

امام حسن،امام حسين،حضرت زينب،حضرت ڪلثوم ۽ حضرت محسن F

عمر

18 سال 9 مهينا ۽ 15 ڏينهن

شهادت جي تاريخ

3 جمادي الثاني،11هجري

مدفن

جنت البقيع مدينه منوره

 

پهرئين ڳالهه: فاطمه زهرا J   ڪير آهي؟ 

 اهوڪير آهي جيڪوٻڌائي ته فاطمه زهراJڪير آهي؟ ۽ڪهڙي فضيلت جي مالڪ آهي؟ عزّت ۽ عظمت جي ڪهڙي مقام تي فائز آهي؟ ڪنهن جي جرئت آهي جو سيني تي هٿ هڻي دعوى ڪري ته مان زهرا Jجي ذات کي سڃاڻان ٿو۽ زهرا Jجي حقيقت منهنجي اڳيان آشڪار آهي؟جيئن اسان الله سائينءَ جي حقيقت کي سمجهڻ کان عاجز آهيون ۽ بس ايترو سمجهون ٿا جنهن خالق اسان کي ايتري سهڻي نموني خلق ڪري اسانجي آسائش جي هرشيءِ فراهم ڪئي آهي ان خالق کي پنهنجو معبود بڻائندي سندس بي پناهه قدرت کي سلام ڪندي سندس ڪيل احسانن تي شڪريو ادا ڪيون ٿا۽ سندس هر حڪم اڳيان سر تسليم خم ڪيون ٿا جڏهن ته سندس حقيقت کي سمجهڻ اسانجي وس کان ٻاهر آهي .
        ۽ جهڙي طرح خاتم النبيين رحمة للعالمين سيد المرسلين محمد مصطفى 6جي ذات جي حقيقي معرفت فقط الله سائينءَ ۽حضرت علي مرتضى Cکانسواءِ ٻين لاءِ ممڪن ناهي۽ جهڙي طرح مولاي ڪائنات اميرالمومنين سيد الوصيين علي ابن ابي طالب جي ذات جي رازن تائين پهچڻ ڪنهن بني بشر جو ڪم ناهي۽ فقط الله۽سندس رسول ئي انهن کي سمجهڻ جي سگهه رکن ٿا، ته بلڪل اهڙي طرح ڪوثر قرآن، بضعة الرسول،ام الاٰئمہ،سيدة نساءِ العالمين سائنڻ فاطمه زهراJ جي شخصيت کي سمجهڻ سندس عظمت ۽فضيلت جو ادراڪ ڪرڻ ۽ سندن بي مثل شخصيت۽ سمنڊ کان وڌيڪ گهري ذات جي تهن تائين پهچڻ لاءِ، ڪنهن جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي.

        هن وقت جيڪڏهن ڪو محقق حقيقت جي عينڪ پائي،اخلاص جي خوردبين سان سندن شخصيت کي سمجهڻ لاءِ تاريخ جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪري ته کيس هزارين سال لڳندا جو”ڪوثر فضائل“ جي بحر مان قطري برابر چکي سگهي ۽حقيقت زهرا کان ڦڙي برابر واقف ٿي سگهي

    جيڪڏهن ائين چئجي ته ”بتول عذراءِ“ جي حقيقي معرفت فقط يا الله ڄاڻي ٿو ۽سندس رسول9يا وري علي مرتضى۽سندس يارنهن فرزندئي ڄاڻن ٿا ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
      هاڻي جڏهن ”زهراءِ مصطفىJجو مقام ايترو بلند آهي ته پوءِ اسان هتي اهڙي عظيم شخصيت جي باري ۾ ڇا ٿا لکي سگهون؟ اسان جي سگهه ڪيتري آهي؟اسان هن تحرير ۾ بس اهو لکنداسين جيڪو سندن بي پناهه فضيلتن مان تاريخ جي آئيني ۾ سڀني کان اڳيان نظر اچي ٿو ۽ جيڪو سندن ذات جي پرطلاطم سمنڊ مان پنهنجن (جان جي خوف وچان)۽ پراين (دشمنيءَ۽ حسد ڪري)جي لڪائڻ باوجود تري ٻاهر آيو آهي.ان اميد سان بيان ڪنداسون ته شايد اها سائنڻ راضي ٿي پوي ۽سندن رضايت ملڻ ڪري خدا۽ رسول جي رضا اسان شامل حال ٿئي ۽ائين اسان آخرت جي طويل سفر لاءِ ڪافي مقدار ۾ ”زاد راهه“ هٿ ڪري وٺئون.
        الله سائينءَ طرفان موڪليل هي پاڪ نورجڏهن انسان جي شڪل ۾ مڪي جي سرزمين تي ظاهر ٿيو هئو تڏهن اسلام جو پڻ تازو آغاز ٿيوهئو ۽ رسول اسلام جي ”بعثت “ کي چار سال ئي مس گذريا هئا هن نور پاڪ جي ولادت کانپوءِ سندن نالو فاطمه Jرکيو ويو ليڪن اسان کينزهراءِ مصطفىJ چئون ٿا، البته ڇو؟ ان جو جواب پوءِ ڏينداسين .
       اسلام“ ۽ ”زهراءِ مصطفىJجي ٻئي خدا طرفان موڪليا ويا هئا هڪ شهر هڪ گهر۽هڪ ئي جهوليءَ ۾ پرورش پاتي،هڪ ٻئي سان هر ڏک درد ۾ شريڪ ٿيا ۽ جتي اسلام جي ترقي ۽ تڪامل جو هر راهه زهرا Jجي گهر مان ۽سندس اکين اڳيان ٿي کلي اتي زهرا J جي مٿان آيل مصيبتن جو تنها شاهد جيڪو اڄ تائين باقي آهي پڻ اسلام ئي آهي.اهو اسلام ئي ته هئو جنهن ڏٺو ته ڪيئن مڪي جي عورتن فاطمہJ جي مليڪة العرب ماءُ سان حق جي رسول 9جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوهه ۾ بائيڪاٽ ڪيو ۽کيس ضرورت جي وقت اڪيلو ڇڏي ڏنائون،پوءِ اها فاطمہJ ئي هئي جيڪا پيٽ پردي مان به پنهنجي ماءُ سان ڪچهري ڪري سندس تنهائيءَ جو مونس بڻي،ڇا اسلامي تاريخ اسان کي نه ٿي ٻڌائي ته جڏهن مڪي جا ڪافر حضرت محمد مصطفى9 جي مٿان نماز جي حالت ۾ غلاظتون ڦٽي ڪندا هئا ته اهوڪير هئو جيڪو انهن کي صاف ڪندو هئو؟،جڏهن مڪي جون بي حيا عورتون سندن راهه ۾ ڪچرو اڇلائينديون هيون ته ڪير هئو جيڪوسندن ڪپڙن کي پاڪ ڪندو هئو؟۽جڏهن مڪي جا بي ادب ٻار مائٽن جي هشيءَ تي کين پٿر هڻي زخمي ڪندا هئا ته ڪير هئو جيڪوسندن زخمن کي ڌوئي ڪري سندن چهري کي صاف ڪندوهئو؟۽ اهوڪير هئو جيڪو الله جي حبيب9لاءِ ان وقت آرام سڪون۽خوشي۽ راحت جو باعث بڻبو هو جڏهن پاڻ سڳورا اسلام جي تبليغ ڪندي دنيا جهان جي دشمني سهي واپس گهر ايندا هئا ؟
       انهن سوالن جي جواب ۾اسلام۽ تاريخ اسلام فقط هڪ ئي هستيءَ جي طرف اشارو ڪن ٿا يعني حضرت فاطمہ زهرا J ئي اها عظيم هستي آهي جيڪا پنهنجي پيءُ جي ڏکن ۾ شريڪ ٿي سندس سڪون جوسامان فراهم ڪندي هئي جنهن جو وڏي ۾ وڏو ثبوت رسول خدا جون ڪيتريون ئي حديثون آهن مثلا هڪ جاءِ تي فرمايواٿائون(كُلَّمَا اشْتَقْتُ إِلَى رَائِحَةِ الْجَنَّةِ شَمِمْتُ رَائِحَةَ ابْنَتِي فَاطِمَةَ )جڏهن به مان جنت جي خوشبوءِ سونگهڻ جو مشتاق ٿيندو آهيان ته پنهنجي ڌيءُ فاطمہ جي خوشبوءِ کي سونگهان ٿو .يا فرمائيندا هئا (فَدَ اهَا اَبُوۡهَا) فاطمہ جو پيءُ سندس مٿان قربان ٿئي يا (اُمُّ اَبِيۡهَا)  يعني حضرت زهرا Jکي ڏسي ڪري رسول خدا کي ايترو ته سڪون ملندو هئو جو کين پنهنجي ماءُ جو رتبو ڏيندي چيائون (اُمُّ اَبِيۡهَا) پنهنجي پيءُ لاءِ ماءُ جو رتبو رکڻ واري ۽ ان کان علاوهه ٻيون کوڙ ساريون حديثون آهي (جن کي اسان ” مقام زهرا رسول خدا جي نظر ۾“ جي عنوان سان هيٺ ذڪرڪنداسين)
        بهرحال وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو۽ جڏهن اسلام وارن لاءِ مڪي ۾ رهڻ تقريباً ناممڪن ٿي ويو،تڏهن الله جي نبيءَ9 الله سائينءَ جي حڪم تي مديني طرف هجرت ڪئي ۽سندن هجرت کان ڪجهه ئي وقت پوءِ حضرت فاطمہ زهرا Jڪجهه ٻين مسلمان عورتن سان گڏ حضرت عليCجي سربراهيءَ ۾ مڪي کان مديني طرف هجرت ڪئي ۽ ٺيڪ هجرت جي ٻئين سال سندن شادي مولاي ڪائنات امير المومنين علي ابن ابي طالبCسان ٿي جيڪا اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ نرالي شادي هئي جنهن ۾ جوڙي جوانتخاب الله سائين پاڻ ڪيو هئو جڏهن ته اعلان لاءِ ستارو زمين تي لهي آيو هئو جڏهن ته گهوٽ الله سائين جي گهر مان آيل هئو ۽ ڪنوار وري الله جي پياري رسول 9 جي گهران آيل هئي ڃاڃين ۾ ڪنواريتن پارن نوان مسلمان۽ اصحاب هئا جڏهن ته گهوٽ طرفان الله سائين انبياءَ ۽ مَلڪَن کي مقرر ڪيو هئو سيج حورن ۽ ملائڪن ٺاهي هئي ته سهرا مديني جي عورتن ڳايا هئا،بهرحال عالم اسلام جي اها پهرين ۽ بي مثال شادي هئي جنهن ۾ زمين کان آسمان تائين سڀ خوش هئا ۽ هر ڪنهن پنهنجي انداز ۾ ٿي خوشيءَ جو اظهار ڪيو،ان حَسين جوڙي جي بي نظير ميلاپ تي خود خالق پاڻ خوشي ٿي ملهائي، مدينو ته ڇا پر پوري ڪائنات تي الله جي رحمت ڇائي، ان بينظير شاديءَ ۾جتي خالق ڪائنات پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پياري ڪنيز کي ڏاج ۾ دنيا جهان جي بادشاهي ڏني اتي رسول خدا 9پنهنجي نياڻيءَ کي سادگي ۽ سچائي ڏني ،پوءِ جڏهن زهراءِ مصطفى J،زهراءِ مرتضى Jبه ٿي ته حضرت عليCجي زندگيءَ کي ڄڻ چار چنڊ لڳي ويا ۽زندگي شاد باد ٿي وئي جڏهن ته ان عظيم ازدواج جو ثمر هڪ لاجواب حسنC ٿيو ته ٻيو بي مثال لڄپال حسين Cٿيو.
        فاطمہ زهرا Jجي شادي کانپوءِ دنيا وارن اڳيان سندن عظمت ان وقت نڪري نروار ٿي جڏهن الله جي حبيب سيد مرسلين9 هرروز،صبح شام،هرسفر تي ويندي يا واپس ورندي سڀني کان پهريان فاطمہ زهراJ جي در تي( اَلسۡلَامُ عَلَيۡکُم ۡيَا اَهۡلَ بَيۡتَ النَبوُّةِ وَ مَعۡدِنُ الرِّسَالَة) چئي ڪري ٿي سلام ڪيو ۽ اهو اعلان ٿي ڪيو ته ( إِنَّ اللَّهَ لَيَغْضَبُ لِغَضَبِ فَاطِمَةَ وَ يَرْضَى لِرِضَاهَا ) الله سائين فاطمه Jجي ناراضگيءَ تي ناراض ٿئي ٿو ۽ سندس رضا تي راضي ٿئي ٿو. (مَنْ سَرَّهَا فَقَدْ سَرَّنِي وَ مَنْ سَاءَهَا فَقَدْ سَاءَنِي فَاطِمَةُ أَعَزُّ النَّاسِ عَلَيَّ) فاطمه Jجي خوشي ۽ منهنجي خوشي هڪ آهي جنهن کيس خوشحال ڪيو تنهن مونکي خوشحال ڪيو جنهن ان کي غمگين ڪيو تنهن مون کي غمگين ڪيو

       رسول الله 9 جي روش ڏسي عاشقان رسول پڻ سنت نبويءَ تي عمل ڪندي فاطمه Jجي در تي ڊيوٽي ڏيڻ شروع ڪري ڏني ڪن سلام ٿي ته ڪن ڪلام ،ڪن در تي ٻهاري ٿي ڏني ته ڪن فاطمهJجي غلامي ٿي ڏني ،هر هڪ جي ڪوشش هئي ته جيترو جلد ٿي سگهي فاطمه جي رضايت هٿ ڪجي ته جيئن هن جهان سان گڏ هن جهان ۾پڻ الله جي رسول9 اڳيان سرخرو ٿي سگهن

         البته ڪي اهي به هئا جن جو ايمان اڃان پختو نه هئو۽ رسول 9جي رسالت ۾ شڪ هئن يا نفاق جي مرض مان اڃان ڇٽا نه هئا يا وري قلب ۾سوڙهه ۽دل ۾ حسد ۽جگر ۾ دشمنيءَ جي باهه هئن جو پيءُ جو ڌيءُ کي اهميت ڏيڻ کين ٽڪو نه ڀائنيو۽ ورتا ٿي سازشون سٽيندا ته ماڻهن کي بدگمان ڪن ته رسول ”اقربا پروري“ پيو ڪري ۽ پنهنجن کي پيو نوازي ورنه اهو ڪو الله جو حڪم ٿورئي آهي؟

      الله سائينءَ کي سندن پليت ارادا ٽڪو نه وڻيا ۽ سندن منهن ڪارو ڪرڻ لاءِ جبرائيل امين کي آيت مودت ڏئي مٺي مرسل9 جي دربار ۾موڪليائين ته اعلان ڪري ڇڏ (قُلْ لا أَسْئَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبى‏) ته توهان کي گمراهيءَ مان ڪڍي هدايت جي راهه ڏيکارڻ،ڪفر مان ايمان طرف آڻڻ۽ اسلام جهڙو پسنديده دين توهان تائين پهچائڻ جو واحد ۽فقط واحد اجر اهو ٿو گهران ته منهنجي اهل بيت سان مودت ۽محبت ڪريو(‏فَآتِ ذَا الْقُرْبى‏ حَقَّه) ته پوءِ اهلبيت کي پنهنجو حق ڏيو ورنه توهان جي مسلمانيءَ ۾ به شڪ آهي .
       پوءِ ته هر ڪنهن کي اچي سر جي لڳي ۽ ورتا بهانا ڪندا ته اسان کي ڪهڙي خبر ته اهلبيت ڪير آهن پوءِ جڏهن اڻ سڌي رسول 9کان پڇائون ته رسول9 پنهنجي اهلبيت جو ڪامل تعارف ڪرائيندي فاطمهJ کي مرڪز بڻايو۽الله سائين جي ڪلام جي حڪايت ڪندي فرمايو(هُمۡ فَاطِمَةَ وَ أَبوهَا وَ بَعْلُهَا وَ بَنوهَا ) ته اهلبيت فاطمہJ سندس والد ،شوهر۽سندس ٻه فرزند آهن
     بهرحال جيئن جيئن مديني ۾ ڏينهن گذرندا ٿي ويا اسلام جي ترقيءَ سان گڏ زهرا۽ سندس ڪنٽب جا فضائل به ماڻهن اڳيان ٿي نروار ٿيا جڏهن به رسول خدا 9جي نظر پنهنجي ڌيءُ تي ٿي پئي جي ويٺل هئا ته اٿي ٿي پيا جيڪڏهن بيٺل هئا ته سندن اسقبال لاءِ ٿي ڊوڙيا پنهنجن ۽ پراين سڀني ٿي( لَايَنۡطِقِ عِنۡ الهَوۡىٰ) جي مالڪ رسول 9جو زهراءِ مرضيه J سان ٿيل قرب ۽ محبت ڏٺي جا کٽي نه پئي کٽي،ايستائين جو زهرا Jجي ٻچن کي فرزندان رسول9چئي ڪري سندن هر ناز نخرو ٿي پورو ڪيائين،ڪڏهن ڪلهي ٿي کنيائين ته ڪڏهن رانديون ٿي کيڏايائين،ته ڪڏهن وري خطبا ڇڏي سيني تي لاتائين ته ڪڏهن سجدي ۾ويهي انتظار ٿي ڪيائين ته پنهنجي رضا تي لهن ۽ڏک مور نه ڏسن.
       هڪ دفعي ”زهراءِ مصطفىJجي ٻچڙن لاءِ ڪائنات جا رسول سواري بڻجي مديني جي گهٽين مان ٿي گذريا ۽ ڪنهن صحابيءَ زهرا Jجي ٻچڙن جي قسمت تي رشڪ ڪندي چيائين سواري ڪيڏي نه ڀلي آهي ؟ ته ڪائنات جي رسول9 کيس تنبيهه ڪندي فرمايو سوار به ته ايڏا ئي ڀلا آهن.
         سون تي سهاڳ ته تڏهن لڳو،جڏهن حجة الوداع تان ورندي الله سائين جبرائيل امين کي مٺي مرسل9 ڏي موڪليوته ”پيغام عظيم“ جي تبليغ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي پوءِ غدير جي ميدان ۾ اهوتاريخي اعلان ٿيو ته رسول 9کان بعد مومنن جو امير زهراءِ مصطفىJجو شوهر علي ابيطالبJ آهي . پوءِ ته پنهنجن ۽پراين ٿي مبارڪون ڏنيون۽ بخاً بخاً چيو هرهڪ ٿي بيعت ڪئي ،ليڪن اندر ۾ بعض اهلبيت رکڻ وارن اعتراض ڪيو پوءِ جيڪو مخالفت ڪري نري نروارٿيو تنهن کي الله جي طرفان عذاب ٿيو،اهو حال ڏسي ٻين خاموشيءَ ۾ ئي خيريت سمجهي چپ ڪئي.
        بهرحال زهرا Jجي وسيل گهر کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي؟ يا ائين کڻي چئون ته الله سائينءَ کي پنهنجن پيارن جو امتحان مطلوب هئو جو جوسن 11هجريءَ ۾ گهر جي وڏي بلڪه ڪائنات کان وڏي ماڻهوءَ جو انتقال ٿيو،جڏهن ڪائنات جي رسول 9دنيا ڇڏي ته زهرا Jجي زندگيءَ جا سڀ رنگ ڦٽي ويا مديني جي شهر تي ڄڻ راڪاس گهمي ويو جو گهٽيون سنسان ۽ زهرا Jجو در۽گهر ويران ٿي ويو ۽ ڪائنات جي عورتن جي سردار بيبيءَ تنها ماتم پئي ڪيو۽ دل ۾ آس هيَن ته مديني جا مسلمانَ کين تسليت ڏيڻ ايندا ليڪن مديني جي ماڻهن کي الائي ڪهڙي هوا لڳي هئي جو زهرا Jته ٺهيو خود رسول پاڪ 9 جي ئي ياد وسري وئي هئن ۽ جڏهن ياد آين تيستائين رسول پاڪ 9ميت مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي چڪي هئي .
    بهرحال جڏهن ياد آين تڏهن تسليت ڏيڻ لاءِ زهراJ وٽ آيا ليڪن هٿن ۾ گلن بجاءِ باهه ۽پٿر کڻي آيا،تعزيت جي لفظن بجاءِ ڌمڪيون ڏيڻ آيا،۽ پوءَ زهرا Jجي د رتي اچي ڪري  سلام ڪرڻ بجاءِ در کي ئي باهه ڏنائون حسد۽ ساڙ ۾ ايترا ته انڌا ٿي ويا هئا جواهو به ياد نه رهيو هئن ته هي اهو در آهي جتي ڪل نبين جو سردار نبي 9بيهي ڪري سلام چوندو هئو۽اجازت وٺڻ کانسواءَ ملائڪن جوسردار به پيرنه پائيندوهو،زهرا J کي تسلي ڏيڻ بجاءِ سندن مٿان دروازوڪيرايائون ۽ رسول الله 9 جو اهو فرمان وساري ويٺا ته (فَاطِمَةُ بَضۡعَةٌ مِنّي فَمَنۡ اٰذَاهَا فَقَدۡ اٰذَانِيۡ) فاطمه منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي جنهن ان کي رنجايو تنهن مون کي رنجايو يا فرمايائون ( إِنَّ اللَّهَ لَيَغْضَبُ لِغَضَبِ فَاطِمَةَ وَ يَرْضَى لِرِضَاهَا   ) الله سائين فاطمه Jجي ناراضگيءَ تي ناراض ٿئي ٿو ۽ سندس رضا تي راضي ٿئي ٿو
 تنهن هوندي به زهرا Jکي رنجايائون۽ سندن شوهر ۽مومن جي امير کي ڳچيءَ ۾ رسي وجهي رومي غلامن وانگر گرفتار ڪري مسجد نبويءَ ۾ ان منبر اڳيان اقرار ٿي ورتائون جنهن منبر تان سندن ڀاءُ سيد المرسلين سوين دفعا سندن ولايت جو اعلان ڪيو هئو ،وقت جي ستم ظريفي چئجي يا ماڻهن جي بي شرمي جو کائنس اهي ماڻهو پيا بيعت وٺن جي غدير جي مقام تي کيس بخاً بخاً چئي مبارڪ ڏني هئي ۽سندن هٿ تي بيعت ڪئي هئي.
وقت گذرندو رهيو ليڪن زهرا Jجي زخمن لاءِ  مرهم نه بڻجي سگهيو جو زهرا Jجا غم کٽڻ واري ئي نه پيا ڪن، پوءِ اهو ڏينهن به آيو جنهن تاريخ جي ورقن تي سياهي ملي ڇڏي ۽ مسلمانيءَ جي دعويدار ڪجهه ماڻهن جي منهن تي اهڙو ڪارو داغ ٺاهيائين جو دنيا جي ستن سمنڊن جو پاڻي به انهن کي مٽائڻ لاءِ گهٽ آهي،۽پوءِ ان داغ کي  جيترو مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي  ٿيوئي اهو ايترو  ئي چٽو ٿي ٿي بيٺو.
             ان ڏينهن ”زهراءِ مصطفى  J کي مسجد مصطفوي مان خالي موٽايو ويو هئو جنهن مان هوءَ ڪڏهن به خالي نه موٽي هئي ،ان مسجد مان روئندي موٽايو ويو هو جنهن مان هوءَ هميشه خوش وخرم موٽندي هئي ان ”صديقہ “کي ڪوڙو ڪري موٽايو ويو جنهن جي صداقت جي گواهي قرآن ڏني هئي ، ان زهرا Jکان گواهه ٿي گهريا ويا جنهن جو وڏي ۾ وڏي گواهه خود خدا هئو.
       مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن مسلمانن کي اها سادي ڳالهه سمجهه ۾ ڇونه ٿي آئي ته جنهن زهراءِ مرضيه Jجي در جي غلامي ڏيندڙ عمار جهڙي صحابيءَ جي هڪ گواهي ٻن گواهن برابر هئي ته پوءَ خود زهرا Jجي شهادت ٻن گواهن برابر ڇونه ٿي سگهي؟ اهي ماڻهو الله جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد ۾ آيت شامل ڪرڻ لاءِ هڪ ياٻن عام ماڻهن جي شهادت کي ڪافي پيا سمجهن  سي پاڻ کي ڪيئن راضي ڪري سگهيا ته صديق اڪبر علي ابن ابي طالب Cجي شهادت کي زمين جي هڪ ٽڪري لاءِ قبول نه  ڪن،
      جواب ۾ فقط اها ڳالهه ٿي سمجهه ۾ آئي ته اصلاً زهراJ جي حق ۾ فيصلو ٿيڻو ئي نه هو ڇو جو خود جوابدار ئي قاضي بڻيل هئا،خود مجرم ئي منصف هئا ،ته پوءِ اهڙي صورت ۾ انصاف جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ؟
     بهرحال دربار رسول مان ڪوڙو ڪري موٽائڻ جو صدمو زهراءِ مرضيه Jلاءِ اهڙو ته سخت هئو جو تاريخ وارا اهو ٿا لکن ته واپس موٽڻ واري زهرا هئي ته 18 سالن جي ليڪن وارا سفيد ٿي چڪا هئس، شديد غم و غصي جي ڪري طاقت ختم ٿي چڪي هئس،
        دربار مان واپس ورڻ وري زهراJ  چيلهه تائين جهڪيل هئي ۽هرچند قدم هلڻ کانپوءِ ساهي ٿي کنيائين ۽پوءِ جڏهن گهر پهتي ته اهڙي ته مريض ٿي جو شهادت تائين ڪنهن زهرا کي گهر کان ٻاهر نه ڏٺو۽واپس ورڻ کانپوءِ سندس ڪم فقط وصيتون ڪرڻ ۽ علي Cکي اولاد جون پارتون ڪرڻ هئو،
   حضرت علي Cکي جيڪي وصيتون ڪيائين تن مان ڪي چند هي هيون:
1_
ياعليC تون پاڻ مونکي غسل ڏجان ڪفن ڏجان ۽پاڻ دفن ڪجان
2_
يا عليC مون کي رات جي  پيٽ ۾غسل ڪفن ڏجان۽رات جو ئي دفن ڪجان
3_
يا عليC جن مون کي رنجايو آهي تن کي منهنجي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏجان
4_
ياعلي Cمنهنجي لاءِ تابوت ٺاهجان۽ دفن ڪرڻ کانپوءِ منهنجي قبر جا نشان مٽائي ڇڏجان
          دل ماتم ٿي ڪري جڏهن اهو تصور ٿا ڪيون ته اهي وصيتون ڪرڻ واري  زهراJ هئي، اها زهرا هئي،جنهن جو پيءُ نبين جو سردار ،شوهر وليّن جو سردار،فرزند جنت جي جوانن جا سردارآهن، جڏهن ته پاڻ ڪائنات جي سڀني عورتن جي سردار آهي ۽ ڪائنات جون سڀ شيون کيس ڏاج مليون هيون۽دنيا سندس صدقي ۾ بڻي هئي
هي ان زهراءِ مصطفى Jجون وصيتون آهن جنهن جي در تي اصحاب کان انبياءَ تائين ۽انبياءِ کان ملائڪن تائين هر هڪ سلام ڪندو۽ صلوات پڙهندو هئو
بهرحال خاتم النبيين جي وفات کان فقط ٽي مهينا پوءِسندن 18 سالن جي نياڻي دنيا جي ڏکن آجي ٿي۽ پنهنجي بابا سان وڃي ملي، ضرور کيس ٻڌايو هوندائين ته سندن وڃڻ کانپوءِ اهي ٽي مهينا زهراءِ مرضيه Jمٿان ڪيترا سخت گذريا۽ سندن اصحابن مان ڪير ڪيترو ساڻن وفاداررهيو؟ باقي حضرت فاطمه زهراJ جي مٿان ظلم ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينهن رسول الله 9کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا ۽ رب العالمين اڳيان ڪهڙي منهن سان پيش ٿيندا اهو وقت ٻڌائيندو...................................................


اَللٰهُمَّ صَلِّ عَلى سَيِّدَتِيۡ فَاطِمَةَ الزَهۡرَاءِ اَبِيۡهَا وَ بَعۡلِهَا وَبَنِيۡهَا وَالۡعَنۡ عَلى اَعۡداءِ الدِّين ظَالِمِيۡهَا

پهرين ڳالهه پوري ٿي

  مددي ڪتاب

المجالس (شيخ مفيد)
عيون اخبار امام رضا ع (شيخ صدوق)
مستدرڪ الوسائل (شيخ محدث نوري)
الامالي للصدوق (شيخ صدوق)
المناقب (ابن شهر آشوب)
بحار الانوار (علامه محمد باقر مجلسي)
تاريخ سياسي اسلام (رسول جعفريان)
عبدالله ابن سبا (علامه مرتضى عسڪري)

هلندڙ............................................................................

2.      ٻئين ڳالهه : فاطمه زهرا Jخالق اڪبر جي نظر ۾

3.     ٽئين ڳالهه :  فاطمه زهراJ J مصطفى۽آل مصطفى جي نظر ۾

4.      چوٿين ڳالهه: فاطمه زهراJJ  حق جي حمايت ۾

5.      پنجين ڳالهه: فاطمه زهرا J J حق جي  حمايت کان شهادت تائين