Get Adobe Flash player

مهاڳ

سڀ ساراهون ان الله لاءِ مخصوص آهن جيڪوعالمين جو پالڻهار آهي۽ الله جا بي انت درود ۽ سلام هجن سندس انهن ٻانهن تي جن کي پاڻ چونڊي پنهنجوجانشينَ ۽خليفو مقرر ڪيائين.۽ کين پنهنجي سڄي مَخلوق مٿان کين پنهنجي حجت ۽ پاڻ تائين پهچڻ جو ذريعوقرارڏنواٿس. منهنجي مرادسهڻو سردارمٺڙومحمد ۽سندس طيب ۽ طاهر آل(ع) آهي۽اڻ کٽ ڦٽڪارون هجن انهيءَ تي جيڪو مٺڙي معبود جي پياري ٻانهي، سهڻي رسول۽ان جي پاڪ ۽ پاڪيزه آل (ع) سان وير،رکيو. مذهب اهل بيت (ع) ۾ دعا۽زيارت کي هڪ خاص مقام حاصل آهي ڇاڪاڻ ته انهن عميق معارف ۽ اونها حقائق ۽ عبرتن ڀريل درس ۽ سکياڏيندڙفرمان موجود آهن.حقيقت ۾ڏٺووڃي ته دعا ۽زيارت ٻه وڏيون ديني درسگاهون آهن ۽ انهن جا چوڏنهن اهڙا بي مثال استاد آهن جن دنيا جي ڪنهن درسگاهه مان علم نه پرايو آهي ۽ کين سڀ ڪجهه الله تبارڪ و تعالي کان مليو اهي الله کان ئي سکيا،پڙهيا آهن.هنن پنهنجي معبود کان حقيقي علم پرايو آهيانهن ٻنهي درسگاهن ۾اڻ لڀ،آفاقي،سماوي ۽ اعلي سطح جا ڪتاب ڪورس ۾ رکيل آهن جهڙوڪ:“صحيفه علويه“،صحيفه سجاديه”،((ڪامل الزيارات))،((مصباح المتهجد))،((اقبال الايمان)) ،((جمال الاسبوع))، ((فلاح السائل)) ،((مهج الدعوات)) ،((جُنه الامان الواقعيه))(جيڪو مصباح ڪفعمي جي نالي سان گهڻومشهور ۽معروف آهي)،((زادالمعاد))،((مصباح الزائر))((المزار))۽ ((مفاتيح الجنان))۽انهن جهڙا ٻيا ڪتاب.هنن ٻنهي درسگاهن ۾ پڻ بي مثال شاگرد آهن جهڙوڪ:ڪميل بن زياد(رح)،ابو حمزه ثمالي(رح)،صفوان جمال(رح)،سيف بن نمير(رح)،علقمه(رح)۽...ساڳئي نموني سان شيخ الطائفه شيخ طوسي(رح)،ابن قولويه(رح))سيدابن طاووس((رح)) ۽محمد بن مشهدي(رح) ۽عباس قمي(رح)وغيره.هائوجيڪي به دعائون ۽زيارتون هنن ٻنهي درسگاهن جي استادن طرفان نڪتيون آهن اهي سڀ پنهنجومٽ پاڻ آهن پر جيڪي دعائون۽ زيارتون الله آخري حجت،۽آخري خليفي،۽بقيّه الله الاعظم((روحي له الفداء )) حضرت ابا صالح المهدي(عج) طرفان غيبت جي پردي پٺيان صادر ٿيون آهن، اهي هڪ خاص لطف ۽ سُونهن رکن ٿيون ۽ انهن دُعائن۽ زيارتن جو مزو ئي پنهنجو آهي ،ڇو نه ائين هجي جڏهن ته اهي دعائون ئي اهڙيون آهن جن کي اسان جي وقت جي امام،حسن عسڪري(ع) جي نورالعين حضرت امام مهدي (عج) جن پڙهيون آهي ۽ اهي زيارتون اُهي آهن جن کي پڙهڻ جو حڪم الله جي آخري حجت ڏنو آهي،هي انهن پاڪ لبن تان جاري ٿيون آهن جن مان مڙني گُلن جو رنگ وبوءِ ۽سُونهن پاتي وڃي ٿي. جيڪا انسان جي روح ۾ سرائيت ڪري وڃي ٿي.حضرت امام عصر(عج) طرفان صادر ٿيل زيارتن مان هڪ ((زيارت آل ياسين)) آهي جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي،مذهب اهلبيت (ع) ۾هن زيارت کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي،هن زيارت جون خُصوصيتون بلڪل نراليون آهن.

 

هن زيارت جا مکيه حوالا (منبع)

هن زيارت جا مکيه حوالا (منبع) هيٺ ڄاڻايا وڃن ٿا؛

1_الاحتجاج،ج2،ص316_318 :ـشيعه ڪتابن ۾ الاحتجاج قديمي ترين ڪتابن مان هڪ آهي جنهن ڪتاب ۾ هيءَ زيارت آيل آهي.هن ڪتاب جو ليکڪ ابو منصور احمد بن علي بن ابي طالب طبرسي آهي،هيءُ بزرگوار ڇهين صديءَجي عالمن مان آهي، “علم الرجال” جي سڀني عالمن ۽ ماهرن هن کي وڏي اهميت ۽ عظمت سان ياد ڪيو آهي

2_بحارالانوار،ج53،ص 171_173: هن ڪتاب ۾ حضرت امام عصر “عج”جي توقيعات واري ۾ ذڪر ٿيل آهي ان کان علاوهه هن ئي ڪتاب جي جلد 94، ص 2_ 5۽جلد 102،ص81_83 ۾ به تڪرار ٿئي آهي.

3_فوز اڪبر در توسلات به امام منتظر(ع)،ص68_70

هيءُ ڪتاب حجت الاسلام مرحوم ميرزامحمد باقر فقيه ايماني(رح) جي تاليف آهي . هن ڪتاب ۾حضرت امام عصر(ع) جي لاءِ نقل ٿيل زيارتن ۾ سڀ کان پهريان هن زيارت (زيارت آل ياسين) کي آندو آهي

4_تڪاليف الانام في غيبت الامام(عج)ص135_138

هن ڪتاب جو ليکڪ صدر الاسلام همداني (رح)آهي. هيءَ زيارت تڪليف (ذميواري)نمبر25 ۾ذڪر ٿيل آهي

5_مفاتيح الجنان،ص 523_525

هن ڪتاب جوليکڪ مرحوم ثقةالمحدثين الحاج شيخ عباس قمي(رح)آهي،هن ڪتاب ۾ مرحوم عباس قمي(رح)حضرت امام عصر(عج) لاءِ ذڪر ڪيل زيارتن ۾ سڀ کان پهريان هن زيارت کي ذڪر ڪيو آهي.

هن زيارت جي ڄاڻايل خُصوصيتن کان علاوهه هڪ وڏي خُصوصيت اها آهي ته هن زيارت جي تعليم ڏيندڙ اهو امام معصوم آهي جنهن جي هنن جملن سان زيارت ڪري رهيا آهيون،۽زيارتن ۾ ڪابه اهڙي زيارت نه آهي جنهن ۾ هڪ امام معصوم پنهنجي زيارت جو طريقو ۽ زيارت جا جملا پاڻ بيان ڪري،

امام هن زيارت لاءِ پنهنجي صادر ٿيل توقيع (خط) مبارڪ جي شروعات هيئن ڪئي آهي:

بسم الله الرحمن الرحيم

((لا لامر الله تعقلون ولا من اوليائه تقبلون حکمةبالغهفما تغن النذر عن قوم لا يؤمنون؟ السلام علينا و علي عباد الله الصالحين إذا أردتم التوجه بنا إلي الله و إلينافقولو کما قال الله تعالي :سلام علي آل ياسين....))

رحمن ۽ٻاجھاري الله جي نالي سان شروع : نه توهان خدا جي امر بابت سوچ ويچار ڪريو ٿا ۽ نه وري سندس اولياءکان ڪا شيءِ قبول ڪريو ٿا. حڪمت ته ڪامل ۽ پوري آهي ليڪن انذار(ڌمڪين) جو ان قوم کي ڪهڙو فائدو جيڪا ايمان نه ٿي آڻي. اسان ۽ الله جي صالح ٻانهن تي سلام هجي.جڏهن به توهان اسان جي وسيلي الله تعالي ۽ اسان ڏانهن متوجھ ٿيڻ چاهيو (اسان سان توسل ڪرڻ چاهيو) ته پوءِ ائين چئو جيئن الله تعالي فرمايو آهي.. سلام هجي آل ياسين (محمد مصطفيجي آل) تي .....

هن زيارت جي مٿي ذڪر ٿيل خُصوصيتن ۽ پنهنجي ذاتي ذوق ۽ سنڌيءَ ۾ان جي ضرورت کي ڏسندي مون هن جو آسان ۽ واضح سنڌي ترجمو ڪيو آهي. انهيءَ آس تي ته شايد ان ملڪوتي بارگاهه ۾ اگهامي پوي . سچ چوندا آهن: اگهي ته پاء نه ته مڻن کي ئي موٽ. اميد ته اسان جي هيءَ ننڍڙي ڪوشش،ڪاوش،محنت زحمت مٺڙن،من موهيندڙ ملڪوتي انسانن جي اعلى ۽ عظيم بارگاهه ۾ اگهامي پوي.

نوٽ:

جيئن ته هن زيارت جا مضمون ۽ مطالب ٻن حصن تي مشتمل آهي تنهنڪري ترجمو پڻ ٻن حصّن ۾ جدا جدا عنوان سان ڪيو ويو آهي،پهريون حصو”سلام يا مهدي عليه السلام)“ ۽ ٻيون حصّو”منهجا مولاگواهه رهجان“ جي عنوان سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ۽ زيارت جو عربي متن پڻ آندو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ وارن کي سمجهاڻيءَ سان گڏ وڌيڪ ثواب به حاصل ٿئي ۽ کين زيارت ۾ ذڪر ٿيل عميق مطالب تي غور و فڪر،سوچ ويچار، تفڪر ۽ تدبر ڪرڻ جو موقعو ملي. اميد آهي ته اسان جي ڀائرن۽ ڀينرن سان گڏو گڏ اسان جي بزرگن کي پڻ اسان جي اها ڪاوش ۽ ڪوشش پسند ايندي.

سلام يا مهدي عليه السلام

(1)سَلامٌ عَلى‏ آلِ ياسين ‏(2) اَلسَّلامُ عَلَيک يا داعِىَ اللَّهِ وَرَبَّانِىَّ آياتِهِ(3) اَلسَّلامُ عَلَيک يا بابَ اللَّهِ وَدَيانَ دينِهِ، 4) اَلسَّلامُ عَلَيک يا خَليفَةَ اللَّهِ‏ وَناصِرَ حَقِّهِ،(5) اَلسَّلامُ عَلَيک يا حُجَّةَ اللَّهِ وَدَليلَ اِرادَتِهِ (6) اَلسَّلامُ عَلَيک‏ يا تالِىَ کتابِ اللَّهِ وَتَرْجُمانَهُ، (7) اَلسَّلامُ عَلَيک فى‏ آناءِ لَيلِک وَاَطْرافِ‏ نَهارِک (8) اَلسَّلامُ عَلَيک يا بَقِيةَ اللَّهِ فى‏ اَرْضِهِ،(9) اَلسَّلامُ عَلَيک يا ميثاقَ‏ اللَّهِ الَّذى‏ اَخَذَهُ وَوَکدَهُ، (10) اَلسَّلامُ عَلَيک يا وَعْدَ اللَّهِ الَّذى‏ ضَمِنَهُ، (11) اَلسَّلامُ عَلَيک اَيهَا الْعَلَمُ الْمَنْصوُبُ، وَالْعِلْمُ الْمَصْبُوبُ وَالْغَوْثُ‏ وَالرَّحْمَةُ الْواسِعَةُ، وَعْداً غَيرَ مَکذوُبٍ،

(1) سلام هجي هجي ياسين جي آل (سهڻي سردار محمد جي آل(تي. (2) سلام هجي تو تي، اي الله ڏانهن مخلوق کي دعوت ڏيندڙ ۽ سندس نشانين جي پالنا ڪندڙ (3) سلام هجي تو تي اي الله جا دروازا(الله تائين خلق جي پهچڻ جا ذريعا۽ وسيلا) ۽ ان جي دين جا حاڪم (4) سلام هجي تو تي،اي الله جا جا نشين ۽ ان جي حق جا مددگار ! (5) سلام هجي تو تي،اي الله جي حجت ۽ اُن جي ارادي جي رهنمائي ڪندڙ (6) سلام هجي تو تي،اي الله جي ڪتاب جي تلاوت ۽ تفسير ڪرڻ وارا (7) سلام هجي تو تي، تنهنجي رات جي سڀني گھڙين ۾۽تنهنجي ڏينهن جي سڀني حصن ۽ پاسن ۾(8) سلام هجي تو تي ،اي الله جي زمين ۾ ان طرفان باقي رکيل.(9) سلام هجي تو تي،اي الله جا عهد جنهن کي ان ورتو ۽ مضبوط ڪيو(10) اي سلام هجي تو تي، اي الله جا اهي واعدا ،جنهن جي هن ضمانت ڪئي آهي. (11) سلام هجي تو تي، اي نصب ٿيل(کوڙيل)عَلَم،۽پکڙيل عِلۡمَ،فرياد ٻڌڻ وارا،۽ اي وسيع رحمت، (بيشڪ)هيءُاهڙو سچو واعدو آهي جيڪو ڪڏهن به ڪوڙو نه ٿيندو.

(12) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تَقوُمُ، (13) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تَقْعُدُ، (14) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تَقْرَءُ وَتُبَينُ، (15) اَلسَّلامُ‏ عَلَيک حينَ تُصَلّى‏ وَتَقْنُتُ،(16) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تَرْکعُ وَتَسْجُدُ، (17) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تُهَلِّلُ وَتُکبِّرُ، (18) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تَحْمَدُ وَ تَسْتَغْفِرُ، (19) اَلسَّلامُ عَلَيک حينَ تُصْبِحُ وَتُمْسى (20) اَلسَّلامُ عَلَيک فِى‏ اللَّيلِ اِذا يغْشى‏، وَالنَّهارِ اِذا تَجَلّى (21) اَيهَا الْإِمامُ‏ الْمَاْموُنُ (22)اَلسَّلامُ عَلَيک اَيهَا الْمُقَدَّمُ الْمَاْموُلُ(23) اَلسَّلامُ عَلَيک بِجَوامِعِ‏ السَّلامِ.

(12( توتي ان گھڙيءَ سلام هجي جڏهن تون اٿي بيهين ٿو. (13) توتي ان گھڙيءَ سلام هجي جڏهن تون ويهين ٿو. (14) توتي ان گهڙيءَ سلام هجي جڏهن تُون پڙهين ٿو ۽ بيان ڪرين ٿو. (15) توتي ان گھڙيءَ سلام هجي جڏهن تون نماز ادا ڪرين ٿو ۽ قنوت پڙهين ٿو (16) توتي ان گهڙيءَ سلام هجي جڏهن تون رڪوع ۽ سجدو ڪرين ٿو. (17) توتي گهڙيءَ سلام هجي جڏهن تون لااله الا الله ۽ الله اڪبر چوين ٿو. (18) توتي گهڙيءَ سلام هجي جڏهن تون الله جي واکاڻ ڪرين ٿو ۽ جنهن وقت تون استغفار ڪرين ٿو . (19) توتي صبح ۽شام سلام هجي(20) توتي رات جي اونداهيءَ۾ سلام هجي ۽ توتي چٽي ۽ پڌري ڏينهن ۾سلام هجي(21) اي امين امام توتي سلام هجي . (22) توتي سلام هجي اي اهي امام جنهن جي اڳواٽ آرزو ڪئي وئي (23) مڙني سلامن سان توتي سلام .

”منهنجا مولا گواهه رهجان“

(1)اُشْهِدُک يا مَوْلاىَ اَ نّى‏ اَشْهَدُ اَنْ لا اِلهَ اِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لا شَريک لَهُ، (2) وَاَنَّ مُحَمَّداً عَبْدُهُ وَرَسوُلُهُ (3) لا حَبيبَ اِلاَّ هُوَ وَاَهْلُهُ، (4) وَاُشْهِدُک يا مَوْلاىَ اَنَّ عَلِياً اَميرَ الْمُؤْمِنينَ حُجَّتُهُ (5) وَالْحَسَنَ حُجَّتُهُ (6) وَالْحُسَينَ حُجَّتُهُ، (7) وَعَلِىَّ بْنَ الْحُسَينِ حُجَّتُهُ، (8) وَمُحَمَّدَ بْنَ عَلِىٍّ حُجَّتُهُ. (9) وَجَعْفَرَ بْنَ مُحَمَّدٍّ حُجَّتُهُ (10) وَموُسَى بْنَ جَعْفَرٍ حُجَّتُهُ

(1) اي منهنجا مولا آئون تو کي گواهه ٿو بڻايان ته بيشڪ مان شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواء ڪو به عبادت جي لائق نه آهي،هُو اڪيلو آهي ۽ سندس ڪو به شريڪ نه آهي(2)۽حضرت محمد مصطفيٰالله جو ٻانهو۽اُن جو رسول آهي (3) سواء ان جي ۽ سندس آل جي ڪوبه حبيب نه آهي.(4) اي منهنجا مولا مان توکي گواهه بڻائي اها گواهي ڏيان ٿو ته بيشڪ حضرت امير المومنين علي بن ابي طالب عليه السلام،الله جي حجّت آهي(5) ۽ حضرت امام حسن مجتبي عليه السلام الله جي حجت آهي(6) ۽حضرت امام حسين عليه السلام الله جي حجت آهي (7) ۽حضرت امام علي(زين العابدين) بن الحسين عليه السلام الله جي حجت آهي (8) حضرت امام محمد (باقر) بن علي عليه السلام الله جي حجت آهي (9) ۽حضرت امام جعفر(صادق)بن محمد عليه السلام الله جي حجت آهي(10) ۽حضرت امام موسي (ڪاظم) بن جعفر عليه السلام الله جي حجت آهي .

(11) وَعَلِىَّ بْنَ موُسى‏ حُجَّتُهُ، (12) وَمُحَمَّدَ بْنَ عَلِىٍّ حُجَّتُهُ، (13) وَعَلِىَّ بْنَ مُحَمَّدٍ حُجَّتُهُ (14) وَالْحَسَنَ بْنَ‏ عَلِىٍّ حُجَّتُهُ (15) وَاَشْهَدُ اَ نَّک حُجَّةُ اللَّهِ (16) اَنْتُمُ الْأَوَّلُ وَالْأخِرُ (17) وَاَنَّ رَجْعَتَکمْ‏ حَقٌّ لا رَيبَ فيها (18) يوْمَ لا ينْفَعُ نَفْساً ايمانُها، لَمْ تَکنْ آمَنَتْ مِنْ قَبْلُ‏ اَوْ کسَبَتْ فى‏ ايمانِها خَيراً، (19) وَاَنَّ الْمَوْتَ حَقٌّ،(20) وَاَنَّ ناکراً وَنَکيراً حَقٌّ،

(11) ۽حضرت امام علي(رضا) بن موسى عليه السلام،الله جي حجت آهي (12) ۽حضرت امام محمد(تقي) بن علي عليه السلام،الله جي حجت آهي (13)۽حضرت امام علي(نقي) بن محمدعليه السلام الله جي حجت آهي . (14۽حضرت امام حسن(عسڪري) بن علي عليه السلام الله جي حجت آهي.(15) ۽ آئون گواهي ڏيان ٿو ته تون الله جي حُجّت آهين. (16) ۽ مان گواهي ڏيان ٿو ته توهان پهريان۽ آخري آهيو.(17) ۽ آئون توهان کي گواهه بڻائيندي گواهي ٿو ڏيان ته بيشڪ توهان جي رجعت حق آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي.(18 جنهن ڏينهن ڪنهن به شخص کي اُن جو ايمان آڻڻ،فائدو نه پهچائيندو،(اهو) جنهن پهريان ايمان نه آندو ۽ يا پنهنجي ايمان ۾ خير نه ڪمايو هجي(19) ۽ موت حقّ آهي (20)۽ ناڪر ۽ نڪير حق آهن.

(21) وَاَشْهَدُ اَنَّ النَّشْرَ حَقٌّ، وَالْبَعْثَ حَقٌّ،(22) وَاَنَّ الصِّراطَ حَقٌّ،(23) وَالْمِرْصادَ حَقٌّ، (24) وَالْميزانَ حَقٌّ، (25) وَالْحَشْرَ حَقٌّ،(26) وَالْحِسابَ حَقٌّ(27) وَالْجَنَّةَ وَالنَّارَ حَقٌّ، (28) وَالْوَعْدَ وَالْوَعيدَ بِهِما حَقٌّ، (29) يا مَوْلاىَ شَقِىَ مَنْ خالَفَکمْ، وَسَعِدَ مَنْ‏ اَطاعَکمْ، (30) فَاشْهَدْ عَلى‏ ما اَشْهَدْتُک عَلَيهِ.

(21) آئون گواهي ڏيان ٿو ته بيشڪ حشر،نشر۽ خلق جو اُٿڻ حق آهي (22)صراط (مستقيم) حق آهي(23) مرصاد (ڪمينگاهه) حق آهي (24) ميزان حق آهي(25) حشر(ماڻهن جو قيامت ۾ اُٿڻ ۽ انهن جو گڏ ٿيڻ ) حق آهي(26) حساب حق آهي (27) بهشت ۽ دوزخ حق آهي (28) بهشت۽ دوزخ جي باري ۾ خوشخبري۽ڌمڪي حق آهي(29) اي منهنجا مولا! بدبخت آهي اهو جيڪو توهان جي مخالفت ڪري ُ۽ خوش نصيب آهي اهو،توهان جي اطاعت ۽ پيروي ڪئي(30) منهنجا مولا گواهه رهجان انهيءَ شيء تي جنهن تي مون توکي گواهه بڻايو آهي

(31) وَاَ نَا وَلِىٌّ لَک، (32) بَرى‏ٌ مِنْ‏ عَدُوِّک،(33) فَالْحَقُّ ما رَضيتُموُهُ، (34) وَالْباطِلُ ما اَسْخَطْتُموُهُ(35) وَالْمَعْروُفُ ما اَمَرْتُمْ بِهِ(36) وَالْمُنْکرُ ما نَهَيتُمْ عَنْهُ (37) فَنَفْسى‏ مُؤْمِنَةٌ بِاللَّهِ وَحْدَهُ لا شَريک‏ لَهُ، (38) وَبِرَسوُلِهِ وَبِاَميرِ الْمُؤْمِنينَ، وَبِکمْ يا مَوْلاىَ اَوَّلِکمْ وَآخِرِکمْ(39) وَنُصْرَتى‏ مُعَدَّةٌ لَکمْ (40) وَمَوَدَّتى‏ خالِصَةٌ لَکمْ،***آمين آمين .

(31) ۽ آئون توهان جو حبدار آهيان(32) ۽ توهان جي دشمنن کان بيزار آهيان (33) جنهن تي اوهان راضي ٿيو حق آهي(34) جنهن کان توهان ناراض هُجو،اهو باطل آهي (35) نيڪي اها آهي،جنهن جو اوهان حڪم ڏيو (36) بُرائي اُها آهي جنهن کان توهان روڪيو آهي (37) پس منهنجو روح اڪيلي الله تي ايمان رکندڙ آهي جنهن جو ڪو به شريڪ نه آهي(38) ۽(منهنجو روح ايمان رکندڙ آهي) سندس رسول ۽ امير المومنين (علي) عليه السلام ۽ توهان تي اي منهنجا آقا! توهان جي هراڳين ۽ پوين تي (39) مُنهنجي مدد توهان لاءِ آمده آهي( (40) ۽ توهان جي لاءِ منهنجي محبت ۽ مودّت خالص(۽ سچي) آهي *** آمين آمين

(ٽايپ;وحيد علي ساجدي مشهد مقدس)