Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 20 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

 

 ڪربلا   جون   تاريخي   شخصيتون   عابس بن ابي شبيب شاڪري  عليه السلام

حضرت عابس بن ابي شبيب L جو تعلق بني شاڪر قبيلي سان هيو .هيءُ قبيلو اميرالمؤمنين حضرت امام علي A   سان وفاداري جي لحاظ کان معروف ۽ مشهور هيو. [1] حضرت عابس L شجاع ( سورهيه ) ۽ عبادت گذار هيو ، شيخ طوسي P کين ڪربلا معلى جي شهيدن ۾ شمار ڪيو آهي، زيارت ناحيه ۽ زيارت رجبيه ۾ مٿن سلام ڪيو ويو آهي. [2]

سندن پيشانيءَ تي زخم جو نشان

تمام گھڻن مؤرخن ، طبريءَ جي پيروي ڪندي بيان ڪيو آهي ته : حضرت عابس L جن جي پيشاني مبارڪ تي زخم جو نشان هيو ۽ هيءُ زخم جنگ صفين جي يادگار هيو ، ان ڳالهه مان سندن شجاعت ( سورهيائي ) اجاگر ۽ پڌري ٿئي ٿي. [3]

حضرت عابس L ڪوفي ۾

جڏهن حضرت مسلم بن عقيل A ( حضرت امام حسين A جن جو نمائندو ۽ سفير ) ڪوفي ۾ آيو ته حضرت عابس L سندن ڀرپور حمايت ڪئي. مؤرخن هن جاءِ تي ٻن نڪتن ڏانهن اشارو ڪيو آهي:

1 : حضرت مسلم A جن جي حمايت ۾ پرجوش الفاظ

جڏهن حضرت مسلم A ڪوفي ۾ مختار بن ابي عبيدہ جي گھر ۾ امام حسين A جن جو خط پڙهي ٻڌايو ته حضرت عابس L پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ جناب مسلم A ڏانهن مخاطب ٿي ڪري چيائين ته مان نه ٿو ڄاڻان ته ماڻهن جي دلين ۾ ڇا گذري رهيو آهي؟ آئون فقط پنهنجو حال توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جڏهن به مون کي سڏيندؤ مان توهان جي سڏ تي لبيڪ چوندم ۽ توهان جي دشمنن سان مقابلو ڪندم ۽ مهاڏو اٽڪائيندس ۽ ايستائين تلوار هلائيندو رهندم جيستائين پنهنجي پالڻهار سان وڃي ملاقات ڪريان ۽ ان جو اجر خدا جي ذات کان ئي گھرندم.

جناب عابس L جي اهڙي پرجوش تقرير جو اتي موجود ماڻهن تي ايترو ته اثر ڪيو جو حضرت حبيب بن مظاهر L پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ حضرت عابس A جي تاڪيد ۾ چيائين ته : اي عابس ! خدا پاڪ توتي رحمت ڪري جو جيڪو تنهنجي دل ۾ هيو تنهن کي ٿورن ۽ بهترن لفظن ۾ بيان ڪئي. ان کان پوءِ جناب حبيب L فرمايو ته : اي عابس ! خدا جو قسم ! منهنجو به اهو ئي ارادو ۽ عقيدو آهي.

2 : حضرت مسلم A جو خط امام حسين A وٽ کڻي اچڻ

جڏهن جناب مسلم A حضرت امام حسين A جن کي خط لکيو ۽ ان ۾ ڪوفي جا حالات ۽ ماڻهن جي بيعت کي بيان ڪيو ته پاڻ اهو خط جناب عابس L جي حوالي ڪيائون ته جيئن هو ان کي امام A جي خدمت ۾ پهچائي. جناب عابس L ان خط کي کڻي ڪجهه ڪوفين سميت امام حسين A جن وٽ آيو ۽ امام A کي ڪوفي جي سموري ماحول کان آگاهه ڪيائين. ان خط کان پوءِ امام حسين A جن ڪوفي طرف سفر جو آغاز ڪيو. [4]

امام حسين A جو همسفر

حضرت عابس L حضرت امام حسين A جن کي خط ڏيڻ کان پوءِ ڪوفي واپس نه ويو بلڪه ساڻن گڏ رهيو ۽ جي ڪربلا سفر ۾ امام A جو همسفر رهيو. ان باري ۾ علامه مازندراني لکي ٿو ته : ” کَانَ مَعَ الۡحُسَيۡنِ A اِلى اَنۡ نَزَلَ مَعَہُ کَربَلا “ جناب عابس L امام حسين A جن سان گڏ رهيو ايستائين جو پنهنجي وقت جي امام سان گڏ ڪربلا آيو. [5]

امام حسين A کان وداع

ڏهينءَ جي ڏينهن جناب عابس L جن امام حسين A جن جي بارگاهه ( خدمت ) ۾ آيا ۽ سلام ڪرڻ کان پوءِ مولا جي محضر ۾ عرض ڪيائون ته : اي ابا عبد الله ! خدا جي هن زمين تي توهان کان وڌيڪ عزيز ۽ محبوب ( دوست ) ڪنهن کي به ڪونه ٿو ڀانيان جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته هيءُ ظلم ۽ ستم ( جور و جفا ) ۽ قتل ٿيڻ توهان کان پري ڪريان ها ۽ ڪڏهن به ان ڪم ۾ نه ڪيٻايان ها. ان کان پوءِ امام A جن جو آخري سلام ڪري عرض ڪيائون ته : اي منهنجا مولا! گواهه   رهجؤ آئون توهان ۽ توهان جي بابا جي دين تي آهيان ان کان پوءِ ميدان جي طرف روانا ٿيا. [6]

عابس ڪربلا جي ميدان ۾

جڏهن جناب عابس L ميدان ۾ آيا ته دشمنن جي هڪ سپاهيءَ ربيع بن تميم کين سڃاڻي ورتو ڇو جو ان جنگ صفين ۾ سندن شجاعت ڏٺي هئي. جنهن مهل ربيع جي نظر جناب عابس L تي پيئي ته وڏي آواز سان چوڻ لڳو ته : ” هٰذا اسدُ الاسودِ هٰذا ابنُ ابي شبيب “ هيءُ سورمن جو به سورمو ابن ابي شبيب آهي.

علامه مجلسي P بيان ڪري ٿو ته : حضرت عابس L جن ميدان ڪربلا ۾ چئي رهيا هئا ته : ” اَلا رجُل اَلا رَجُل “ آهي ڪوئي مرد جيڪو منهنجي مقابلي ۾ اچي. ابن سعد جو لشڪر سندن ويجهو نه اچي رهيو هو. اهو حال ڏسي عمر سعد پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته مٿس پٿر وسايا وڃن ان حڪم کان پوءِ مٿن پٿرن جي بارش شروع ٿي ويئي ، ربيع بن تميم چوي ٿو مون ڏٺو ته عابس L شينهن وانگي لشڪر تي حملو ڪيو ٻن سَوَن کان وڌيڪ ماڻهو ڀڄي ( پنهنجي جان بچائي ) رهيا هئا ۽ عابس L انهن تي حملو ڪري رهيو هو پوءِ پوري لشڪر کين پنهنجي گھيري ۾ ڪري ورتو ۽ سندن پوري جسم تي پٿرن ، تلوارن ۽ نيزن جا زخم نظر اچڻ لڳا گھڻي زخمي ڪرڻ کان پوءِ کين شهيد ڪيو ويو. [7]

سرمبارڪ جو تن کان جدا ٿيڻ

حضرت عابس A جي شهادت کان پوءِ دشمن سندن جنازي جي طرف ڊوڙڻ لڳا ته جيئن سندن سرمبارڪ بدن کان جدا ڪن پر لشڪر ۾ سخت جھيڙو   ٿي پيو هر ڪو  حضرت عابس L کي شهيد ڪرڻ جي نسبت پنهنجي پاڻ ڏانهن ڏيئي رهيو هو. اها حالت ڏسي ابن سعد چوڻ لڳو ته : جهيڙو نه ڪريو توهان مان ڪنهن ۾ به قتل ڪرڻ جي جرئت نه هئي ۽ توهان سڀني گڏجي ڪري ان کي ماريو آهي ، ان کان پوءِ عمر سعد پاڻ جناب عابس A جي سرمبارڪ کي سندن بدن کان جدا ڪيو. [8]

 حوالا ...



[1] ابصار العين ، ص 126

[2] جامع الرّواة ، ج 1 ص 425

[3] تاريخ طبري ، ج 3 ص 29

[4] ابصار العين ، ص 95

[5] معالي السّبطين ، ج 1 ص 389

[6] ذخيرة الدّارين ، ص 251

[7] ڪامل ابن اثير ، ج 3 ص 427

[8] منتهى الآمال ، ج 1 ص 368