Get Adobe Flash player

تاليف رسول جعفريان شيعن جو ستون امام حضرت موسى ڪاظم A آهي جنهن کي مسلمانن خاص ڪري شيعن،دشمنن جي مقابلي ۾ حلم،بردباري ۽ پنهنجي غصي کي ڪنٽرول ۾رکڻ ڪري ”ڪاظم“ جو لقب ڏنو.

سندن ولادت سن 128 هه ڌاري ابواء  - مديني ۽ مڪي جي وچ ۾ موجود هڪ ڳوٺ - ۾ ٿي. جڏهن ته سندن شهادت 25 رجب سن 183 هه ۾ بغداد جي هڪ زندان ۾ ظالم عباسي حڪمران هارون الرشيد جي هٿان ٿي. پاڻ مديني ۽ بغداد ۾ زندگي گذاريائون. سندن دور جي علوي سادات ۾ ڪو سندن برابري ڪرڻ وارو نه هئو. جڏهن ته علم،تقوى،زهد ۽پرهيزگاري ۾ ڪو سندن مٽ نه هئو. شيخ مفيد سندن بابت چوي ٿو:

وَ ڪَانَ اَبُو الْحَسَنِ مُوسَى A اَعْبَدَ اَهْلِ زَمَانِهِ وَ اَفْقَهَهُمْ وَ اَسْخَاهُمْ ڪَفّاً وَ اڪْرَمَهُمْ نَفْسا [i]

امام موسى ڪاظم A پنهنجي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ عابد،عالم ،سخي ۽ عزت وارا هئا.

طبرسي سندن باري ۾ لکي ٿو:

ڪَانَA اَحْفَظَ النَّاسِ بِڪِتَابِ اللَّهِ تَعَالَى ...وَڪَانَ النَّاسُ بِالْمَدِينَةِ يُسَمُّونَهُ زَيْنَ الْمُجْتَهِدِينَ. [ii]

پاڻ قرآن جا سڀني کان وڌيڪ حافظ هئا....مديني جا ماڻهو کين مجتهدن جي زينت ۽ سونهن سڏيندا هئا.

ابن ابي الحديد سندن بابت لکي ٿو:جَمَعَ مِنَ الْفِقْهِ وَ الدّينِ وَ النُّسُکِ وَ الْحِلْمِ وَ الصّبْرِ[iii]

سندن وجود ۾ فقاهت،ديانت،پرهيزگاري،صبر ۽ بردباري گڏجي ويا هئا.

مشهور مورّخ يعقوبي سندن بابت لکي ٿو:وَ ڪانَ مُوسَي بْنُ جَعْفَرٍ مِنْ اَشَدِّ النّاسِ عِبادَةً.[iv]

امام موسى ڪاظمA  سڀني ماڻهن کان وڌيڪ عبادت ڪندڙ هئا.

 ابن عماد حنبلي شذرات الذهب ۾ لکي ٿو: ڪانَ صالِحاً عابِداً جَواداً حَليماً ڪبيرَ الْقَدْر[v]

پاڻ صالح، عبادتگذار،سخاوت مند، بردبار ۽ وڏي عظمت واري شخصيت هئا.

اهڙي طرح ابو حاتم کان نقل ڪري ٿو: ثِقَةٌ اِمامٌ مِنْ اَئِمَّةِ الْمُسْلِمينَ.[vi]

پاڻA  قابل اعتماد ۽ مسلمانن جي سرواڻن مان هڪ سرواڻ هئا

يافعي چوي ٿو:

 ڪانَ صالِحاً عابِداً جَواداً حَليماً..[vii] پاڻ صالح، عبادتگذار، سخاوت مند، بردبار .... هئا.

مشهور نسب شناس يحيى بن حسن بن جعفر لکي ٿو:

ڪانَ مُوسَي بْنُ جَعْفَرٍ يدعَي الْعَبْدُ الصّالِحُ مِنْ عِبادَتِهِ وِ اجْتِهادِهِ.[viii]

موسى بن جعفرA کي سندن عبات ۽ اجتهاد سبب صالح ٻانهو چيو ويندو هو.

هيءُ جملا،هڪ ننڍڙو مثال آهن ان ڪلام جو جنهن ذريعي شيعه سني مورّخن ۽ محدثن امام A جي وصف بيان ڪئي آهي .استاد عطاري پنهنجي ڪتاب  مسند الامام الڪاظم ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي جملا ذڪر ڪيا آهن.

امام جي صفتن مان سندن سخاوت ۽ ڪرم سڀني کان وڌيڪ مشهور هيون ايستائين جو ماڻهن سندن مثال ڏيندا هئا. ابن عنبه ان بابت لکي ٿو:

وَ في ڪُمِّهِ صُرَرٌ مِنَ الدَّراهِمِ فَيعْطي مَنْ لَقِيهُ وَ مَنْ اَرادَ بِرَّهُ وَ کانَ يضْرَبُ الْمَثَلُ بِصُرَّةِ مُوسي. [ix] سندن کيسي ۾ درهمن جو ٿيلهيون هونديون هيون جيڪي پاڻ هر ان شخص کي ڏيندا هئا جيڪو ساڻن ملندو هئو ۽ سندن عطا جو طلبگارهئو. ايستائين جو موسى ڪاظم Aجي ٿيلهين جو مثال ڏنو وڃڻ لڳو.

سندن سخاوت انهن تائين به پهتي جيڪي کين تڪليفون ۽ اذيتون ڏيندا هئا .ان بابت ابن خلڪان،خطيب کان نقل ڪري ٿو :

وَ ڪانَ سَخِياً ڪَريماً وَ ڪانَ يبْلُغُهُ عَنِ الرَّجُلِ انَّهُ يؤذيهِ فَيبْعَثُ اِلَيهِ بِصُرَّةٍ فيها اَلْفُ دينارٍ وَ کانَ يصُرُّ الصُّرَرَ ثَلثُمِاةِ دينارٍ وَ اَرْبَعَمِاةٍ دِينارٍ وَ مَاْتَي دينارٍ ثُمَّ يقَسِّمُها بِالْمَدينَةِ [x]فَڪانَتْ صِرارُ مُوسي مَثَلاً.[xi]

  پاڻ سخي ۽ ڪريم هئا،جڏهن کي خبر پوندي هئي ته ڪو شخص کين تڪليف ڏيڻ چاهي ٿو ته ان ڏي به هزار دينار واري ٿيلهي موڪليندا هئا. سندن ٿهلين ۾ هميشه ٻه سئو ،ٽي سئو ۽ چار سئو درهم هوندا هئا جي پاڻ مديني جي ماڻهن ۾ تقسيم ڪندا هئا .ايستائين جو موسى (ڪاظمA) جون ٿيلهيون مثال بڻجي ويون.

ابوالفرج اصفهاني کين تڪليف پهچائيندڙ دشمنن کي امام جي عطا بابت هڪ تفصيلي روايت نقل ڪئي آهي جيڪا واقعا انسان کي تعجب ۾ وجهي ٿي.[xii]

علم رجال جو مشهور سني عالم ذهبي امام ڪاظمD جي باري ۾ لکي ٿو:

وَقَدْ ڪانَ مُوسيD مِنْ اَجْوادِ الْحُڪَماءِ وَ مِنَ الْعُبّادِ الْاَتْقِياء. [xiii]

موسى ڪاظمD سخاوتمند دانائن۽ پرهيزگار عابدن منجهان هئا

سخاوت ۽ ڪرم کان علاوهه امام جي ٻين صفتن مان سندن عبادت ۽ پارسائي به مشهور هئي. پاڻ سالن جا سال زندان ۾ گذاريائون ليڪن ان پوري مدت ۾ الله سائينءَ جي عبادت ئي ڪندا رهيا. ايستائين جو زندانن جا داروغا به کين ڏسي متاثر ٿيا ۽ امام کي قيد ۾ رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون .[xiv]

    ان بابت هارون ربيع کي چيو : امَّا اِنَّ هَذا مِنْ رُهْبانِ بَني هاشِمٍ(بنوهاشم مان هيءُ شخص دنيا کان منهن موڙي چڪو آهي) ربيع کيس چيو: ته پوءِ کيس قيد ۾ ڇو رکيو اٿئي؟هارون چيو: هَيْهات لا بُدَّ مِنْ ذلِکَ (افسوس جو ان کانسواءِ چارو ناهو) [xv]

ستين صدي هجريءَ جو مورّخ ابن الوردي سندن گهڻي عبادت ڪرڻ بابت هڪ ڀلي ۽ قوي روايت نقل ڪئي آهي [xvi]

  انهن پاڪ ۽ اخلاقي صفتن جي ڪري ماڻهن دلين ۾ سندن لاءِ تمام گهڻي محبت هئي،جيڪي سندن ڪرامتن جا قائل هئا. ان بابت  ابن جوزي  هڪ روايت نقل ڪئي آهي جنهن کي ابن حجر هيثمي پڻ ذڪر ڪيو آهي . جنهن جو خلاصو هيءُ آهي.

   شقيق بلخي سن 149هه ۾ حج جي سفر دوران امام موسى ڪاظمD سان مليو ۽ ٻه ٽي دفعا ڪو سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين .امام ان جي دل ۾ موجود مقصد نه فقط سمجهيو بلڪه ان کي قرآن جي هڪ آيت پڙهي ظاهر به ڪيو. [xvii]

امام صادق عليه السلام کانپوءِ  امامت جو مسئلو

عام طور هڪ امام جي وڃڻ کانپوءِ ٻئي امام جي امامت بابت شيعن ۾ اختلاف هلندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪجهه سياسي مسئلا جهڙوڪ عباسي حڪمرانن جو خوف سبب ٿيندو هئو جو امام ڪيترن ئي شيعن کان ڳجهو رهي. ڇاڪاڻ ته اهو امڪان موجود هئو ته جيڪڏهن ڪنهن امام جي امامت جو اعلان واضح نموني ٿئي ته وقت جا حڪمران ان تي دٻاءُ آڻيندا ۽ ناحق سختيون ڪندا .

     منصور عباسيءَ جي شيعن،خاص ڪري امام صادق D سان کليل دشمني، سبب  ٿئي جو ڪجهه شيعا اڳين امام بابت شڪ ۽ٻڏتر جو شڪار ٿين. جڏهن ته امام صادق D جي ڪجهه ٻين فرزندن پاران امامت جي ناحق دعوى ۽ خود غرضي ان شڪ ۽ ٻڏتر جي واڌاري جو سبب ٿي. ان کان علاوهه شيعن جو مختلف علائقن ۾ پري پري تائين پکڙيل هجڻ به سبب ٿيو جوکين حقيقي امام بابت يقين حاصل نه ٿئي.

   جڏهن ته ٻئي پاسي پنهنجي حقيقي جانشين کي حڪومت کان ڳجهو رکڻ خاطر امام صادقDپنهنجي وصيّت ۾ پنهنجي ٻن فرزندن امام موسى ڪاظمD ۽ عبدالله کان علاوهه منصور عباسيءَ کي پنهنجو وصيّ مقرر ڪيو. [xviii]

   اهي سڀئي سبب جتي هر دور ۾ هر امام جي شهادت کانپوءِ شيعن جي مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿيڻ باعث بڻيا آهن. اتي امام صادق D جي شهادت کانپوءِ به ائين ئي شيعن جي گروهن ۾ تقسيم ٿيڻ جو سبب بڻيا. امام موسى ڪاظم Dکان سندن هڪ صحابيءَ اهو جواز پيش ڪندي جانشين جو سوال ڪيو ته : ذَهَبَ النّاسُ بَعْدَ اَبي عَبْدِ اللهِ (ع)‌يَميناً و شِمالاً.[xix] امام صادق Dکانپوءِ ماڻهو ڪي اتر ته ڪي ڏکڻ طرف هليا ويا هئا .(تنهن ڪري توهان پنهنجي جانشين کان آگاهه ڪريو)

    امام صادق D جي دور جو هڪ ٻيو خاص مسئلو جنهن کي مطلبي ماڻهن استعمال ڪيو، امام جي فرزند اسماعيل بن جعفر جو مسئلو هئو: ڇاڪاڻ ته هو امام جو وڏو فرزند هئو تنهنڪري ڪيترن ئي شيعن اهو گمان پئي ڪيو ته اسماعيل اڳيون امام ٿيندو ليڪن هو امام جي زندگيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. سندس موت جو ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ امام صادق D تمام گهڻا جتن ڪيا.

      ليڪن ان جي باوجود  ڪجهه ماڻهن امام صادق D کان بعد اسماعيل جي مهدي موعود هجڻ جي دعوى ۽ ٻين بهانن سان باطنيه ،اسماعيليه ۽ ٻين نالن سان شيعن ۾ فرقا ٺاهيا.

  اسماعيل بابت خاص ڳالهه اها آهي ته پيءُ کانپوءِ سندس امامت ۽ رهبريءَ مسئلو سياسي هئو .جنهن ۾ سندس وڏو پٽ هجڻ اثر ڪيو .بالخصوص،ان ڪري به ته امام صادق  Dپنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين پنهنجي جانشين جو واضح اعلان نه ڪيو.

      جيتوڻيڪ هتي اهڙيون روايتون به موجود آهي جيڪي ٻڌائن ٿيو ته شروع کان ئي ڪجهه ماڻهن کي امام ڪاظم D جي جانشينيءَ جي خبر پئجي وئي هئي.[xx]        

    اهي روايتون مختلف طريقن سان نقل ٿيون آهن،ان کان علاوهه ”حديث لوح “ ۾ پڻ امامن جي نالن جو درج هجڻ، امام  ڪاظمD جي امامت جو دليل آهي. ان جي باوجود به مٿي ذڪر ٿيل سببن جي ڪري اسماعيل  پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ايترو مشهور ٿي چڪو هئو جو ڪجهه شيعن لين سندس جانشين ٿيڻ جو گمان هئو.

   جيئن فيض [xxi] کان نقل ٿيل هڪ روايت ۾ آيو آهي ته:

 هڪ ڏينهن امام صادق D وٽ ويٺو هئس  ته  اتي پيش آيل ڪنهن عمل سبب امام واضح نموني چيو ته اسماعيل سندن جانشين ناهي . فيض چوي ٿو ته امام کي عرض ڪيم: اسان کي يقين هئو ته ماڻهو توهان کان پوءِ سندس ئي پويان ويندا . روايت ۾ اڳتي اچي ٿو ته امام پنهنجي پٽ موسى ڪاظم Dجي جانشين هجڻ جو اعلان ڪيو. [xxii]

   طبري اسحاق بن عمار صيرفي کان روايت ڪري ٿو ته :

امام صادق D کي سندن وڃڻ کانپوءِ اسماعيل جي امامت بابت اشارو ڪيم ته پاڻ انڪار ڪيائون. [xxiii]

هڪ ٻي روايت ۾ وليد بن صبيح امام کي عرض ڪيو:

عبدالجليل مون کي چيو آهي ته توهان اسماعيل کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو آهي .امام ان جو انڪار ڪيو ۽ امام ڪاظم D جي جانشيني جو اعلان ڪيائون [xxiv]

      ان ئي سبب جي ڪري امام صادق D اسماعيل جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وڏا جتن ڪياته جيئن سندن شيعا ان جي موت جو يقين پيدا ڪن. ڇاڪاڻ ته سندس زندهه هجڻ جي سوچ ۽ سندس مهدي موعود هجڻ جي عقيدي پيدا ٿيڻ سبب – جيڪو ڪجهه غالين ۾ مشهور ٿي ويو هئو-  شيعن ۾ هڪ نئين فرقي جي ٺهڻ جو خطرو پيدا ڪري پيو . تنهنڪري امام جو اسماعيل جي موت تي اصرار ان خطري کان بچڻ جي هڪ ڪوشش هئي.

     هڪ روايت ۾ زراره کان نقل ٿيو آهي (ظاهرا هيءَ روايت اسماعيل جي فوت ٿي وڃڻ واري زماني سان مربوط آهي):

 هڪ ڏينهن امام صادقD جي خدمت ۾ هئس ته امام حڪم ڏنو ته داود بن ڪثير رقي، حمران، ابوبصير، مفضّل بن عمر کي وٺي اچان. جڏهن اهي آيا ته انهن جي پويان ٻيا به ماڻهواتي پهچي ويا ۽ جڏهن موجود ماڻهن جو انگ 30 ٿي ويو ته امام فرمايو:

   يا داوُدَ اِکْشَفْ لي عَن وَجهِ اِسماعيلَ. (اسماعيل جي چهري تان پردو هٽاءِ)جڏهن پردو هٽايائين ته امام پڇيس: يا داوُدُ اَحَيُّ هُوَ اَوْ مِيّتٌ.(يا هو زنده آهي يا فوت ٿي ويو آهي) داود چيو ته فوت ٿي چڪو آهي . پوءِ اتي موجود سڀني ماڻهن اسماعيل کي ڏٺو ۽ شاهدي ڏني.امامD ساڳيو عمل ٻيهر دهرايو.وري جڏهن سندس جنازوکڻي قبرستان پهتا ۽ قبر ۾ لاهين پيا ته امام کين روڪيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر اسماعيل جي وفات جي سڀني کان شهادت ورتي ۽ پوءِ موسى ڪاظم  Dجي امامت جو اعلان ڪيو [xxv]

شيخ مفيد چوي ٿو:

و رُوِي اَنَّ اَبا عَبْدِاللهِ جَزَعَ عَلَيهِ جَزَعاً شَديداً وَ حَزَنَ عَلَيهِ حُزْناً عَظيماً وَ تَقَدَّمَ سَريرُه بِغَيرِ حِذاءٍ و لا رِداءٍ وَ اَمَرَ بِوَضْعِ سَريرِهِ عَلَي الْاَرْضِ قَبْلَ دَفْنِهِ مِراراً ڪَثيرَةً وَ ڪانَ يڪْشِفُ عَنْ وَجْهِهِ وَ ينْظُرُ اِلَيهِ يريدُ بِذلِڪ تَحْقيقَ اَمْرِ وَفاتِهِ عِنْدَ الظّانّينَ خِلافَتَه لَهُ مِنْ بَعْدِهِ و اِزالَة الشُّبْهَةِ عَنْهُم في حَياتِهِ.[xxvi]

نقل ٿيو آهي ته امام صادق D اسماعيل جي وفات تي تمام گهڻو غمگين هئا ۽ تمام گهڻو گريو ڪيائون. پاڻ پيرئين اگهاڙي تابوت جي اڳيان اڳيان ٿي هليا ۽ ٻه ٽي دفعا حڪم ڏنائون ته  تابوت کي زمين تي رکو پوءِ ڪفن کولي سندس چهري ڏانهن پئي ڏٺائون.(شايد) ان عمل ذريعي انهن ماڻهن کي اسماعيل جي موت جو يقين ڏيارڻ پئي چاهيائون، جيڪي کيس پيءُ جو جانشين سمجهن پيا. ته جيئن ان وهم کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ختم ڪري ڇڏين.

هڪ ٻئي روايت جيڪا جانشينيءَ بابت ڪجهه شيعن جي شڪ ۽ ٻڏ تر جو هڪ نمونو بڻجي سگهي ٿي هشام بن سالم جي هيءَ روايت آهي:

” مومن طاق سان گڏ مديني ۾ هئاسين جو ڏٺوسين ته ڪجهه ماڻهو امام صادق D  جي فرزند عبدالله جي گهر ۾ گڏ ٿيا آهن.اسان به عبدالله کان زڪوات بابت ڪجهه مسئله پڇياسين جن جا هن صحيح جواب نه ڏنا ،ته اسان اٿي ٻاهر آياسين. اسان پريشان هئاسين ته (هاڻي ڪيڏي وڃون؟) مرجئه ،قدريه،زيديه،معتزله۽ خوارج وغيره مان ڪهڙي فرقي کي قبول ڪريون. ان دوران هڪ پوڙهي اڻ واقف شخص کي آيو (۽ اسان کي هلڻ جو چيائين) جنهن بابت گمان ڪيوسين ته منصور جي انهن جاسوسن مان هڪ آهي جيڪي امام صادق D جي شيعن کي سڃاڻڻ  لاءِ جاسوسي ڪندا هئا . ليڪن اسان جي توقع جي برخلاف هواسان کي امام موسى ڪاظم D جي گهر وٺي هليو. اسان اتي ئي هئاسين جو فُضَيل ۽ ابوبصير آيا ۽ امام کان سوال ڪيائون ۽(صحيح جواب ملڻ جي صورت ۾) سندن امامت جو يقين پيدا ڪيائون . پوءِ ته هر پاسي کان گروهن جي صورت ۾ ماڻهون سندن خدمت ۾ پئي آيا، سواءِ عمار ساباطي جي گروهه جي،جيڪي عبدالله بن جعفر جي امامت جا قائل هئا.[xxvii]

    هن روايت مان خبر پوي ٿي ته شيعه اهي نه هئا جيڪي بغير تحقيق جي هر ڪنهن جي امامت جي دعوت کي قبول ڪري وٺن بلڪه  هو پهريان خاص سوال پڇي ڪري سندس علمي حيثيت جاچيندا هئا.۽ يقين حاصل ٿيڻ کانپوءِ سندس امامت تي ايمان آڻيندا هئا. هن روايت مان هشام،فضيل ۽ ابو بصير جي باري ۾ شيعن جي تحقيق واري ان خاصيت کان علاوهه شيعن مٿان منصورعباسيءَ جي تمام گهڻي سختيءَ جي چڱي طرح خبر پوي ٿي.

    شيعن عبدالله بن جعفر ـــ جيڪو عبدالله افطح جي نالي سان مشهور هئو جنهن سبب سندس پيروڪارن کي فطحيه به چوندا آهن [xxviii]ـــ کي نماز ۽ زڪوات جي حلال ۽ حرام ڪمن بابت،ڪجهه مسئلا پڇي ڪري آزمايو ۽ علمي لياقت نه هجڻ ڪري کائنس منهن موڙي ڇڏيو.

    ان ڳالهه کي نوبختيءَ ”فرق الشيعه“ [xxix]۾ پڻ ذڪر ڪيو آهي . نوبختيءَ ان روايت ۽ اهڙين ٻين روايتن ۾ اشارو ڪيو آهي ته عبدالله افطح عقيدتي لحاظ کان مرجئه ڏانهن مائل هئو.[xxx]

    نوبختي امام صادق D جي شهادت کانپوءِ شيعن جي ڇهن فرقن ۾ تقسيم ٿيڻ کي هيٺينءَ ريت بيان ڪري ٿو.

1. جيڪي خود امام صادقD جي مهدي موعود هجڻ جا معتقد هئا

2. اسماعيليه خالصه جيڪي اسماعيل جي زندهه هجڻ جا معتقد هئا

3.  جيڪي اسماعيل جي پٽ محمد جي امامت جا معتقد هئا [xxxi]

4. جيڪي محمد بن جعفر المعروف ”ديباج“ جي امامت جا معتقد هئا

5. جيڪي عبدالله افطح جي امامت جا معتقد هئا

    نوبتي ان مسئلي جي علت بيان ڪندي لکي ٿو :

 شيعا  پهريان هن حديث : الامامة في الاکبر من ولد الامام (امامت تي حق، امام جي وڏي پٽ جو آهي) جي بنياد تي عبدالله وٽ ويا. ليڪن جڏهن هو سندن سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو ته کيس ڇڏي ڏنائون. شروع شروع ۾ ڪيترائي وڏا وڏا شيعا رهنما عبدالله وٽ ويا هئا. عبدالله ،امام جعفر صادق D  جي شهادت کان 70 ڏينهن پوءِ گذاري ويو. جڏهن ته کيس ڪو پٽ جو اولاد به نه هئو تنهن ڪري سندس پيروڪار ان جي امامت تان هٿ کڻي امام موسى ڪاظمD ڏانهن موٽي ويا.

6. جيڪي امام موسى ڪاظم  Dجي امامت جا معتقد هئا .

     شيعن مان هشام بن سالم،عبدالله بن يعفور[xxxii] ،عمر بن يزيد بيّاع السابري،محمد بن نعمان، مومن طاق، عبدالله بن زراره،جميل بن درّاج،ابان بن تغلب [xxxiii] ۽ هشام بن حڪم جيڪي بزرگ شيعه عالم،فقيه شمار ٿين پيا،حضرت امام موسى ڪاظم D جي امامت جا معتقد هئا. فقط ٻه ماڻهو هئا جيڪي سندن امامت جا قائل نه ٿيا هڪ عبدالله بن بڪير بن اعين ٻيو عمار بن موسى الساباطي.[xxxiv]

مرحوم طبرسيءَ پڻ پنهنجي ڪتاب اعلام الورى ۾ امام صادق D جي شهادت کانپوءِ شيعن ۾ پيدا ٿيل فرقن کي انهن جي پيدائش جي سببن کي دليلن سان ذڪر ڪيو آهي [xxxv]



[i] - ارشاد /277

[ii] - اعلام الورى 298

[iii] - شرح نهج البلاغه ج 15 ص 273

[iv] - تاريخ يعقوبي ج 2 ص 414

[v] - شذرات الذهب ج1 ص 304

[vi] - شذرات الذهب ج1 ص 304

[vii] -  مرآت الجنان ج 10 ص 394

[viii] - تھذيب التهذيب ج1 ص 339

[ix] - عمدة الطالب ص 196

[x] - تاريخ بغداد ج 13 ص 27  ۽ وفيات الاعيان ج 5 ص 308

[xi] - ساڳيو

[xii] - مقاتل الطاليبن ص 332

[xiii] -ميزان الاعتدال ج4 ص 201

[xiv] - مقاتل الطاليبن ص 332

[xv] - عيون اخبارالرضا ج 1 ص 31

[xvi] - تتمة المختصر ج1 ص 210،مسند الامام الکاظم ج1 ص 42

[xvii] - صفة الصفوة ج 2 ص 103 ،صواعق  المحرقة ص 204

[xviii] - الخرائج ص 293،  مسند الامام الکاظم ج 1  ص 390

[xix] - عيوم اخبار الرضا ج1 ص 31

[xx] - اصول کافي ج 1 ص 307 تا 309

[xxi] - رجال ڪشي ص 302

[xxii] - الغيبة ،نعماني ص 324

[xxiii] - ساڳيو ص 326

[xxiv] -  بحر الانوار ج48 ص 25

[xxv] - الغيبة ،نعماني ص 328

[xxvi] - ارشاد ص 267

[xxvii] - اصول کافي ج 1 ص 253،الخرائج والجرائح ص 297

[xxviii] - هن فرقي جا ٻيا به نالا ذڪر ٿيا آهن  ڏسو ڪتاب فرق الشيعه ص 77

[xxix] - فرق الشيعه ص 77،78

[xxx] - الفصول المختاره ص253

[xxxi] -  شيخ مفيد انهن ماڻهن جو انگ ٿورو ڄاڻايو آهي جيڪي محمد بن اسماعيل جي امامت جا قائل هئا. الفصول المختاره ص252

[xxxii] -  گمان اهو آهي اهي ٻئي اڳواٽ ئي فوت ڪري ويا هئا

[xxxiii] - گمان اهو آهي اهي ٻئي اڳواٽ ئي فوت ڪري ويا هئا

[xxxiv] - فرق الشيعه ص79

[xxxv] - اعلام الورى ص 288