Get Adobe Flash player

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام(1)

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام(2)

تاليف : رسول جعفريان 

روايتن جو ٽيون قسم

   امام A جي گرفتاريءَ ۽ قيد ٿيڻ جا ٻيا به دليل هئا جن هڪ هيءُ آهي ته : شيعن کي روڪيو ويو هئو ته امام ۽ سندن رهبريءَ متعلق هر قسم جي ڳالهه کي لڪايو وڃي ۽ امامت جي رازن کي ظاهر نه ڪيو وڃي

،ليڪن ڪڏهن ائين به ٿيندو هئو جو هو امام ڪاظمA جي امامت ۽ سندن اطاعت جي واجب هئڻ کي ظاهر ڪري وجهندا هئا ۽ سندن اهو اقدام جيڪو امام ۽ خود انهن لاءِ به مشڪلاتن جو سبب بڻجندو هئو.

      اهو ساڳيو ئي مسئلو امام صادق A جي دور ۾ منصور جي دشمنيءَ سبب موجود هئو. ليڪن امام پاڪن جي تقيي جي ڪري عباسي اهو پيا سمجهن ته جيڪڏهن شيعا ۽ سندن امام امامت جي دعوى  رکن پيا، تڏهن به خليفن خلاف بغاوت ۽ قيام جو ارادو نه ٿا رکن.  تنهن ڪري انهن علوي سادات کي جيڪي زيدي اڳواڻن واري راءِ رکن پيا (ته خليفن سان جنگ ڪئي وڃي ) نصيحت ڪندي چوندا هئا ته پنهنجي سوٽ موسى بن جعفر Aوانگر رهندؤ ته امان ۾ هوندؤ.[1]

    حقيقت ۾ شيعن جا امام ـــ امامت ۽ رهبري کي فقط پاڻ وٽ محدود ڄاڻڻ ۽ حڪومت وقت کي غلط ثابت ڪرڻ باوجود ــ انهن خلاف مسلحانه بغاوت کي صحيح نه پيا سمجهن. ڇاڪاڻ ته ان کي بي فائدو پيا سمجهن. امام جي دور ۾ شيعن جا حالات هجڻ باوجود فقط اهو عقيدو ظاهر ڪرڻ تي ته امام موسى ڪاظم A جي اطاعت کي واجب ٿا سمجهن،سندن لاءِ مشڪلاتون آڻيندو هئو.

   تنهن ڪري امام A جي قيد ٿيڻ جو هڪ دليل اهڙي قسم جي عقيدن کي به چئي سگهي ٿو . ڇاڪاڻ ته بنو عباس لاءِ اهڙي قسم جا عقيدا تمام گهڻا خطرناڪ هئا. اسان جي حديثي ڪتابن ۾ هڪ باب ”باب تحريم اذاعة الحق مع الخوف به“ جوڙيو ويو آهي[2] جنهن ۾ ان موضوع بابت امامن پاڪن خاص ڪري امام صادق عليه السلام جون حديثون ذڪر ڪيون ويون آهن.

  ڪتاب ”رجال ڪشي“ يونس بن عبدالرحمن کان هڪ طويل روايت ذڪر ڪئي آهي جيڪا اسان جي هن موضوع لاءِ بهترين مثال آهي:

يحيى بن خالد برمڪي هشام بابت سٺو  سمجهندو هئو. ليڪن جڏهن هارون هشام بن حڪم جون ڪجهه ڳالهيون ٻڌي ان ڏانهن مائل ٿيو ته يحيى ڪوشش ڪئي ته هارون کي سندس خلاف ڀڙڪائي. هڪ ڏينهن هارون کي چيائين:

هُوَ يزْعَمُ اَنَّ لِلهِ فِي اَرْضِهِ اِماماً غَيرَڪَ مَفْروضَ الطّاعَةِ... وَ يزْعَمُ اَنَّه لَو اَمَرَهُ بِالْخُروُج لَخَرَج و اِنَّما نَري اَنَّه مِمَّنْ يرُي الْاِلْبادِ بِالْاَرضِ.

هن جو عقيدو آهي ته تون کانسواءِ ڪو ٻيو امام آهي جنهن جي اطاعت واجب آهي... ۽ جيڪڏهن هو کيس قيام جو حڪم ڏيندو ته سندس اطاعت ڪندو... جڏهن ته اسان کيس قيام ڪرڻ وارو نه پيا سمجهون.

    هارون يحيى کي حڪم ڪيو ته علم ڪلام (عقائد) جي عالمن جي ڪچهري ڪوٺاء،جنهن ۾ هارون پردي پويان لڪي ويهندو جيئن اهي پنهنجي گفتگوءَ ۾ آزاد هجن. مجلس سجي وئي ڪچهري شروع ٿي ليڪن جلد ئي هڪ نقطي تي ڳالهه اٽڪي پئي . يحيى چيو ڇا فيصلو ڪرڻ لاءِ هشام بن حڪم جي ڳالهه مڃندؤ ؟ انهن چيو ته ها قبول ڪريون ها پر هو بيمار آهي. يحيى هشام ڏي ماڻهو موڪليو . پهريان يحيى جي ڪري هن اچڻ نه پئي چاهيو سو چيائين ته مون عهد ڪيو آهي ته جڏهن چاڪ ٿيس ته ڪوفي وڃي ڪري هر قسم جي بحث مباحثي کان پاسو ڪندس ۽ فقط خدا جي عبادت ڪندس. ليڪن جڏهن يحيى تمام گهڻو زور ڀريو ته ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيو ۽ اختلافي مسئلو ٻڌڻ کان پوءِ ڪن جي ڳالهه جي حمايت، ته ڪن جي ڳالهه کي رد ڪيائين . ڪچهريءَ جي آخر ۾ يحيى کائنس گهر ڪئي ته ان ڳالهه جي رد ۾ تي دليل آڻي ته ”امام جو منتخب ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي“.  هشام مجبوريءَ ۾ ان مسئلي بابت ڳالهايو ته ان موقعي تي سليمان بن جرير ــــ جنهن جي نظر ڪجهه دير پهريان هشام رد ڪئي هئي  ـــ  کان  يحيى گهر ڪئي ته هشام کان ان مسئلي تي راءِ وٺي.

هن اميرالمومنين جي باري ۾ سوال ڪندي پڇيو : ڇا تون ان جي اطاعت کي واجب سمجهين ٿو؟ هشام چيو ها .  هن پڇيو : جيڪڏهن هو توکي قيام جو حڪم ڏئي ته قيام ڪندين؟ هشام چيو ته هو اهو حڪم نه ڏيندو...... تان جو ڳالهه اتي پهتي جو هشام چيو جيڪڏهن پڇڻ چاهين ٿو ته: جيڪڏهن هن قيام جو حڪم ڏنو ته مان قيام ڪندس؟ ها ائين ئي آهي. اتي هارون جيڪو پردي پويان لڪو ويٺو هئو ڪاوڙي پيو ...... امام ڏانهن ماڻهو موڪلي کيس قيد ۾ وڌائين.

 يونس بن عبدالرحمن ان روايت کي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ چوي ٿو:

 فَڪانَ هذا سَبَبُ حَبْسِهِ مِنْ غَيْرِه مِنَ الْاَسْبابِ.(امام جي قيد ۾ پڻ جو ٻين سبب سان گڏ هڪ سبب اهو آهي.)هشام ان واقعي کان پوءِ ڪوفي وڃي ابن اشرف جي گهر ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪري ويو.[3]

هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته :

هشام کي امام طرفان خاموش رهڻ جو حڪم مليو هئو ليڪن هو گهڻو وقت خاموش رهي نه سگهيو .ان بابت امام جي هڪ صحابي عبدالرحمن بن حجاج کيس ملامت ڪئي ۽ چيو: چپ ڪري ڇو نه ويهين..... پوءِ امام طرفان کيس چيو: ڪنهن مسلمان جي قتل ۾ حصو وٺڻ سان خوش ٿيندين ؟ هشام چيو نه. عبدالرحمن کيس چيو ته ائين ڇو ٿو ڪئين؟ جيڪڏهن چپ ڪري ويٺين ته ٺيڪ نه ته امام کي سولهيءَ تي لٽڪائيندين .

روايت جي آخر ۾ هيءُ جملو آيو آهي: فَما سَڪَتَ حَتَّي ڪانَ مِنْ اَمْرِهِ ما ڪانَ.(هشام چپ نه رهيو . ايستائين جو اهو ٿي ويو جيڪو نه ٿيڻ کپي ها) [4]

مٿين روايت مان اسان جي ڳالهه جي سچائي  ظاهر آهي .ان ئي موضوع بابت هڪ ٻئي روايت به ذڪر ٿي آهي جيڪا ممڪن آهي اها ئي روايت ئي هجي . البته ان روايت ۾ وڌيڪ بيان اهو آهي ته :

 هارون پردي جي پويان سڀ ٻڌو پئي ۽ ڪچهريءَ ۾ موجود ماڻهن به پڪو پهه ڪري ڇڏيو هئو ته امامت کانسواء ڪنهن ٻئي مسئلي تي نه ڳالهائيندا. جڏهن هارون پردي پويان هشام جو واضح عقيدو ٻڌو ته سخت ڪاوڙ ۾ اچي چيائين:مِثلُ هذا حَي ‌‌وَ يبْقي لي ‌مُلْڪي ساعةً واحِدَةً؟ فَوَ اللهِ لِلسان هذا اَبْلَغُ في قُلُوبِ النّاسِ مِنْ مِاَةِ اَلْفِ سَيفٍ.

    جيڪڏهن اهڙي قسم جا ماڻهو زندهه رهيا ته ڇا هڪ لمحي لاءِ به منهنجي حڪومت هلي سگهندي؟ قسم خدا جو سندس زبان هزار تلوارن کان وڌيڪ ماڻهن جي دلين تي اثر رکي ٿي.

 هشام خطري کي محسوس ڪندي لڪي ويو ۽ جڏهن هارون ان کي ڳولي نه سگهيو ته سندس ڀائرن ۽ دوستن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائين .ليڪن ڪجهه ئي وقت ۾ کيس هشام جي وفات جي خبر ملي ته سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيائين.[5]

هڪ ٻئي جاءِ تي شيخ صدوق امام ڪاظم A جي شهادت جي سببن ۾ هڪ سبب هن کي بيان ڪري ٿو:

مِنْ قُولِ الشَّيعَةِ بِاِمَامَتِه وَ اخْتِلافِهِم فِي السِّرِّ اِلَيهِ بِاللَّيلِ وَ النَّهارِ خَشْيةً عَلي نَفْسِهِ وَ مُلْڪِهِ. [6] امام A جي شهادت جو هڪ سبب (هارون کي اها خبر پوڻ هئو ته) شيعا کين امام مڃن ٿا ۽ ڏينهن رات لڪي ملن ٿا. ڇاڪاڻ هو امام جي سندن حڪومت خلاف قيام کان ڊنو پئي.

يحيى بن خالد برمڪيءَ جي ڪيني سان گڏ امام جي ڪجهه ويجهن مائٽن جي چغل خوريءَ کي به امام جي گرفتاريءَ جي سببن سان گڏ وڌائڻ گهرجي.

شيخ مفيد ۽ ابوالفرج اصفهاني ان موضوع بابت هڪ مستند روايت هيٺين صورت ۾ ذڪر ڪئي آهي:

       يحيى بن خالد برمڪي ان ڳالهه کان راضي نه هئو جو هارون پنهنجي پٽ کي جعفر بن محمد بن اشعث وٽ موڪليو هو جيڪو امام موسى ڪاظم A جي امامت جو قائل هئو. تنهن ڪري هو هميشه هارون وٽ ان جي گلا ڪندو هئو .(ظاهراً ان کان بدلو وٺڻ جي نيت سان ئي امام خلاف سازشون ڪرڻ شروع ڪيون هئائين) ان سلسلي ۾ امام جي خاندان مان اهڙي ماڻهوءَ جي تلاش ۾ هئو جيڪو سندس سازشن ۾ شريڪ بڻجي.

     نيٺ پڇا ڳڇا ڪري علي بن اسماعيل بن جعفر الصادقA کي ڳولي لڌائين جيڪو  تمام گهڻو غريب هئو، هن کيس دولت ڏئي هارون جي دربار ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو ته جيئن ان جي ذريعي امام خلاف پنهنجن سازشن کي عملي جامو پهرائي. جڏهن اسماعيل هارون جي دربار ۾ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو ته امام ڪاظم A ڪوشش ڪئي ته مالي مدد ذريعي به کيس ان ڪم کان روڪي، ليڪن هو هارون وٽ ويو ۽ سندس سامهون امام جي خلاف ڳالهائين.[7]

  اها ئي ڳالهه هڪ ٻئي صورت ۾ امام جي قيد ۾ وڃڻ لاءِ به بيان ٿي آهي. شيخ صدوق اها روايت ڪامل ۽ وڌيڪ دقت سان ذڪر ڪئي آهي جنهن ۾ جعفر بن محمد بن اشعث جي امام سان ڳجهي رابطي کي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ لکي ٿو:

       يحيى جي جعفر بابت هارون وٽ چغلي کڻڻ کانپوءِ هارون يحيى کي پاڻ وٽ گهرائي چيو : مون ٻڌو آهي ته تون پنهنجي ملڪيت جو خمس ۽ اهي پيسا جيڪي تازو توکي ڏنا هئم، موسى بن جعفرAڏانهن موڪليا اٿئي؟ جعفر جواب ۾ اهي سڀ پيسا هارون جي سامهون اچي رکيا ۽ دشمنن جي سازشن کي ناڪام ڪندي هارون کي مطمئن ڪيو.ان واقعي کانپو يحيى علي بن اسماعيل جي باري ۾ سوچ لڳو.[8]

   حقيقت ۾ امام جو آخري دفعو قيد ٿيڻ ان ئي سبب ڪري هئو . شيخ مفيد مٿين روايت  ذڪر ڪرڻ کانپوءِ لکي ٿو:

هارون ان ئي سال.(179 هه).حج تي آيو مديني ۾ امام جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنائين.البته ڪجهه روايتن ۾ علي بن اسماعيل جي بجاءِ محمد بن اسماعيل جو نالو آيو آهي

امام موسى  ڪاظم Aجي گرفتاري

ابونصر بخاري لکي ٿو:

محمد بن اسماعيل سندس چاچي موسى ڪاظم A سان گڏ هئو (ان جي باوجود ) هارون کي هڪ خط ۾ لکي ٿو:ما عَلِمْتُ اَنَّ في الْاَرْضِ خَليفَتَيْنِ يُجْبى اِلَيْهِمَا الْخَراجُ.

مون کي خبر نه هئي ته زمين تي ٻه خليفا ٿي سگهن ٿا جن ٻنهي وٽ ڏڻُ ايندو هجي

   سندس ان ڳالهه جو مقصد امام جي چغلي کڻڻ هئو .ان خط کان فورا  پوءِ امامA کي گرفتار ۽ قيد ڪيو ويو جيڪو سندن شهادت تائين باقي رهيو. [9]  اها ئي ڳالهه ابن شهر آشوب به ذڪر ئي آهي [10]

انهن ٻن روايتن ۾ جن مان هڪ علي بن اسماعيل ۽ ٻئي محمد بن اسماعيل جي باري ۾ آهي ڪجهه هڪجهڙائي پاتي وڃي تي جنهن مان انهن ٻن جي هڪ هجڻ جو خيال مضبوط ٿئي ٿو.

   مشهور آهي ته هارون هڪ سال حج تي ويندو هئو ته ٻئي سال جنگ تي . ان سال يعني 179هه ۾ حج ڪرڻ جو وارو هئو. جڏهن مديني پهتو ته مديني جا ناليوارا ماڻهو جن ۾ امام ڪاظم A  به هئا سندس استقبال ۾ آيا . ليڪن هارون جيڪو امام جي ڳجهي تحريڪ کان آگاهه هئو تنهن سڀني ماڻهن جي روبرو رسول الله 1 جي ضريح جي سامهون بيهي چيو:

يا رَسولَ اللهِ اِنَّي اَعْتَذِرُ اِلَيڪَ مِنْ شَيءٍ اُريدُ اَنْ اَفْعَلَهُ اُريدُ اَنْ اَحْبِسَ مُوسي بنَ جَعْفَرٍ فَاِنَّهُ يريدُ التَّشْتيتَ بَينَ اُمَّتِڪَ وَ سَفْڪَ دِمائِها.[11]

   اي رسول خدا 1جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو ان تي معافي گهران ٿو. آءُ چاهيان ٿو ته موسى بن جعفرA کي قيد ۾ وجهان جيڪو تنهنجي امت م اختلاف وجهي، سندن خون وهائڻ چاهي ٿو.

    جئين ته ماڻهون امام ڪاظمAکي رسول الله 1 جو فرزند سمجهندا هئا لهذا رسول الله 1 کان معذرت ان سبب ڪري  هئي. ان جي باوجود ماڻهن جي سامهون اهو ڪم سوال پيدا ڪندڙ هئو تنهن ڪري، امت ۾ تفرقو وجهڻ جو الزام ماڻهن لاءِ هڪ قانع ڪرڻ وارو بهانو هئو.

مٿين روايت مديني ۾ امام جي  اهميت ۽ عظمت کي بيان ڪري ٿي جتي هارون جهڙو طاقتور حڪمران مجبور هئو ته اهڙي قسم جا بهانا ٺاهي امام کي گرفتار ڪري ۽ ماڻهن کي پاڻ سان ملائي.

   پوءِ ان ئي مسجد ۾ سندن گرفتاريءَ جو حڪم ڏنائين [12]  ۽ پوءِ ٻن قافلن کي تيار ڪري هڪ کي ڪوفي ته ٻئي کي بصري روانو ڪيائين ته جيئن ماڻهن کي خبر نه پوي ته امام کي ڪٿي قيد ڪيو ويندو.[13]

   ابوالفرج اصفهاني مٿين ڳالهين کي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ لکي ٿو:

  هارون رشيد امام کي بصري جي گورنر عيسى بن جعفر بن منصور ڏانهن موڪليو ۽ امام ڪجهه وقت ان وٽ قيد رهيو .ليڪن عيسى جلد ئي ان ڪم کان ٿڪجي پيو ۽ هارون کي لکيائين ته امام کي ڪنهن ٻئي شخص جي حوالي ڪيو وڃي ورنه هو کيس کي آزاد ڪري ڇڏيندو .ڇاڪاڻ ته ان پوري عرصي ۾ هن خلاف  هر بهانو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي اٿين پر ڳولي نه سگهيو آهي.

خاص ڳالهه اها آهي ته عيسى پنهنجي خط ۾ لکي ٿو:

حَتّي اَنّي لاَسْتَمِعُ عَلَيهِ اِذا دَعا لَعَلَّهُ يدْعُو عَلَي اَوْ عَلَيڪَ فَما اَسْمَعُهُ يدْعُو اِلّا لِنَفْسِه يسْاَل الله الرَّحْمَةَ وَ الْمَغْفِرَة. [14]

ايستائين جو سندس دعائون غور سان ٻڌان ٿو ته ڪٿي توکي يا مونکي بددعا ڏيندو هجي ليڪن هو فقط پنهنجي لاءِ دعا گهري ٿو ۽ خدا کان پنهنجي لاءِ رحمت ۽ مغفرت جو طلبگار آهي

اهو امام جي تمام گهڻي پرهيزگاري۽ پارسائي سان گڏ سندن ڳجهه ۽ تقيي کي ظاهر ڪري ٿو.

ان کانپوءِ امام کي فضل بن ربيع جي حوالي ڪيو ويو .جنهن وٽ امام طويل عرصي تائين قيد رهيو.ان کي امام جي قتل جو حڪم به ڏنو ويو پر هن انڪار ڪيو جنهن کان پوءِ امام کي فضل بن يحيى جي قيد ۾ رکيو ويو .امام ان وٽ به ڪجهه عرصو  رهيا. مورّخن جي روايت مطابق هو امام سان عزت ۽ احترام سان پيش آيو جڏهن هارون کي رقه ۾[15] اها خبر پئي ته امام ان وٽ آرام،سڪون ۽ آزاديءَ سان رهي پيو ته پنهنجي دربار ۾ کليو کلايو حڪم ڏنائين ته ان تي لعنت ملامت ڪئي وڃي ته خليفي کي ڇو ناراض ڪيو اٿائين .ان ئي ڏوهه ۾ کيس 100 ڪوڙا هنيا ويا ان کان پوءِ امام کي هڪ ٻئي قيد خاني جي داروغي سندي بن شاهڪ جي حوالي ڪيو ويو.[16]

امام موسى ڪاظم A جي شهادت

 روايت ۾ آيو آهي ته:

  ان واقعي تي يحيى بن خالد پريشان ٿي ويو هئو ۽ هارون وٽ وڃي ڪري فضل بن ربيع جي ڪم تي عذرخواهي ڪيائين. خود هارون به چاهي پيو ته امام کي قتل ڪيو وڃي تنهن اهو ڪم سندي بن شاهڪ ذريعي انجام ڏنو ويو.[17]

يحيى بن خالد جي امام جي شهادت ۾ اهم ڪردار هجڻ بابت پڻ ڪجهه روايتن ۾ وضاحت موجود آهي.

ابوالفرج ۽ ٻين جي روايت مطابق هو ظاهر ۾ ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ ليڪن حقيقت ۾ امام کي شهيد ڪرڻ لاءِ بغداد ويو هئو .اها روايت ٻڌائي ٿي ته هو اهو ڪم واضح نموني پنهنجي سر تي کڻڻ لاءِ تيار نه هئو . پهريان به ٻڌائي چڪاسين ته هشام بن حڪم جي واقعي کانپوءِ امام سان سندس دشمني واضح هئي ان صورت ۾ ڪجهه روايتن ۾ جيڪو اهو آيو آهي ته هو دلي طور امام کي چاهيندو هئو جنهن جي هارون کي خبر نه هئي، صحيح نه ٿو لڳي.

   هڪ روايت ۾ امام رضا A کان سوال ٿيو ته ڇا يحيى بن خالد اوهان جي والد کي زهر ڏنوهئو؟ ته امام ان بابت ها ڪئي[18] . ان ڳالهه جي ٻيون روايتون به تاڪيد ڪن ٿيون. [19]

    امام موسى ڪاظم A جي شهادت بابت ـــــ جيئن اڪثر مورّخن گواهي ڏني آهي ـــ ڪو به شڪ ناهي. ليڪن امام جي ڳجهي نموني شهادت ۽ بنو عباس جي حڪمرانن پاراب ماڻهن ۾ اهو دغا ڀريو اعلان ڪرڻ ته امام طبعي موت سبب انتقال ڪري ويا آهن،ڪجهه مورّخن تي اثر ڪيو جن پنهنجي ڪتابن ۾ امام جي وفات کي طبعي ذڪر ڪيو آهي . پوءِ ”قيل“ چئي سندن شهادت جو ذڪر ڪيو آهي.[20]

امامA جي شهادت ڪيئن ٿي ؟ ان بابت ٽي مختلف روايتون ذڪر ٿيون آهن

1. امامA جي شهادت کين زهر ڏيڻ سبب ٿي .اهو مٿي ذڪر ٿيل امام رضا A جي روايت ۾ پڻ آيو آهي ۽ ٻيون روايتون به جيڪي يحيى بن خالد کي امام جي قتل جو ذميوار چون ٿيون ،ان ڳالهه جي تاڪيد ڪن ٿيون

2. امام Aکي هڪ غاليچي ۾ ويڙهي ايترو ته زور ڏنو ويو جو سندن شهادت واقع ٿي وئي[21]

3.هڪ ڪمزور روايت جيڪا مستوفي نقل ڪئي آهي ،اها به آهي ته : شيعه چون ٿا: هارون جي حڪم تي ٻڙهڪايل شيهو سندن نڙيءَ ۾ وڌو ويو.[22] جنهن سان سندن شهادت ٿي.

  البته مشهور روايت کين زهر ڏئي شهيد ڪرڻ واري آهي. باقي امام جي شهادت کانپوءِ سندن جسد کي عام ماڻهن جي اڳيان ڇو ڦٽو ڪيو ويو ؟ ان بابت ٻه سبب بيان ڪيا ويا آهن

  1. 1.اربلي جي روايت مطابق سندي بن شاهڪ بغداد جي فقيهن ۽ وڏن ماڻهن کي جن ۾ ميثم بن عدي به هئو امام جي جسد تي ان لاءِ وٺي آيو ته انهن کي ڏيکاري ته امام جي جسم تي زخم،تشدد ۽ ڦاهيءَ جا اثر ناهن ۽ سندن وفات طبعي هئي.
  2. 2.ڪجهه شيعا سندن مهدويت جا معتقد هئا يا انهن ۾ اهو عقيدو پيدا ٿيڻ جو گمان موجود هئو تنهن ڪري امام جي جسد کي بغداد جي پل تي زمين تي رکيو ويو. يحيى بن خالد ڪجهه ماڻهن کي حڪم ڏنو ته اهو نعرو هڻو ته هيءُ آهي اهو موسى بن جعفرA جنهن بابت رافضي عقيدو رکندا هئا ته هو زنده آهي. ماڻهون آيا ۽ سندن جنازي کي ڏٺائون ۽ پوءِ سندن جنازي کي بغداد جي باب التين وٽ قريشين جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو [23]

 شيخ صدوق جي روايت مطابق امام جي شهادت جي تاريخ 25 رجب سن 183 هه جڏهن ته شيخ مفيد جي روايت مطابق 24 رجب آهي جڏهن ته مستوفي سندن شهادت 14 صفر لکي آهي.

امام موسى ڪاظم A پاران عباسي حڪومت سان مقابلي جا ٻيا پهلوءَ

   هن وقت تائين جيڪو ڪجهه بيان ٿيو ان کان علاوهه امامA پاران عباسي ظالم حڪمرانن خلاف ڳجهي جنگ ۽ مقابلي جي ٻيا به کوڙا سارا نمونا موجود آهن.    

جيتوڻيڪ اهي قدم حڪومت جو تختو اوندهو ڪرڻ لاءِ ته شايد ڪافي نه هجن ليڪن انهن ذريعي حڪومت کي ناحق ثابت ڪرڻ کان علاوهه ماڻهن جو ان حڪومت تان اعتماد کڄڻ جو سبب بڻيا پئي.ڪنهن به مقابلي جو بنياد تعاون نه ڪرڻ آهي جيڪو حڪومت جي ناجائز هجڻ تي بيٺل آهي.هڪ حڪومت خلاف ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي سوچ (ته اها ناجائز آهي) جو ڦهلجڻ ان لاءِ هڪ وڏو خطرو حساب ٿئي ٿو.  ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻهن جي نظر ۾ هڪ حڪومت ناجائز سمجهي وڃي ته عين ممڪن آهي ته ماڻهون ان حڪومت خلاف انقلاب آڻين يا اهڙي انقلاب جي حمايت ڪن.

ان ڳالهه جو تاريخي مثال صفوان بن مهراڻ جمّال بابت آيل روايت آهي.

جڏهن هو امام ڪاظم ع جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ کيس فرمايائون:يا صَفْوانُ ڪُلُّ شَئ مِنْڪَ حَسَنٌ جَميلٌ ما خَلا شيئاً واحِداً.(تنهنجا سڀ ڪم ڀلا آهن سواءِ هڪ ڪم جي) صفوان پڇيو اهو ڪهڙو ڪم آهي؟

 امام فرمايو: اِڪراءُڪ جِمالَڪَ مِن هذَا الرَّجُلِ يَعْني هارُونَ. (هن ماڻهوءَ (يعني هارون) کي اٺ ڪرائي تي ڏيڻ)

صفوان چيو: ته هن پنهنجا اٺ کيس عيش عشرت يا شڪار لاءِ ناهن ڏنا، بلڪه مڪي سفر ڪرڻ لاءِ ڏنا اٿس جڏهن ته هو پاڻ به ان سفر ۾  شريڪ ناهي بلڪه ان لاءِ به ڪجهه ماڻهو مزدوريءَ تي رکيا اٿائين.

امام فرمايو:يا صفوانُ اَيَقَعُ ڪِراءُڪَ عَلَيهِم؟ ڇا تون سمجهين ٿو کين اٺ ڪرائي تي ڏيڻ صحيح آهي؟

صفوان چيو: هاصحيح آ ،ته امام کيس چيو : اَتُحِبُّ بَقائُهُمْ حَتّي يَخْرُجَ ڪِراءُڪَ؟

ڇا تون چاهين ٿو ته جيستائين هو تو کي ڪرايو ڏين زنده رهن ؟

صفوان چيو ها،امام فرمايو:فَمَنْ اَحَبَّ بَقائَهُم فَهُوَ مِنْهُمْ وَ مَنْ ڪانَ مِنْهُمْ کان وردَ النّار.(جيڪو سندن زندهه رهڻ کي پسند ڪري هو انهن مان آهي ۽ جيڪو انهن مان ٿيو جهنم ۾ ويندو.)

ان واقعي کانپوءِ صفوان پنهنجا سڀئي اُٺَ کپائي ڇڏيا.جڏهن ان بابت هارون کائنس سوال ڪيو ته چيائين: هاڻي مان پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ نوڪر به صحيح ڪم نه ٿا ڪن. هارون چيو مون کي خبر آهي ته ڪنهن جي چوڻ تي اهو ڪم ڪيو اٿئي .توکي موسى بن جعفر A ان ڪم تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته منهنجو ان سان ڪهڙو ڪم؟

هارون چيو :دَعْ عَنْڪَ هذا فَوَاللهِ لَولا حُسنُ صُحْبَتِڪَ لَقَتَلْتُڪَ. اهي ڳالهيون ڇڏي ڏي ،خدا جو قسم جيڪڏهن اسان جي پراڻي دوستي نه هجي ها ته توکي قتل ڪري ڇڏيان ها.[24]

       امام موسى ڪاظم A طرفان پنهنجي تمام شيعن لاءِــــ سواءِ انهن شيعن جي جيڪي سندن ئي حڪم تي حڪومت سان رابطي ۾ هئا ــــ اهڙي قسم جو هر عام حڪم  مٿي ذڪر ٿيل  حڪومت سان مقابلي جو هڪ پهلوءُ هئو.

جڏهن ته مقابلي جو ٻيو پهلوءُ عباسي حڪومت ۾ امام پاران علي بن يقطين جي حفاظت ڪرڻ هئو . ته جيئن ان وسيلي شيعن کي گرفتارين ۽ تڪليفن نجات ڏئي سگهن. علي بن يقطين جو شمار، امام جي انهن ساٿين مان ٿيندو هئو جن جو عباسي حڪومت ۾ تمام گهڻو اثر هئو . هو مهدي ۽ هارون جي دور ۾ تمام گهڻو با اثر هئو۽ پنهنجي ان اثر کي شيعن جي فائدي لاءِ استعمال ڪندو هئو .

شروع ۾ جڏهن هن امام کان حڪومت جي نوڪري ڇڏڻ جي اجازت گهري ته امام کيس اها اجازت نه ڏئي ۽ فرمايو:

لا تَفْعَلْ فِاِنَّ لَنابِڪَ اُنْساً وَلِا خوانِڪَ بِڪَ عِزّاً وَ عَسى اَنْ يَجْبِرَ اللهُ بِڪَ ڪَسْراً و يَڪسِربِڪَ نائِرَةَ الْمُخالِفينَ عَنْ اُوْليائهِ ياعَلِي ڪَفّارَة اَعْمالِڪُم اَلْاِحْسانُ اِلي اِخْوانِڪُم.[25]

اهو ڪم نه ڪر ڇاڪاڻ ته اسان تنهنجي اتي هجڻ سان مانوس ٿي چڪا آهيون۽ تون پنهنجي ڀائرن لاءِ عزت آهين . شايد خدا تنهنجي ذريعي تنهنجي دوستن جي نقصان کي پورو ڪري يا انهن جي دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائي.اي علي! توهان جي گناهن جو ڪفارو پنهنجي (ديني) ڀائرن سان نيڪي ڪرڻ آهي.

هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته امام کيس جواب ڏنو:

لا لَڪَ المَخْرُج مِنْ عَمَلِهِم وَ اتَّقِ اللهَ. [26] نه ،تووٽ اهو ڪم ڪرڻ کانسواءِ چارو ناهي .خدا کان ڊڄندو رهه.

هڪ ٻئي جاءِ تي آيو آهي ته جڏهن امام عراق آيو ته علي بن يقطين کين چيو: مون کي افسوس آهي جو توهان کي ان حال ۾ ڏسي رهيو آهيان ته امام کيس فرمايو:

يا عِليُّ اِنَ لِلّهِ تَعالي اَوْلياءٌ مَعَ اَولِياءِ الظَّلَمةِ يدْفَعُ بِهِمْ عَنْ اَوْليائهِ وَ اَنْتَ مِنْهُم يا عَلِي.[27]

اي علي :الله جا ظالمن جي ساٿين ۾اهڙا محب آهن جيڪي الله جي حبدارن کان برائيءَ کي پري ڪندا آهن ۽ تون انهن مان آهين.

يا هڪ ٻئي نقل مطابق:اِنَ لِلهِ مَعَ ڪُلِّ طاغِيةٍ وَزيراً مِنْ اَوْليائه يدْفَعُ بِهِ عَنْهُم.[28]

الله جا هر جابر وٽ اهڙا دوست آهن جيڪي سندس حبدارن کان مصيبتون دور ڪندا آهن.

     امامA جو علي بن يقطين سان رابطي جي صحيح ۽ ضروري هجڻ تي تاڪيد ۽ اهڙي نموني سندن مٿيان جملا خاص ڪري آخري جملو اهو ٻڌائي ٿو ته A ان رابطي کي شيعن جي دفاع لاءِ استعمال ڪندا هئا.علي بن يقطين لاءِ تمام گهڻيون چغليون هنيون ويون ليڪن هن تقيي ۽ امام ڪاظم A  جي رهنمائيءَ وسيلي ان مان جان ڇڏائي.[29] اهڙي نموني ڪجهه مذهبي مسئلن۾ جن جو حڪومت شڪارٿيندي  هئي ڪوشش ڪندو هئو ته امام ڪاظم A جي راءِ مطابق عمل ڪري.[30]

امام A جي حڪومت خلاف ڳجهي ويڙهه جو هڪ نمونو، وڪامجي ويل فاسد عالمن سان مقابلو ڪرڻ هئو جيڪي درٻاري عالم هئا ۽ انهن ماڻهن جو وجود، حڪومت جو ماڻهن اڳيان جائز هجڻ جو سبب بڻجي پيو تنهنڪري حڪومت وٽ اهڙن ماڻهن جي وڏي اهميت هئي.

      هڪ حديث ۾ رسول الله1فرمايو آهي ته : اَلْفَقَهاءُ اُمَناءُ الرّسُل ما لَمْ يَدْخُلُوا فِي الدُّنْيا.[31] فقيهه جيستائين دنيا ۾ داخل نه ٿين نبين جا امين آهن.سوال ٿيو ته اهي دنيا ۾ ڪيئن داخل ٿيندا ته پاڻ فرمايائون: اِتّباعُ السُّلْطانِ فَاِذا فَعَلُوا ذلِڪَ فَاحْذَرُوهُم عَلي اَدْيانِڪُم.حاڪمن جي پيروي .جڏهن ائين ڪن ته انهن کان پنهنجي دين بابت خوف کائو. اهڙن عالمن جو مثال اهي ماڻهو هئا جن کان هارون امام جي طبيعي موت کي ثابت ڪرڻ لاءِ فائدو ورتو ۽ انهن جي ظاهري چهري ذريعي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

عقائدي بحث ۽ علمي، سياسي مسئلا

انهن مذهبن مان جيڪي پهرئين صدي هجريءَ جي آخر ۾ پيدا ٿيا ۽ ان کانپوءِ اسلامي معاشري ۾ فڪري جهيڙن ۾ وڏو حصو بڻيا،هڪ مذهب ”اعتزال“ به هئو. هن مذهب جو بنيادي عنصر ديني مسئلن جي خالص عقل جي روشنيءَ ۾ توجيه ڪرڻ هئو. ”واصل بن عطاء“ ۽ ”عمرو بن عبيد“ ان مذهب جا مکيه اڳواڻ هئا. ديني مسئلن جي عقلي بنياد تي توجيه اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن جو شيعا  انڪار ڪندا هجن. ليڪن اهم نڪتو اهو هئو ته ديني مسئلن کي اهڙي نموني عقل جي حوالي ڪرڻ جو عقل انهن جي تجزئي ۾ حد کان وڌي وڃي. اهڙو ڪم نه هئو جنهن مان گهربل نتيجا ملي سگهن . جنهن جو مثال مختلف قسم جا اهي عقيدا آهن جيڪي فقط عقل تي ڀاڙيندڙن توحيد بابت پيش ڪيا آهن.جن ۾ ڪڏهن متضاد صفتن کي خدا ڏانهن نسبت ڏيي وئي ٿا ته ڪڏهن وي قرآن جي واضح بيان باوجود ڪجهه صفتن کي ان کان جدا ڪن ٿا.

    سندن عقلي تشريحون شيعن کي انهن ڏانهن مائل ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهن پيون. جيتوڻيڪ هشام بن حڪم جهڙا ماڻهو اڪيلا به انهن جو مقابلو ڪري سگهن پيا. تنهن ڪري شيعن جي امام عقل ڏانهن توجهه باوجود هڪ مخصوص ۽ مقرر حد تائين ئي عقل کي ديني مسئلن ۾ استعمال جي اجازت ڏيندا هئا. خاص ڪري اهڙن مسئلن ۾ جن ۾ حد کان وڌيڪ غور ڪرڻ انسان لاءِ وڏن مسئلن جو سبب بڻجي پيو. بالخصوص الله سائين جي صفن جي باري ۾ عين ممڪن هئو ته انسان ڪفر ،انڪار ۽ معطليءَ جي حد تائين وڃي پهچي.

امام موسى ڪاظم A جي زماني ۾ اهڙي قسم جون تاويلون تمام گهڻيون هيون. لهذا الله سائينءَ جي صفتن ۽ ان جهڙن موضوعن جي سلسلي ۾ امام A بهترين ۽ انتهائي اهم نصيحتون ڪيون آهن . جن مان هڪ هيءَ آهي جڏهن امام کان الله جي صفتن بابت سوال ٿيو ته فرمايائون: لا تَجاوَزُوا عَمّا فِي الْقُرآنِ. [32] جيڪو قرآن ۾ موجود آهي ان کان قدم اڳتي نه وڌايو ۽ ٻين لفظن ۾ فرمايائون : لا تَتَجاوَزْ فِي التَّوْحيدِ ما ذَڪَرَهُ اللهُ تَعالي في ڪِتابِهِ فَتَهْلُڪ.[33] توحيد جي باري ۾ جيڪو ڪجهه الله تعالى پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي قدم اڳتي نه وڌايو.

هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي: انَّ اللهَ اَعْلي وَ اَجَلُّ وَ اَعْظَمُ مِنْ اَنْ يبْلَغَ ڪُنْهَ صِفَتِهِ فَصِفُوهُ بِما وَصَفَ بِهِ نَفْسَهْ وَ ڪُفُّوا عَمّا سِوي ذلِٰڪَ.[34]

الله سائين ان کان وڏو ۽ اعلى آهي جو ڪو سندس صفتن جي حقيقت کي سمجهي سگهي. تنهنڪري کيس ائين سڃاڻو جئين پاڻ کي ٻڌايو ٿائين ۽ ان کانسواءِ ٻين تان هٿ کڻو.

  جڏهن پاڻ خدا جي صفتن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندا هئا ته فقط قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿيل مضمونن کي بيان ڪندا هئا ۽ اڳتي قدم نه وڌائيندا هئا.[35] جڏهن ته ٻئي طرف اهل حديث ــــ جيڪي ”مشبهه“ هئا ۽ قرآن جي آيتن ۽ روايتن جي ظاهري لفظن ذريعي الله سائينءَ جي لاءِ انساني ۽ مادي صفتون ٺاهيندا هئا ــــ سان مهاڏو اٽڪائي خدا کي هر قسم جي تشبيهه ۽ مادي صفتن کان پاڪ ثابت ڪندا هئا. [36]

جڏهن کين چيو ويو ته ڪجهه ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته خدا دنيا جي آسمان تي نازل ٿيندو  ته فرمايائون:

اِنَّ اللهَ لا ينْزِلُ وَ لا يحْتاجُ اِلي اَنْ ينْزِلَ اِنَّما مَنْظَرُهُ فِي‌ الْقُربِ وَ الْبُعْدِ سَواءٌ.[37]

الله نازل نه ٿيندو،نه ئي ان جي خدا کي ڪا ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ويجهو ۽ پري ٻئي خدا جي نظر ۾ هڪ جهڙا آهن.

خدا جي صفتن بابت امام موسى ڪاظم A کان انتهائي عميق ۽ املهه ڳالهيون نقل ٿيون آهن[38]

عقائدي مسئلن بابت اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال امامA کان روايتن ۾ نقل ٿيا آهن جن جو هدف عام طور معتزله ۽ اهل حديث جي مقابلي ۾ ـــ جيڪي افراط ۽ تفريط جو شڪار هئا ـــ شيعه عقيدن جي وضاحت ڪرڻ هئو.

     جبر ۽ اختيار واري مسئلي ۾ به امامA کان تمام مضبوط ۽ سهڻا دليل نقل ٿيا آهن جيڪي امام A اهل سنت جي امام اعظم ابو حنيفه اڳيان پيش ڪري کيس گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪيو هئو.

**********

حوالا ...........................



[1] - مقاتل الطالبين 303

[2] - مستدرک الوسائل ج12 ص289

[3] - رجال ڪشي ص 262،256

[4]- ساڳيو   ص  271

[5] - اڪمال الدين ص 362، بحار الانوار ج48 ص 204

[6] - عيون اخبار الرضا ج1 ص100

[7] - ارشاد ص379، مسند الامام الڪاظم ج1ص115

[8] - عيون اخبار الرضا ج1 ص 385

[9] - سرالسلسلة العلويه 35،مسند الامام الڪاظم ج1ص69

[10] - مناقب ج 2 ص385

[11] -ارشاد ص 280

[12] - ارشاد و روضة الواعظين ص 187

[13] - شيخ صدوق لکي ٿو ته ان جي ٻئي ڏينهن جڏهن ته پاڻ رسول الله جي مصلى واري جڳهه تي نماز پئي پڙهيائون کين گرفتار ڪيو ويو. عيون اخبار الرضا ج1 ص73

[14] - مقاتل الطالبين ص 235

[15] -فرات جي اوڀارين پاسي هڪ شهر آهي

[16] - مقاتل الطالبين ص 336

[17] - مقاتل الطالبين ص 335

[18] - رجال ڪشي ص 503

[19] - دلائل الامامة ص 147

[20] - ڏسو ڪتاب ابن خلڪان ج5 ص310،عمدة الطالب ص196

[21] - مقاتل الطالبين ص 336

[22] -  تاريخ برگزيده ص 304

[23] - ڪشف الغمه ج 2 ص234

[24] - رجال ڪشي ص441

[25] - بحارالانوار ج48 ص 136

[26] - قرب الاسناد ص 126

[27] - رجال ڪشي ص 433

[28] -رجال ڪشي ص 435

[29] - ارشاد ص 374،375

[30] - تفسير عياشي ج 1 ص 185

[31] - بحارالانوار ج ص36

[32] - المحاسن ص 239، اصول ڪافي ج1 ص102

[33] - توحيد ص76

[34] - اصول ڪافي ج1 ص 105

[35] - توحيد ص 76

[36] -توحيد ص 75،97،99

[37] - اصول کافي ج 1 ص 125 ،احتجاج ج 2 ص 156

[38] -توحيد ص 183،178،175،147،141