Get Adobe Flash player

اسان شيعه دوست ڊاٽ ڪام طرفان تمام مسلمان ڀائرن،شيعيان حيدرڪرار ۽ محبان اهل بيت عليهم السلام جي خدمت ۾ هفته وحدت ***عيد ميلاد النبي صلى الله عليه وآله وسل جي موقعي تي حضرت حبيب خدا محمد مصطفى رحمة للعالمين صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي ولادت باسعادت جي پر برڪت ڏهاڙن جي آمد جي موقعي تي مبارڪ پيش ڪريون ٿا

       ڪربلا جي رڻ پٽ ۾ حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٿيل معرڪي ۾ تلوار مٿان خون جي حيرت انگيز فتح پوري دنيا جي مظلومن کي اها سگهه ڏني جو هو ظالم جي سامهون بيهي سگهن ۽ ان سان مهاڏو اٽڪائڻ جي جرئت ڪندي کائنس پنهنجو حق گهري سگهن ۽ دنيا جي نظرن ۾ کيس اهڙو ته ننگو ڪن جو کيس لڪڻ جي ڪا واٽ نه ملي .

ڪربلا جي معرڪي ۾ ان تاريخي فتح ۾ جتي امام حسين عليه السلام ۽ سندن باوفا ساٿين جو ڪردار هئو، اتي سندن شهادت کانپوءِ ، اسيرن جي ان قافلي جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جن کي ڪربلا کان ڪوفي ۽ پوءِ ڪوفي کان شام طرف نيون ويو . جيڪڏهن ائين چئجي ته شايد غلط نه هوندو ته جيڪڏهن اهو قافلو نه هجي ها ته ڪربلا وارن جو پيغام هرگز دنيا وارن جي ڪنن تائين نه پهچي ها ۽ يزيد ۽ يزيديت ائين دنيا وارن جي سامهون رسوا ۽ بدنام نه ٿين ها جيئن اڄ آهن.

            ان قافلي جي سالار بيبي زينب سلام الله عليها هئي جنهن دنيا وارن کي ٻڌايو ته ڪربلا ۾ ڪهڙو ڪِيس ٿيو، نينوا جي برپٽ ۾ ماريل انسان باغي نه پر ان رسول جي اولاد هئو جنهن دنيا لاءِ اسلام جو پيغام آندو . مسلمانن جي روپ ۾ وڙهڻ لاءِ آيل درندا نه فقط انسانيت کان ڪريل هئا بلڪه اهي حيوانيت جي به آخري حدن کي اورانگهي چڪا هئا. جن لاءِ انسانن سان دشمني فقط ان جي مرڻ ۽ هن دنيا ۾ وڃڻ تائين ختم نه ٿي ٿئي. بلڪه هو دشمن جي جسم کي چيري ڦاڙي ان جا جيرا بڪيون ڪڍي کائڻ لاءِ تيار آهن. جيڪي دشمن جي جنازن تي به رحم نه ٿا ڪن ۽ انهن کي گهوڙن جي سنبن سان ڳڀا ڳڀا ڪري انهن مٿان ٽهڪ ڏين ٿا ۽ فخر سان چون ٿا ڏسو اسان ڪهڙو نه وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.؟

   اهي انسان اسلام لاءِ ايترو ته ننگ ۽ عار آهن جو پنهنجي ئي مسلمانن جي عورتن ۽ ٻارن تي به رحم نه ٿا ڪن ۽ انهن کي رومي ۽ زنگي غلامن وانگر  زنجيرن ۾ جڪڙي بازارن ۾ گهمائن ٿا . اسلام جي نالي تي مسلمانن مٿان حڪومت ڪن ٿا ليڪن مسلمانن جي ئي بيت المال مان عيش ۽ نوش جو محفلون برپاڪن ٿا .

اها حضرت بيبي زينب (س) جيڪا اهڙي دور ۾ ۽ اهڙي  ئي قسم جي ماڻهن جي سامهون ، اٿي کڙي ٿي ۽ پنهنجي حيرت انگيز خطبن ذريعي مسلمان جي ضمير کي جنجهوڙيائين ،انسانيت کي غفلت جي اگهور ننڊ مان بيدار ڪندي يزيد کي سندس ئي درٻار ۾ اهڙو رسوا۽  خوار ڪيائين جو شامي درٻار ۾ ڪربلا جي فتح تي جشن جي محفل ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، يزيد جا پنهنجا ئي حامي، مظلوم ڪربلا مٿان ماتم ڪندي نظر آيا ۽ پوءِ لعنت ملامت ، ذلت ۽ ڦٽڪار جي اهو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿيو جيڪو قيامت تائين  يزيد جو پيڇو نه ڇڏيندو .

بيبي زينب (س) جي اها جرئت ،شجاعت، صبر ۽ بردباري ڪائنات جي سڀني مظلومن جي لاءِ آس ۽ اميد جو باعث بڻي جنهن کين ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ کيس رسوا ڪرڻ جي سگهه ڏني.۽ بيبي زينب (س) هميشه هميشه لاءِ مظلوميت جي اهڙي نشاني بڻجي وئي جو جڏهن به زينب جو نالو آيو اتي مظلوميت ۽ ان جي سامهون ايندڙ تي ظالم جي مهر لڳي وڃي ٿي. ۽ ائين زينب تاريخ ۾ هميشه هميشه لاءِ امر ٿي وئي.

    اڄ چوڏنهن سئو سالن کانپوءِ بيبي زينب (س) جو نالو  ٻيهر ماڻهن جي زبانن تي آهي،ميڊيا ٻيهر اعلان ڪري پئي ته اڄ وري ظالم مظلوم تي حملو ڪيو آهي ، اڄ وري حق ۽ باطل جي جنگ درپيش آهي. ليڪن اڄ بيبي زينب (س) نه پر سندس مزار مسلمانن کي پڪاري رهي آهي، غفلت جي اگهور ننڊ ۾ ستل ضميرن کي جنجهوڙي رهي آهي، ته اٿو ! اڄ وري اسلام خطري ۾ آهي ، جو اسلام جي نالي تي باطل ٻيهر مسلمانيت جي نقاب ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن ۾ اسلام ۽ انسانيت جي ڪا بوءِ ناهي ، اهي اڄ به اسلام جي نالي تي پنهنجي ئي مسلمانن جو خون وهائي رهيا آهن! ، سندن جسمن جا ڳڀا ڳڀا ڪري رهيا آهن! سندن سينا چيري انهن جا جيرا بڪيون چٻاڙي فخر سان اعلان ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن موقعو مليو ته ٻيهر ائين ڪنداسين!  ۽ سندن ٻارن ۽ عورتن تي به رحم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

 

  بيبي زينب (س اڄ به مظلوم آهي،سندس مزار اڄ به مظلوم آهي ، اڄ به بيبي زينب (س) مظلوميت جي نشاني آهي جيڪا هر زنده دل ۽ جاڳيل ضمير انسان کي ٻڌائي رهي آهي ته ڏسو! جن جي ابن ڏاڏن کي چوڏنهن سئو سال پهريان سندن ئي قلعي ۾ رسوا ڪيو هئم ، اڄ سندن ناجائز اولاد پلاند ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نه آتو آهي جو منهنجي قبر تي رحم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.؟ اٿو ۽ ڏسو اڄ انسانيت ڪيتري ڪري چڪي آهي ؟ حيوانيت ڪيتري وڌي چڪي جو دشمن جي قبر سان به دشمني؟! ، دنيا جي دستور مطابق انسانن جي دشمن سان دشمني سندس زندگيءَ تائين ئي محدود هوندي آهي ته پوءِ اڄ هيءُ ڪير آهن ؟ جيڪي انسانذات جي چهري تي اهڙو بدنما داغ بڻجي ويا آهن جيڪو هزارين بيگناهه انسان جي خون سان به ڌوپي نه ٿو ڌوپجي؟ ڏسو آءُ پاڪ رسول (ص) جي نواسي ، علي ۽ بتول جي نياڻي اڄ به اوتري ئي مظلوم آهيان جيتري ڪالهه ڪربلا ۾ هئس! اٿو ۽ منهنجي مظلوميت کي سمجهو ته جيئن اڄ جي يزيد ۽ يزيديت کي سڃاڻي سگهو.

akhlaq       الله سائينءَ جي پسنديدہ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج ۾ پيغمبر اسلام محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن ڪيترو ڪامياب ويا پوري دنيا ان جي بهترين شاهد آهي جو اڄ سندن زبان مبارڪ تان جاري ٿيل لاالہ الله جي صدا محمد رسول الله جي صدا سان گڏ دنيا جي هر...
117650
mustafaسنڌيڪار:خادم حسين الحسيني ڪائنات جي لاءِ رحمت بڻجي آيل رسول ،الله جي محبوب پيغمبر اڪرم ص جو شان ان کان وڌيڪ اعلى آهي جو ڪنهن عام ماڻهوءَ يا محدود سوچ ۽ فڪر رکندڙ مفڪر جي تعريف ڪرڻ سان وڌي يا انهن جي گهٽائڻ سان گهٽجي سگهي ڇو جو کين اهو اعلى شان ۽ مان ڏيڻ...
45180
rasol-sadiqانسانيت جي تاريخ ۾ اهڙا انسان تمام گهٽ پاتا وڃن ٿا جن جي زندگيءَ جون خاصيتون پيغمبر اڪرم ﷺجي زندگي جيانچٽيون ۽ واضح بيان ٿيل هجن.خداوند متعال قرآن شريف ۾ جنهن تمام سهڻن جملن۽ تمام ڀلي بيان سان پاڻ سڳورن جي سڃاڻپ ڪرائي آهي ۽سندن تمام اعلى گڻبيان ڪيا اٿس....
59640
musstafa-141_چاليهه حديثون ياد ڪرڻ جو اجر.         مَنْ حَفِظَ مِنْ أُمَّتِي أَرْبَعِينَ حَدِيثاً مِمَّا يَحْتَاجُونَ إِلَيْهِ مِنْ أَمْرِ دِينِهِمْ بَعَثَهُ اللَّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَقِيهاً عَالِما.[1] منهنجي امت منجهان جيڪو به اهڙيون چاليهه حديثون ياد ڪري...
37290
پاڪ-رسول-ص-بياباني-عرب-سان-سهڻو-سلوڪ   هڪ ڏينهن هڪ  بياباني عرب  مديني ۾ آيو ۽ رسول خدا (صلى الله عليه وآله) کان ڪجھ مدد وٺڻ لاءِ سڌو مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيو جتي رسول خدا ص پنهنجي اصحابن ۽ ساٿين سان ويٺآ هئا، هن شخص  رسول خدا ص کان حاجت طلب ڪئي ته پيغبر ص کيس ڪجهه ڏنو ليڪن هو انهي تي راضي...
14190
payamer-ummiاُمّي[1]، جي معنى جي باري ۾ ٽي مشهور اِحتِمال پاتا وڃن ٿا: 1.“اُمّي” يعني جنهن سبق نه پڙهيو هجي  2. “اُمّي” يعني جنهن جي ڄمڻ جو هنڌ مڪو هجي 3.“اُمّي” يعني جنهن قوم ۽ اُمت جي درميان قيام ڪيو هجي، پر سڀ وڌيڪ مشهور ۽ معروف پهريون ٻه معنائون آهن، قرآن ۾...
18360
رسول-پاڪ-ص-مٿان-صلوات-۾-آل-جو-اضافو-؟تاريخ مان اها ڳالهه ثابت آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن پاڻ مسلمانن کي انهي طريقي سان صلوات پڙهڻ جي تعليم ڏني آهي. جڏهن هي آيت:    اِنَّ اللَّـهَ وَمَلَائِڪَتَهُ يُصَلُّونَ عَلَى النَّبِيِّ،يَا اَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا صَلُّوا...
23250