Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 11 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

ھر انسان لاءِ اولاد سڀني کان وڌيڪ قيمتي شيءِ هوندو آهي جنهن لاءِ هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. انسان  پاڻ هر سردي گرمي سهي ،هر ڏک ۽ تڪليف برداشت ڪري به اهو چاهيندو آهي ته سندس اولاد سکيو هجي ، ان کي ڪابه تڪليف نه پهچي ۽ هو ڪو ڏک نه سهي،کين خوش ڏسي انسان پاڻ خوش ٿي ويندو آهي ۽ سندن ڏک ڏسي انسان ڏکارو ٿي ويندو آهي

۽ اهو سڀ ڪجهه ان محبت جي ڪري آهي جيڪا الله پاڪ انساني وجود ۾ اولاد لاءِ سمائي آهي.

جيڪڏهن انساني فطرت تي ڪجهه غور ڪجي ته خبر پوي ٿي ته ڪي سبب اهڙا به آهن جيڪي ان محبت کي وڌائيندا آهن جهڙوڪ اولاد جو صالح هجڻ جيڪڏهن انسان جو اولاد پٽ هجي ۽ پٽ به اهڙو جيڪو نيڪ ۽ صالح ۽ ماءُ پيءُ جو فرمانبردار هجي. ان سان گڏ مٿن ڪنهن وڏڙي جو نلو هجي ته اها محبت اڃان وڌي ٿي ۽ ان محبت کي ان وقت چارچنڊ لڳي ويندا آهن جڏهن اهو پٽ، انسان جي وڏڙن مان ڪنهن هڪ جي صورت ۽ سيرت ۾ شبيهه هجي.  هاڻي ان جي ماءُ پيءُ جي ان پٽ سان محبت کي  لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي.

مٿين سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ پوءِ جيڪڏهن شبيهه رسول حضرت علي اڪبر عليه السلام جي عظمت اهميت ۽فضيلت کي تصور ڪجي ته چڱي نموني خبر پئجي وڃي ٿي ته آل رسول الله جي نظر ۾ علي اڪبر (ع) ايترو وڌيڪ پيارو ڇو هئو ؟

            اسان هن مختصر تحرير ۾حضرت علي اڪبر علي(ع) جي زندگيءَ تي هڪ نظر وڌي آهي ۽ سندن زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ولادت ۽ مختصر تعارف

سندن نالو علي ڪنيت ابوالحسن لقب اڪبر هئو[i]. سندن ولادت ،11 شعبان تي مديني منوره ۾ ٿي، جڏهن ته سندن ولادت واري سال بابت ٽي قول آهن سن 33 ،38 ،43 هجري  جنهن سبب ڪربلا ۾ سندن عمر بابت به ٽي قول آهن ته سندن عمر 18، 23 ، 28 سال هئي. ليڪن ابن شهر آشوب،طبرسي،شيخ مفيد جي تحقيق مطابق سندن عمر 18 يا 19 سال هئي جڏهن ته برصغير جي عالمن وٽ پڻ اها ئي ڳالهه مشهور آهي[ii] . سندن شهادت 10 محرم الحرام سن 61 هجري ۾ ڪربلا ۾ ٿي جڏهن ته کين سندن والد حضرت امام حسين (ع) جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو .[iii]

سندن نالو علي اڪبر رکڻ جوسبب

ياد رهي ته امام حسين (ع) کي ٽي پٽ هئا جن جا نالا علي اڪبر، علي اوسط علي اصغر هئا جڏهن ته ٽي نياڻيون هيون هيون جن جا نالا فاطمه هئو ۽ کائن نقل ٿيو آهي ته پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن مونکي خدا تعالى 10 پٽ ڏئي ها ته  انهن جا نالا علي۽ جيڪڏهن نياڻيون ڏئي ها ته سندن نالا  فاطمه رکان ها.

شايد ان جو سبب امام حسين (ع) جي پنهنجي والدين سان محبت کان علاوه اهي سياسي حالات هئا جيڪي بنو اميه جي حڪومت اسلامي خلافت مٿان قبضي کانپوءِ مولا علي عليه السلام جي خلاف  پيدا ڪيا هئا.  جڏهن اها وسيع پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي وئي جو ان تحت نه فقط مولا علي عليه السلام جا فضائل بيان ڪرڻ جرم هئو بلڪه سندن نالو وٺڻ ۽ پنهنجي ٻارن تي اهو نالو رکڻ به جرم هئا . اهڙي ڪٺن دور ۾ امام حسين عليه السلام پاران اهو قدم پنهنجي بابا جو نالو محفوظ رکڻ لاءِ هڪ بهترين قدم هئو. علي اڪبر جي نالي تي اڪثر محققن جو اهو خيال به آهي ته کين اڪبر ان ڪري سڏيو ويو جو پاڻ امام حسين جي سڀني فرزندن ايستائين جو امام سجاد کان به وڏا هئا تنهن ڪري کين علي اڪبر يعني وڏو علي سڏيو ويو.

حضرت علي اڪبر (ع) جو  بهترين نسب

حضرت علي اڪبر (ع) جي نسب تي جيڪڏهن نظر ڪجي ته خبر پوي ٿي ته سندن نسب انتهائي اعلى ۽ عظيم آهي هڪ پاسي نبوت ۽ ولايت ، طهارت ۽ عصمت جو سايو نظر اچي ٿو ته ٻئي پاسي شجاعت، سخاوت ۽ نيڪ ناميءَ جو پيڪر نظر اچي ٿو. سندن والد مولا حسين عليه السلام سيدالشهداء،جنت جي جوانن جو سردار، امام المتقين علي عليه السلام ۽ سيدة نساءِ العالمين حضرت فاطمه زهرا عليها السلام جي حسين ميلاپ جو ثمر هجڻ سان گڏ ريحانة الرسول ۽ فرزند رسول (ص) جي جا ٻچڙا آهن. جڏهن ته سندن والده جو نالي ليلى هئو جيڪا ابو مره بن عروهه بن مسعود ثقفي[iv] جي نياڻي هئي، سندن خاندان يعني ثقيف قبيلو شجاعت بهادري۽ سهڻائيءَ ۾ مشهور هئو. امام حسين (ع) جي قاتلن کان انتقام وٺندڙ مختار ثقفي جو تعلق به ان ئي خاندان ۽ قبيلي سان رهيو آهي.  مختار جو پيءُ ابوعبيد پڻ حضرت مسعود ثقفيءَ جو پٽ هئو.

    البته اتي ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪندا هلون ته حضرت بيبي ليلى جي ماءُ ميمونه جو تعلق اموي خاندان سان هئو ۽ اها رشتيداري سبب ٿي جو يزيد طرفان علي اڪبر (ع) لاءِ ڪربلا ۾ خاص امان نامو موڪليو ويو جنهن کي پاڻ ٿڏي ڇڏيو هئائون.[v]

حضرت علي اڪبر عليه السلام ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين

حضرت علي اڪبر (ع) ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين پنهنجي زندگيءَ جا اهم مرحلا طي ڪيا پهريون مرحلي ۾ پاڻ تعليم ۽ تربيت جا اهم مرحلا طي ڪيا . جتي گهر ۾ سندن والده ۽ پڦي زينب (س) جي محبت ڀري جهولي هئي ته گهر کان ٻاهر امام حسين(ع)  جي عالمانه ۽ شفقت ڀري نظر  هئي جنهن ذريعي سندن بهترين تربيت ٿي  جنهن سندن زندگيءَ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو.

روايتن ۾ آيو آهي ته حضرت علي اڪبر (ع) کي قرآن جي ابتدائي تعليم حضرت علي (ع) جي معتمد صحابي ۽ علم تجويد ۽ قرآئت جي باني حضرت عبدالرحمن سلمي کان ملي ۽ جڏهن  پهرئين سورت يعني الحمد ياد ڪري استاد اڳيان والد کي ٻڌايائون ته امام حسين (ع) تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ عبدالرحمن کي ايترو ته سون چاندي ۽ هيرا جواهر ڏنائون جو ماڻهون اچرج ۾ اچي ويا . ليڪن پاڻ فرمايائون ته ”علي اڪبر (ع) جي استاد لاءِ اهو ڪجهه به نه آهي “

2- عربن وٽ هڪ مشهور چوڻي آهي ته (الفضل ما شهدت به الاعداء) فضيلت اها آهي جنهن جي دشمن به گواهي ڏئي حضرت علي اڪبر (ع) جي شجاعت ۽ سخاوت جي گواهي معاويه بن ابو سفيان به  ڏني آهي

ابو الفرج اصفهاني مغيره کان روايت  ڪري ٿوته هڪ ڏينهن معاويه پنهنجي دربارين کان پڇيو: من احقُّ بھذا الامر؟ هن خلافت جو سڀني کان وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟ سڀني جواب ڏنو ته تون آهين. معاويه چيو نه ائين ناهي جيئن توهان سوچيو ٿا پوءِ چيائين:

اولى الناس بهذالامر على بن الحسين بن علي، جده رسول الله وفيه شجاعه بني‏هاشم و سخاه بني اميه و زهو ثقيف. [xiii]

هن خلافت جي منصب جو سڀني کان وڌيڪ حقدار علي بن الحسين (علي اڪبر) آهي جنهن جو نانو رسول الله (ص) آهي جڏهن ته ان ۾ بنو هاشم جي شجاعت،بني اميه جي سخاوت ۽ ثقيف قبيلي جي سهڻائي ۽ افتخار آهي.

   حقيقت اها آهي علي اڪبر (ع) کي سخاوت پنهنجي ڏاڏي حضرت اميرالمومنين علي (ع) کان وراثت ۾ ملي جنهن جي سخاوت جا مثال اڄ به هر ڪنهن جي زبان تي موجود آهي جڏهن ته بنواميه جي سخاوت ڪڏهن به مشهور ناهي رهي ۽ معاويه ان بابت ڪوڙ ذريعي حقيقت کي لڪايو .

ليڪن سندس زبان تان اهو اعتراف ئي اسان لاءِ ڪافي آهي ته علي اڪبر (ع)  جي هوندي خلافت مٿان سندس ڪو حق ناهي ڇاڪاڻ ته علي اڪبر (ع)  شجاع،سخي ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ رسول الله (ص) جو فرزند آهي.

 معاويه جا اهي لفظ ان حقيقت تان پردو کڻن ٿا ته  معاويه حضرت علي اڪبر(ع) جي شخصيت کان ايترو ته متاثر هئو. جو پوري اسلامي مملڪت جو بادشاهه هجڻ باوجود پنهنجي لاءِ فخر پي سمجهائين ته ڪنهن نه ڪنهن نموني سندس خاندان جو تعلق علي اڪبر (ع)  سان  ظاهر ٿئي، ڀلي کڻي بنو اميه جي سخاوت جو ڪوڙي ناٽڪ ذريعي ئي ڇو نه ٿئي. جيڪو مديني حضرت علي اڪبر (ع) جي قدر و منزلت ۽ اهميت کي ثابت ڪري ٿو.

4. حق طلبي

انسان کي هن دنيا ۾ عزت ،دولت، شهرت ۽ قدرت جهڙيون انمول نعمتون ملنديون رهنديون آهي ليڪن اهي ڪڏهن به انسان وٽ هميشه باقي رهڻ واريون ناهن ،بلڪه اها انسان جي حق طلبي ۽ باطل سان جنگ ۽ حق وارن جي حمايت آهي جيڪا انسان کي هميشه لاءِ  امر ڪري ڇڏي ٿي.

جيتوڻيڪ حضرت علي (ع)  جي عمر ايتري وڏي نه هئي ليڪن امامت ۽ عصمت جي دامن ۾ پرورش پاتل هن نوجوان جي روح جي گهرائين ۾ حق طلبي سمايل هئي جنهن جي کي ڏسي ڪري ، سندس لاءِ بي اختيار خراج تحسين  جا لفظ نڪرن ٿا.

مقتل جو مشهور مورّخ  ابومخنف، عتبه بن سمعان کلبيءَ کان روايت ڪري ٿو ته مڪي کان ڪربلا جي سفر ۾ جڏهن قصر بني مقاتل کان اڳتي نڪتاسين ته هڪ منزل تي قيام ڪيوسين ته امام حسين (ع)  ڪجهه دير لاءِ آرام ڪيو،اچانڪ ننڊ مان اٿي پيا ۽ زبان تي  ”انّا لله و انّا اليه راجعون “  جا لفظ جاري ڪيائون. جڏهن حضرت علي اڪبر (ع)  پنهنجي والد جي پريشان حالي ڏٺي ته سوال ڪيائون: بابا سائين ڇا ٿيو جو اوهان آيه استرجاع پڙهي رهيا آهيو؟ ته پاڻ فرمايائون : خواب ۾ ڏٺم ته هڪ گهوڙي سوار چئي رهيو آهي ته قافلو وڃي رهيو آهي ۽ موت سندن پويان وڃي رهيو آهي.

ان موقعي تي حضرت علي اڪبر (ع)  ڪنهن خوف ۽ ڊپ جو اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي مطالبو ڪيو ته واپس موٽڻ گهرجي بلڪه پاڻ پنهنجي بابا کان هڪ سوال ڪيائون:

اَلسنا على الحق؟ قال: بلى والذي يرجع اليه العباد. فقال: يا ابت، فاذا لا نبالي ،بالموت محقين قال: جزاڪ الله خير ما جزى ولد عن والده ”[xiv]

بابا ڇا اسان حق ناهيون؟ امام حسين (ع)  جواب ڏنو: خدا جو قسم! بيشڪ اسان حق تي آهيون. علي اڪبر (ع)  چيو ته پوءِ حق تي هوندي اسان کي موت جي ڪا پرواهه ناهي،امام حسين (ع)  پنهنجي پٽ جي زبان تان اهي ڪلمات ٻڌي خوش ٿيا ۽ کيس دعا ڏيندي چيائون: الله توکي اها بهترين جزا ڏئي جيڪا ڪنهن پيءُ کان پٽ کي ملي آهي.

ان واقعي مان حضرت علي اڪبر (ع)  جي بصيرت،معرفت ۽ ايمان جي گهرائي سان گڏ سندن حق طلبيءَ جي چڱي طرح خبرپوي ٿي .

        اهڙي طرح ڪربلا جي ميدان ۾ جڏهن يزيدي لشڪر طرفان کين پيشڪش ٿي ته يزيد ۽ بنواميه جي رشتيداريءَ سبب حاضر آهيون ته توکي امان ڏيون ٿا تنهنڪري تون پنهنجي جان بچاءِ هليو وڃ ته پاڻ اهڙي پيشڪش کي ٿڏي ڇڏيائون ۽ کين تنبيهه ڪندي چيو: ڇا رسول الله (ص) جي خاندان کي ڇڏي، ابوسفيان جي خاندان کي وٺان ؟ هرگز ائين نه ڪندس، پوءِ فرمايائون: (اِنَّ قَرابَةَ رَسولِ اللهِ اَحَقُّ اَنْ تُرعى) رسول الله (ص) جي رشتيداري وڌيڪ رعايت جي حقدار آهي [xv]

هتي حضرت علي اڪبر (ع)  پاران امان نامه کي رد ڪري آل رسول (ع)  جو ساٿ ڏيڻ نه فقط ذاتي رشتيداريءَ جي ڪري هئو بلڪه هيءُ سندن روح جي حق طلبي ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ سبب هئو يعني سندن هميشه لاءِ ٿيل  هڪ ئي فيصلو ته ساٿ بس حق جو ڏيڻو آهي چاهي جان ئي ڇو نه ڏيڻي پوي.

5. ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو

ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو تمام گهٽ ماڻهن ۾ ۽ تمام گهٽ ماڻهن لاءِ هوندو آهي،ليڪن حضرت علي اڪبر (ع) ڪربلا جي معرڪي ۾ ايثار ۽ قربانيءَ جو مثال قائم ڪيو. پهريان عاشور جي رات جڏهن امام حسين(ع) پنهنجي ساٿين جي بيعت تان هٿ کنيو ۽ کين وڃڻ جي اجازت ڏني ته جن چند ماڻهن سڀني کان پهريان اٿي  نه وڃڻ جو اعلان ۽ پنهنجي جان جونذرانو پيش ڪرڻ جو اظهار ڪيو تن ۾ حضرت علي اڪبر (ع) ۽ حضرت عباس (ع)  هئا .

   اهڙي طرح عاشور جي صبح جو جڏهن اصحاب ۽ آل مان هرهڪ سڀني کان اڳ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ جي لاءِ بيچين هئو ته علي اڪبر (ع) سڀني ۾پيش پيش هئا.

حضرت علي اڪبر (ع) بني هاشم مان سڀ کان پهريان شهيد هئا جن پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ پنهنجي خون سان ايثار جو درس ڏنو.

 



[i] -ابوالفرج اصفهاني،مقاتل الطالبين، ص ۸۶.

[ii] - وڌيڪ تحقيق لاءِ ڏسو ڪتاب مناقب آل ابي طالب ،ابن شهر آشوب ،اعلام الوارى طبرسي ۽ الارشاد شيخ مفيد

[iii] - السماوي، محمدبن طاهر،سلحشوران طف،ص61

[iv]- ارشاد شيخ مفيد 2/106 / ڪامل ابن اثير 4/74.

[v] - مقاتل الطالبيين ص 52

[vi] - لؤلؤ و مرجان، ص 44 و 45، راز خوشبختي، ص 189.

[vii] -  مثير الاحزان، ص 68 

[viii] - سوره قلم 4

- [ix]  سوره احزاب /21

[x] - بحار الانوار (ط - بيروت)، ج‏45، ص: 42

[xi] - الارشاد  جلد 2 ص 106

[xii] - بحار الانوار (ط - بيروت)، ج‏45، ص: 42، اعيان الشيعه،ج 8،ص .206

[xiii] - مقاتل الطالبيين ص 52

[xiv] - مقتل الحسين ابي مخنف ازدهي ج 1 ص 92

[xv] - ترجمة الحسين ابن عساڪر ص 227