Get Adobe Flash player

رسالت ۽ نبوت جي دامن ۾ پليل ،عصمت ۽ طهارت جي اعلى مثال مدافع امامت حوريه انسيه بتول و عذراء صديقه ڪبرى بنت رسول زوجه مرتضى حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي پردرد ۽ مظلومانه شهادت تي حضرت امام زمانه عج سان گڏ تمام غيرت مند مسلمانن ۽ سندن محبن جي خدمت ۾ تسليت پيش ڪريون ٿا 

سعودي پاران يمن مٿان ٿيل جارحيت کي ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن. هوائي بمباريءَ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن جي شهادت کان علاوه سوين ماڻهون زخمي ٿي چڪا آهن.

يمن جي گاديءَ وارو هنڌ صنعاء ۾ چوطرف ويراني۽ تباهيءَ جا منظر آهن. جڏهن ته سعودي عرب ۽ سندس اتحادي فوج جي نام نهاد جنرلن ۽ اڳواڻن جي چهرن تي ان موت جي منظرن تي خوشيءَ جا تاثر آهن. ڄڻ ته بي گناهه ماڻهن ۽ ٻارن کي موت جي ننڊ سمهاري بهادريءَ جا اعلى مثال قائم ڪيا اٿن ۽ پنهنجي ئي مسلمانن ڀائرن مٿان بم وسائي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو اٿن.

ليڪن سوال اهو آهي ته ڇا سعودي حڪمرانن جي هن بيهوده جنگ جا دنيا۽ خاص ڪري وچ اوڀر جي ملڪن تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇا ايران جي ان اثر ۽ رسوخ ۾ ڪمي ايندي جنهن جي دعوى ڪندي هن يمن مٿان حملو ڪيو؟ يا ان نفرت جو ڪو ازالو ممڪن آهي،جيڪا هنن حملي سبب يمني عوام جي دلين ۾ پيدا ٿي چڪي آهي؟ يا سعودي عرب کي لاحق داخلي خطرن جو خاتمو ايندو ،جن کان ڊڄي ڪري هن يمن تي حملو ڪيو؟ ۽ اهڙي طرح ڇا سعودي حڪمران خاندان ۾ اندروني طور هلندڙ اقتدار جي لڙائي پنهنجي انجام تي پهچندي؟

عالمي ۽ سعودي عرب جان اندروني حالات ۽ واقعات انهن سڀني سوالن جو جواب نفيءَ ۾ ڏين ٿا.

تاريخ شاهد رهي آهي ته جتي به طاقت جي زور تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي يا ڪٺ پتلي حڪومتن کي مسلط ڪري عوامي تحريڪن کي دٻايو ويو سي انتهائي تيزيءَ سان مٿي اڀريون ۽ انهن ظالمن طاقتن کي ٽوٽا چٻرايا ۽ پنهنجي ملڪ مان انهن جون پاڙون پٽي ڦٽي ڪيون،ويٽنام هجي يا افريڪا،لبنان هجي يا افغانستان هر جاءِ تي استعماري طاقتن کي پوئتي هٽڻو ئي پيو. ڇاڪاڻ ته عوامي جدوجهد اڳيان سندن بيهڻ ممڪن نه رهيو هئو ۽ اهو سڀ ان نفرت ڪري ٿيو  جيڪا عوامي سطح تي ظالمن خلاف وڌي ٿي

سعودي حڪومت به يقين رکي ته هوءَ يمن مٿان گهڻي عرصي تائين تسلط ڄمائي نه سگهندي ۽ هيءُ حملو يمني عوام جي نفرت کي ان جي انتها درجي تي پهچائي ڇڏيندو ، ڇاڪاڻ ته جيڪا قوم هرروز پنهنجي عزيزن جا لاش کڻندي اها کين گلدستا ته هرگز پيش نه ڪندي؟

ان حملي سان يمن مٿان ايران جي اثر ۾ وڌارو ايندو ان جا ٻه وڏا سبب آهن هڪ اهو ته سعودي ايران جو رقيب آهي لهذا ان جا دشمن سندس مخالف ڏانهن ئي ويندا هڪ ٻيو وڏو سبب ايران جي مثبت ۽ بهتر انداز ۾ يمني عوام جي مدد آهي، ايران ٻين ملڪن مٿان پنهنجي مرضي مڙهڻ بدران سندن مدد ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو،ليڪن ڪڏهن به سندن داخلي يا خارجي پاليسيءَ ۾ دخالت نه ڪئي آهي ۽ سندن دوست سمجهي مدد ڪئي آهي نه نوڪر سمجهي،احسان ڪري جتائڻ يا پيسو ڏئي نوڪر بڻائڻ بدران ايران انهن قومن جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ،اهو ئي سبب آهي جو ڏسون ٿا ته ايران جو لبنان،شام، عراق ايستائين جو افغانستان ۾ به تمام گهڻو اثر وڌيو آهي  جنهن جو امريڪا به اعتراف ڪري ٿو. جيڪڏهن سعودي حڪمران ان سبق کي ياد ڪري يمن سان جنگ بدران کين ڀاءُ جو درجو ڏئي اتي اهڙا ڪم ڪري ها جيڪي يمني عوام ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪن ها ته اتي سندس اثر ۽ رسوخ ۾ اضافو اچي ها ۽ شايد ان بيهوده جنگ کان تمام گهٽ خرچ ۾ شايد کيس اهو سڀ ڪجهه ملي ها جنهن جي لاءِ جنگ شروع ڪيائين.

ان قدم سان نه فقط يمن ۾ سعودي اثر وڌي ها بلڪه کيس انهن خطرن کان به نجات ملي سگهي پئي جيڪي کيس داخلي ۽ خارجي سطح تي لاحق آهن ،ڇاڪاڻ ته هڪ دوست ۽ پرامن ملڪ جو پاڙيسري هجڻ هر ملڪ جي پنهنجي امن جي لاءِ به مفيد آهي،ليڪن هاڻي هن حملي کان بعد سعودي مٿان موجود خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هاڻي نه فقط يمني حوثي فورسز طرفان سرحدي علائقن تي مستقل خطرو رهندو بلڪه خود سعودي عرب ۾ اندر موجود شيعن ۽ ٻين عليحدگي پسند گروپن کي هٿي ملندي ۽ اهي حڪومت لاءِ ڪنهن به وقت خطرو بڻجي سگهن ٿا.

اهو ئي سبب آهي جو عرب سوشل ميڊيا تي سعودي حڪمران خاندان ۾ يمن مٿان حملي بابت شديد اختلافن جون خبرون سامهون آيون آهن. جنهن جي شروعات سابق حڪمران عبدالله جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽن کي ملڪ جي اهم عهدن تان لاهڻ ۽ نئين بادشاهه پاران پنهنجي پٽ کي وزير دفاع مقرر ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون آيا هئو. انهن خبرن ان حقيقت کي به چٽو ڪيو آهي ته نئين بادشاهه جي تخت تي ويهڻ باوجود سديرن کيس دل سان قبول نه ڪيو آهي ۽ اقتدار جي رساڪشي اندروني طور جاري آهي جيڪا هڪ چڻگ وانگر آهستي آهستي دکي رهي آهي ۽ ڪنهن به مهل ڀڀڙ باهه جي صورت وٺي سگهي ٿي.

يمن ۾ جنگ ۾ سعودي عرب جي ممڪنه ناڪاميءَ جي صورت ۾ اهو خانداني اختلاف ۽ جهڳڙو وڏو روپ به اختيار ڪري سگهي ٿو ،جنهن جي نتيجي ۾ سعودي حڪمرانن جي اقتدار کي هڪ وڏو خطرو درپيش آهي .شايد اهو ئي سبب آهي ته سعودي حڪمران پوري دنيا ۾ پنهنجي اتحادين جهڙوڪ پاڪستان سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ مٿن زور ڏئي رهيا آهن ته پنهنجون فوجون سعودي عرب موڪلين ته جئين ممڪنه شڪست جي صورت ۾ پنهنجو اقتدار ۽ حڪومت بچائي سگهن.

This e-mail address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

حضرت-علي-ع-جي-روضي-۾-صحن-زهرا-س حضرت مولا علي عليه السلام جي روضي ۾ هڪ نئين صحن ۽ شبستان جو اضافو ٿيون آهي جيڪو انتهائي بهترين ۽ شاندار هجڻ سان گڏ اسلامي معماريءَ جو اعلى نمونو به آهي . هن شبستان جي ٺهڻ سان مومنن کي مولا جي روضي ۾ وڌيڪ سهولت ٿيندي ۽ گرمين ۽ سردين ۾ بهترين مسڪن...
650
ya-zainbحضرت زينب ڪبرى سلام الله عليها جي ولادت باسعادت جي موقعي تي سندن روضي مبارڪ جون ڪجهه نيون تصويرون شيئرڪري رهيا آهيون اميد ته پسند اينديون ۽ ڌڻيءَ در اها دعا گهرون ٿا ته ان پاڪ بيبيءَ صدقي ان جي روضي مٿان موجود سڀ خطرا ختم ٿين ، دشمن نابود ٿين ته جئين...
580
maarif-islami-quez2معارف اسلامي ڪوئز جي نالي سان اسلامي معلومات تي مشتمل سوال جوابن تي  هي ڪوئز مختلف  اسلامي موضوعن ۽ مرحلن تي شامل آهي جنهن کي اسان مرحلي وار پيش ڪندا رهندا سين .اميد ته اوهان کي شيعه دوست ڊاٽ ڪام جي هيءَ ڪاوش پسند ايندي ان سلسلي جي پهرئين ڪڙي معرفت...
560
معارف-اسلامي-ڪوئز-معرفت-ائمه-ع-1معارف اسلامي ڪوئز جي نالي سان اسلامي معلومات تي مشتمل سوال جوابن تي  هي ڪوئز مختلف  اسلامي موضوعن ۽ مرحلن تي شامل آهي جنهن کي اسان مرحلي وار پيش ڪندا رهندا سين .اميد ته اوهان کي شيعه دوست ڊاٽ ڪام جي هيءَ ڪاوش پسند ايندي ان سلسلي جي پهرئين ڪڙي معرفت...
620
akhlaq         الله سائينءَ جي پسنديدہ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج ۾ پيغمبر اسلام محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن ڪيترو ڪامياب ويا پوري دنيا ان جي بهترين شاهد آهي جو اڄ سندن زبان مبارڪ تان جاري ٿيل لاالہ الله جي صدا محمد رسول الله جي صدا سان گڏ دنيا جي...
103860
rasol-sadiqانسانيت جي تاريخ ۾ اهڙا انسان تمام گهٽ پاتا وڃن ٿا جن جي زندگيءَ جون خاصيتون پيغمبر اڪرم ﷺجي زندگي جيانچٽيون ۽ واضح بيان ٿيل هجن.خداوند متعال قرآن شريف ۾ جنهن تمام سهڻن جملن۽ تمام ڀلي بيان سان پاڻ سڳورن جي سڃاڻپ ڪرائي آهي ۽سندن تمام اعلى گڻبيان ڪيا اٿس....
29170
musstafa-141_چاليهه حديثون ياد ڪرڻ جو اجر.         مَنْ حَفِظَ مِنْ أُمَّتِي أَرْبَعِينَ حَدِيثاً مِمَّا يَحْتَاجُونَ إِلَيْهِ مِنْ أَمْرِ دِينِهِمْ بَعَثَهُ اللَّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَقِيهاً عَالِما.[1] منهنجي امت منجهان جيڪو به اهڙيون چاليهه حديثون ياد ڪري...
15290
پاڪ-رسول-ص-بياباني-عرب-سان-سهڻو-سلوڪ   هڪ ڏينهن هڪ  بياباني عرب  مديني ۾ آيو ۽ رسول خدا (صلى الله عليه وآله) کان ڪجھ مدد وٺڻ لاءِ سڌو مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيو جتي رسول خدا ص پنهنجي اصحابن ۽ ساٿين سان ويٺآ هئا، هن شخص  رسول خدا ص کان حاجت طلب ڪئي ته پيغبر ص کيس ڪجهه ڏنو ليڪن هو انهي تي راضي...
5870
فقط-حضرت-علي-ع-ئي-رسول-الله-ص-جو-وصيءُ-۽-جانشين-ڇو-آهن؟اسان پهريان به عرض ڪري چڪا آهيون ته شيعن جو راسخ عقيدو آهي ته خلافت وارو منصب ۽ عهدو، الله سائين عطا ڪندو آهي. اهڙي ريت سندن اهو به عقيدو آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم کان پوءِ شروع ٿيندڙ امامت، ڪجهه لحاظن کان نبوت وانگر آهي، جهڙي ريت...
12180