Get Adobe Flash player

تاريخ دانن جو چوڻ آهي ته امام حسن ع  جي والد بزرگوار حضرت علي ع  جن جي سر مبارڪ تي ڪوفي جي مسجد ۾ اوڻيھ رمضان المبارڪ سن چاليھ هجري قمري صبح جي وقت معاويه جي سازش سان عبد الرّحمان بن ملجم مرادي زهر آلودہ تلوار هنئي جنهن ضرب جي ڪري امام علي ع  جن ايڪيھ رمضان المبارڪ سن چاليھ هجري صبح جي وقت شهادت پاتي، ان وقت امام حسن ع  جي عمر مبارڪ ستٽيھ سال ۽ ڇھ ڏينهن هئي. حضرت علي ع  جن جي تدفين کانپوءِ ابن اثير جي قول مطابق عبدالله بن عبّاس جي تحريڪ سان قيس بن سعد بن عبادہ انصاري امام حسن ع  جي بيعت ڪئي

۽ ان کان بعد اتي حاضر ٿيل سڀني ماڻهن سندن بيعت ڪئي جن جو ڳاڻيٽو چاليھ هزار هو. هيءُ واقعو ايڪيھ رمضان المبارڪ سن چاليھ هجري جمعي جي ڏينهن جو آهي.

علّامه مجلسي پنهنجي ڪتاب ڪفايت الاثر ۾ لکي ٿو ته ان وقت امام حسن ع  هڪ بليغ ۽ فصيح خطبو ڏنو جنهن ۾ پاڻ فرمايائون ته: اسان منجھان هر هڪ يا تلوار سان يا زهر سان شهيد ڪيو ويندو، ان کانپوءِ امام ع  جن عراق، ايران، خراسان، حجاز، يمن، ۽ بصري وغيرہ ڏانهن توجھ ڪيو ۽ عبدالله بن عباس کي بصري جو حاڪم مقرّر ڪيو.

      معاويه کي جيئن ئي ان ڳالھ جي خبر پهتي ته بصري جو حاڪم ابن عباس کي مقرّر ڪيو ويو آهي ته هن ٻه جاسوس روانا ڪيا هڪ حمير قبيلي منجھان هو جنهن کي ڪوفي ڏانهن جاسوسيءَ طور اماڻيائين ۽ ٻيو قَين قبيلي مان هو جنهن کي بصري ڏانهن موڪليائين، معاويه جو ان مان مقصد اهو هو ته ماڻهو امام حسن ع  کان ڦِري مون ڏانهن لاڙو ڪن، ليڪن انهن ٻنهي جاسوسن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ انهن کي قتل ڪيو ويو.

   حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن حڪومت جي واڳ امام حسن ع  جي هٿن ۾ آئي تنهن مهل زمانو فتني ۽ فساد سان ڀريل هو، حضرت علي ع  جن جي شجاعت جي هاڪ پوري عرب ۾ هلندي هئي، اهي شهيد ٿي چڪا هئا، سندن اوچتي ۽ اچانڪ شهادت ستل فتنن کي بيدار ڪري ڇڏيو ۽ پوري مملڪت ۾ سازشين جي هوا کلي چڪي هئي، خود ڪوفي منجھ اشعث بن قيس، عمر بن حريث ۽ شبث بن ربعي وغيرہ کلم کلا عناد ۽ فساد جي لاءِ نظر پئي آيا، معاويه جڳھ جڳھ تي جاسوس مقرّر ڪري ڇڏيا هئا جيڪي امام حسن ع  جي لشڪر ۾ اختلاف ۽ افتراق جو ٻج پوکي رهيا هئا، هن ڪوفي جي وڏن وڏن سردارن سان سازشي ملاقاتون ڪيون ۽ کين وڏيون وڏيون رشوتون ڏيئي پنهنجو بڻائي ڇڏيائين.

بحار الانوار ۾ علل الشّرائع جي حوالي سان نقل ٿيو آهي ته معاويه عمر بن حريث، اشعث بن قيس، حجر بن الحجر ۽ شبث بن ربعي وٽ جدا جدا هيءُ پيغام موڪليو ته جهڙيءَ طرح به ٿي سگھي حسن بن عليA کي قتل ڪرائي ڇڏيو، توهان منجھان جيڪو به هيءُ ڪم ڪندو تنهن کي ٻه لک درهم انعام طور ڏيندس، کيس فوج جي سرداري ۽ سالاري عطا ڪندس ۽ پنهنجي ڪنهن نياڻيءَ سان سندس شادي ڪرائيندس، ان انعام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهو راتوڏينهن موقعي جي تلاش ۾ هئا ته ڪنهن نه ڪنهن نموني حسن بن علي ع  کي قتل ڪن. جڏهن امام حسن ع  کي ان ڳالھ جي سُڌ پيئي ته پاڻ ڪپڙن جي اندران زرھ پائڻ شروع ڪيائون ايستائين جو پاڻ جيڪڏهن جماعت نماز پڙهائڻ جي لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا تڏهن به زرھ پائي پوءِ ٻاهر نڪرندا هئا.

معاويه هڪ طرف اهو ڪم ڪيو ۽ ٻئي طرف هڪ وڏو لشڪر عراق تي حملي ڪرڻ جي لاءِ موڪليائين، جڏهن سندس لشڪر عراق جي حدن ۾ ڪافي اڳتي وڌي آيو ته امام ع  پنهنجي لشڪر کي حرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حجر بن عدي کي ٿوري فوج سميت اڳتي وڌڻ جو چيائون، امام ع  جي لشڪر ۾ رش ۽ هجوم ته ڪافي نظر اچي پيو مگر ڪجھ سردارن کي ته معاويه خريد ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪجھ آرام ۽ راحت جي تلاش ۾ هئا. حضرت علي ع  جي شهادت دوستن جي حوصلي کي پَست ڪري ڇڏيو هو ۽ دشمنن کي جرئت ۽ همت ڏيئي ڇڏي هئي.

مؤرخّن جو چوڻ آهي ته معاويه سٺ هزار فوج ساڻ ڪري «مسڪن» نالي هڪ جاءِ تي آيو جيڪا بغداد کان ڏھ فرسخن جي فاصلي تي آهي، امام حسن ع  کي جڏهن ان لشڪر جي چڙهت جي خبر پيئي ته پاڻ به هڪ وڏي لشڪر سميت نڪري پيا ۽ ڪوفي کان «ساباط» ۾ اچي پهتا ۽ ٻارهن هزار جي فوج قيس بن سعد جي سالاريءَ ۾ معاويه جي پيش قدميءَ کي روڪڻ خاطر رواني ڪيائون، پوءِ ساباط منجهان رواني ٿيڻ وقت هڪ خطبو ڏنائون جنهن ۾ فرمايائون ته: توهان ان شرط تي منهنجي بيعت ڪئي آهي ته صلح ۽ جنگ ٻنهي صورتن ۾ منهنجو ساٿ ڏيندؤ، آئون الله جو قسم کڻي چوان ٿو ته مون کي ڪنهن سان به ڪو ڪينو ۽ دشمني نه آهي، منهنجي دل منجھ ڪنهن کي ستائڻ ۽ اذيت ڏيڻ جو ڪوئي خيال ناهي، آئون صلح کي جنگ کان ۽ محبت کي عداوت ۽ دشمنيءَ کان ڪافي بهتر سمجھان ٿو. ماڻهو سندن هن خطاب جو مطلب هن طرح سمجھيا ته امام حسن ع  جن معاويه سان صلح ڪرڻ جي طرف مائل آهن ۽ دل ۾ خلافت تان هٿ کڻڻ جو ارادو ڪيو اٿن. ان دوران معاويه امام حسن ع  جي لشڪر جي ڪثرت (گھڻائيءَ) کان متاثر ٿيو ۽ عمروعاص سان ان باري ۾ مشورت ڪيائين، امام حسن ع  جي لشڪر واري سازشين ڪجھ ماڻهن کي قيس جي لشڪر ۾ موڪلي هڪٻئي جي خلاف ڦهلاءُ ۽ سازش ڪرائي ڇڏي. امام حسن ع  جي لشڪر واري سازشين قيس جي باري ۾ اها ڳالھ هلائي ته هن معاويه سان صلح ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قيس بن سعد جي لشڪر جي سازشين اها ڳالھ پکيڙي ڇڏي ته امام حسن ع  معاويه سان صلح ڪري ڇڏيو آهي.

امام ع  جي ٻنهي لشڪرن ۾ هن غلط افواھ جي پکڙجڻ کانپوءِ پاڻت ۾ بغاوت ۽ بدگماني پيدا ٿي ويئي ۽ سندن اهو لشڪر جنهن کي پهريان کان ئي اهو شبهو هو ته امام ع  صلح جي طرف مائل آهن، اهي چوڻ لڳا ته امام حسن ع  به پنهنجي پيءُ وانگر (نعوذ بالله) ڪافر ٿي ويو آهي.

آخرڪار لشڪر سندن خيمي تي حملو ڪيو ۽ سندن سمورو سامان لُٽي ورتو، ايستائين جو سندن مصلو به کَسي ورتائون ۽ سندن دوش مبارڪ تان ردا (چادر) پڻ لاهي ورتائون ۽ ڪجھ نااهل ماڻهن کين معاويه جي حوالي ڪرڻ جي چال پڻ ٺاهي هئي.

آخرڪار امام حسن ع  جن انهن بدبختين کان مايوس ٿي ڪري مدائن جي گورنر سعد يا سعيد ڏانهن روانا ٿي ويا، رستي ۾ هڪ خارجي شخص جنهن جو نالو «الاخبار الطّوال ص 393» جي حوالي مطابق جراح بن قيصه هو ان سندن ران مبارڪ تي خنجر جو وار ڪيو جنهن جي ڪري پاڻ تمام گھڻا زخمي ٿي پيا، پوءِ پاڻ مدائن ۾ رهي علاج ڪرائيندا رهيا، ايستائين جو صحتمند ٿيا.[1]

معاويه موقعو ڏسي ويھ هزار جو لشڪر عبدالله بن عامر جي سالاري ۽ نگرانيءَ ۾ مدائن موڪليو، امام ع  انهن سان جنگ جي لاءِ اڃا تياريءَ ۾ هئا جو هن اعلان ڪيو ته معاويه تمام وڏو لشڪر وٺي اچي رهيو آهي، آئون امام حسن ع  ۽ سندن لشڪر کي درخواست ڪريان ٿو ته پنهنجي جان جي حفاظت ڪن ۽ ساڻس صلح ۽ آشتي ڪن. صلح جي هِن دعوت ۽ خوف جي پيغام جي ڪري ماڻهن جو دليون دهلجي ويون ۽ لشڪر جي همت هارجي ويئي ۽ امام ع  جي فوج ڀڄڻ جي لاءِ رستا ڳولهڻ لڳي.

امام حسن ع  جو صلح

جڏهن امام حسن ع  جن ڏٺو ته هن وقت معاويه سان جنگ ڪرڻ جا شرطَ سازگار ۽ فراهم ناهن ۽ امام ع  اهو پرکي ورتو ته هن صورتحال ۾ معاويه سان جنگ ڪرڻ اسلامي مصلحت ۽ اسلام جي حفاظت جي برخلاف آهي ته معاويه سان صلح ڪرڻ کي قبول ڪيو ۽ امام ع  جن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي بلند ۽ مقدس اهداف کي هر ممڪن صورت ۾ صلح ذريعي صحيح ۽ سلامتيءَ سان نڀائي پورو ڪري. ٻئي طرف معاويه صلح ٿيڻ ۽ قدرت کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ خاطر هر قسم جو امتياز ڏيڻ لاءِ حاضر هو. ايستائين جو هڪ اڇو صحيح ٿيل پنو امام ع  جي طرف موڪليو ۽ چيو ته جيڪو ڪجھ حسن بن علي ع  ان پني تي لکي اهو مونکي قبول آهي. امام ع  ان جي آمادگيءَ مان پورو فائدو وٺندي حساس ۽ مهم موضوعن کي جيڪي پهرئين درجي جي اهميت جي قابِل هئا، انهن کي صلح جي پيمان ۾ شامل ڪري ورتو ۽ معاويه کان واعدو ورتو ته ان پيمان ۽ قرارداد تي عمل ڪندو.

جيتوڻيڪ صلح جو متن تاريخي ڪتابن ۾ مڪمل طور تي ترتيب سان ذڪر ناهي ٿيو، بلڪه تارخدانن منجھان هر هڪ صلح جي ڪجھ شقن (پوائنٽن) جي طرف اشارو ڪيو آهي. پر صلح جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي مختلف ڪتابن مان ڪٺو ڪري، ان کي سهيڙي ان جي تقريباً ڪامل شڪل هٿ ڪري ان کي بيان ڪري سگھجي ٿو. صلح جو متن ۽ مواد سهيڙيل صورت ۾ ڪجھ هن ريت آهي:

صلح جو  متن

«حسن بن علي ع  حڪومت جون واڳون معاويه جي حوالي ڪري رهيو آهي مگر ان شرط سان ته هو قرآن مجيد ۽ نبي اڪرم ص  جن جي سنت ۽ طور طريقي مطابق رفتار ڪندو. کانئس پوءِ خلافت حسن بن علي ع  جي حوالي ڪئي ويندي، جيڪڏهن حسن بن علي ع  جي لاءِ ڪوئي حادثو پيش اچي وڃي ته هو حڪومت جون واڳون سندس ڀاءُ حسين بن علي ع  جي حوالي ڪندو ۽ کيس ڪوبه حق ناهي جو پنهنجو ڪوئي جانشين مقرر ڪري. بدعت، بدگويي ۽ اميرالمومنين علي ع  جي اهانت ۽ انهن لاءِ نماز جي حالت ۾ بُري زبان استعمال ڪرڻ ختم ڪئي ويندي ۽ سندن بابا علي ع  کي ادب، احترام ۽ نيڪيءَ کانسواءِ ياد نه ڪيو ويندو. ان کان علاوه صلح نامي ۾ اهو پڻ درج ڪيو ويو ته پنجاهه لک درهم جي رقم جيڪا ڪوفي جي بيت المال ۾ موجود آهي اها معاويه جي حوالي نه ڪئي ويندي، اها رقم حسن مجتبى ع  جي نظر هيٺ ۽ سندس ئي مرضيءَ مطابق مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪئي ويندي .

۽ اهڙيءَ طرح کيس گھرجي ته«دارابگرد»جي ٽيڪس مان ڏهه لک درهم جنگِ جمل ۽ صفين جي شهيدن جي وارثن ۾ جيڪي اميرالمومنين ع  جي رڪاب ۾ وڙهندي شهيد ڪيا ويا تقسيم ڪري. معاويه اهو واعدو ڪري ته سڀئي ماڻهو چاهي اهي شام، عراق ۽ حجاز جا رهواسي ئي ڇونه هجن ۽ جنهن به قوم يا قبيلي سان لاڳاپو رکندا هجن، سندس پِيڇي ۽ آزار کان امانَ ۾ هوندا ۽ انهن جي ماضيءَ کي اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيندو ۽ انهن منجھان ڪنهن کي به سندن گذريل ڪارنامن جي ڪري جيڪي مولا علي  ع  جي حمايت ۽ معاويه جي خلاف ڪيا اٿن، پنهنجي پيڇي ۽ نظر هيٺ قرار نه ڏيندو؛ خاص ڪري عراق وارن کي پنهنجي گذريل ڪيني جي ڪري اذيت ۽ آزار نه ڏيندو. ان کان علاوه معاويه حضرت علي ع  جي دوستن کي جتي به هجن امان ڏيندو ۽ انهن مان ڪنهن هڪ کي به اذيت ۽ آزار نه ڏيندو، ۽ علي ع  جي پيروڪارن جي جان، مال ۽ ناموس امان ۾ هوندا ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ انهن کي پنهنجي نظر هيٺ قرار نه ڏيندو ۽ ننڍڙي کان ننڍڙي تڪليف به انهن لاءِ ايجاد نه ڪئي ويندي. هر ڪنهن جو حق ان جي حقدار تائين پهچي ۽ بيت المال منجھان جيڪو مالُ علي ع  جي شيعن جي هٿ ۾ آهي اهو انهن کان واپس نه ورتو ويندو ۽ معاويه طرفان حسن بن علي ع  ۽ سندس ڀاءُ حسين بن علي ع  کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو نه هوندو. نبي اڪرم ص  جي خاندان کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو نه رسائيندو ۽ ڪنهن به موڙ تي انهن لاءِ خوف ۽ ڊڄ جا اسباب فراهم نه ڪيا ويندا.

صلح جي آخر ۾ معاويه تاڪيد سان اهو واعدو ڪيو ته هو صلح جي سموري مواد ۽ متن کي محترم ڄاڻيندي مٿس گھري نظر ڪري، پابند رهندو. هن ان ڳالهه تي خدا کي گواهه قرار ڏنو ۽ شام جي تمام مردن ۽ بزرگن پڻ گواهي ڏني. ان ترتيب سان نبي اڪرم ص  جن جي امام حسن ع  جي باري ۾ بيان ڪيل اڳڪٿي (جڏهن اُهي اڃا ننڍڙا هئا) ثابت ٿي.

حضور پاڪ ص  جن هڪ ڏهاڙي منبر تي هئا جو امام حسن ع  کي ڏسندي فرمايائون:

«منهنجو هيءُ ٻچڙو مسلمانن جو سرور ۽ سردار آهي ۽ الله سائين ان جي وسيلي مسلمانن جي ٻن گروهن جي وچ ۾ صلح قائم ڪندو».

 

امام حسن ع  جي صلح جا هدف

جهان جا وڏا حاڪم جڏهن سندن سلطنت ۽ ساڻيھ جي موجوده صورتحال کي پنهنجي نظرِيَن ۽ هدفن جي برخلاف سمجھن ٿا ته مُدام اها ڪوشش ڪن ٿا ته ٻه راهي موقعي ۽ محل ۾ اهڙي طرف کي وٺن جنهن ۾ گھٽ نقصان ٿئي ۽ اهو سياسي ۽ اجتماعي لحاظ سان هڪ بنيادي قاعدو ۽ قانون آهي.

امام حسن ع  جن پڻ انهيءَ بنياد مطابق، معقول طور طريقي سان ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پنهنجي بلند مقصدن کي جيتري قدر ممڪن آهي ڪنهن حد تائين انجام ڏيئي سگھن. انهيءَ بنا تي جڏهن مجبور ٿي پيا ته معاويه جي ويجھو ٿين ۽ ساڻس صلح ڪن ته امام ع  جن ان شرط سان حڪومت ان جي حوالي ڪئي جو اسلامي معاشري کي هلائڻ لاءِ فقط قرآن جي قانون ۽ پيغمبر اسلام ص  جن جي سنت ۽ روش مطابق عمل ڪري.

اها ڳالهه واضح آهي ته امام حسن ع  جي نظر فقط قدرت تائين پهچڻ ۽ اسلامي حڪومت کي جوڙڻ نه هئي، بلڪه سندن اصلي مقصد، اجتماع ۾ اسلام جي قانونن جي حفاظت ۽ معاشري جي رهبري انهن قانونن مطابق ڪرڻ هئي ۽ جيڪڏهن اها روش معاويه جي ذريعي ادا ٿئي ها تڏهن به ڪنهن حد تائين اصلي هدف ۽ مقصد پورو ٿئي ها.

ان کانسواءِ صلح نامي ۾ درج ٿيل متن مطابق معاويه جي مرڻ کانپوءِ امام حسن ع  جن اسلامي معاشري جي آزادانه رهبري پنهنجي ذمي تي کڻي سگھن پيا، ان ڳالهه جي طرف توجھ ڪندي ته معاويه اٽڪل ٽيهه سال کانئن عمر ۾ وڏو هو ۽ انهن ڏهاڙن ۾ پنهنجي پيرسنيءَ وارا ڏينهن گذاري رهيو هو ۽ عادي لحاظ سان گھڻي ڀاڱي اهائي اميد هئي ته هو وڌيڪ زندهه نه رهندو.

ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته صلح ۾ ان شيءِ کي ڄاڻائڻ عادي حساب ڪتاب موجب ڪيتري قدر اسلام ۽ مسلمانن جي فائدي ۾ هئي. صلح ۽ پيمان جي متن جو هرهڪ جملو هڪ وڏي اهميت جو حامل هو، ڇا ڪاڻ ته اميرالمؤمنين ع  لاءِ جمعي جي نماز ۾ وڏي بي پرواهيءَ سان زبان درازي ڪئي ويندي هئي ۽ اهو ڪم هڪ بنيادي بدعت جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو ۽ مولا امير ع  جي شيعن ۽ چاهيندڙن کي ۽ پيغمبر اسلام3 جي خاندان کي هر جاءِ تي ڌمڪين ۽ تڪليفن جي هيٺ قرار ڏنو ويندو هو. معاويه کان اهڙي قسم جي قرارداد جي اهميت جو واعدو وٺڻ غير قابل انڪار هو.[2]

امام حسن ع  جو صلح ۽ ان جا شرط

الف: امام حسن ع  جو صلح

علّامه علي نقي لکي ٿو ته معاويه کي امام حسن ع  جي فوج جي حالت ۽ ماڻهن جي بي وفائيءَ جي خبر پئجي چڪي هئي، ان ڪري هو سمجھي چڪو هو ته امام حسن ع  جي لاءِ جنگ ڪرڻ ممڪن نه آهي، ان سان گڏوگڏ کيس اهو به يقين هو ته امام ع  جيترو به بيوس ۽ مجبور ئي ڇو نه هجي مگر علي ع  ۽ فاطمه زهراh جو پٽ ۽ نبي ڪريم ص  جن جو ڏهٽو آهي ان ڪري هو اهڙن شرطن تي صلح نه ڪندو جيڪي حق پرستيءَ جي خلاف هجن ۽ جن سان باطل جي حمايت ۽ رکيا ٿيندي هجي، ان شيءِ کي نظر ۾ رکندي هن هڪ طرف پنهنجي ساٿين ڏانهن عبدالله بن عامر جي ذريعي پيغام موڪليو ته اهي پنهنجي جان جي حفاظت ڪن ۽ خون ريزي ٿيڻ نه ڏين. ان سلسلي ۾ ڪجھ ماڻهن کي رشوتون به ڏنيون ويون ۽ ڪجھ بزدلن کي پنهنجي تعداد جي گھڻائيءَ کان خوفزدہ ڪيو ويو ۽ ٻئي طرف امام حسن ع  جي طرف پيغام موڪليائين ته توهان صلح جون جيڪي به شرطون رکو انهن تي مان صلح ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان.

امام حسن ع  جن سندن ساٿين جي غداري ڏسندي جنگ ڪرڻ مناسب نٿي سمجھي، ليڪن ان سان گڏوگڏ اهو ضرور نظر منجھ هو ته اهڙي صورت پيدا ٿئي جو باطل جي مضبوطي ۽ تقويت جو داغ منهنجي دامن کي نه لڳي، هن گھراڻي کي حڪومت ۽ اقتدار جو هَوَس ته ڪڏهن به نه هو، هنن جو مطلب هيءُ هو ته ڪنهن به حيلي ۽ حربي خدا جي مخلوق جي بهتري ٿئي ۽ الله پاڪ جي حدن ۽ حقوق جو اجراء ٿئي، هاڻ جڏهن معاويه امام حسن ع  کان انهن شرطن تي (جيڪي امام ع  بيان ڪندو) صلح ڪرڻ جي لاءِ آمادگي ظاهر ڪئي ته پوءِ صلح کان انڪار ڪرڻ شخصي اقتدار جي خواهش کان علاوہ ٻيو ڪجھ به نٿي ٿي سگھيو، ۽ هيءُ ته معاويه صلح جي شرطن تي عمل ڪندو يا نه ڪندو پوءِ جي ڳالھ هئي، جنهن وقت تائين صلح نه ٿي ٿيو اها شيءِ سامهون ڪيئن ٿي اچي سگھي؟

پوءِ به آخري جواب ڏيڻ کان اڳ امام حسن ع  جن ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ انهن کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو: هوشيار رهو توهان منجھ اهي خونريز جنگيون ٿي چڪيون آهن جن ۾ تمام گھڻا ماڻهو قتل ٿيا، ڪجھ جنگ صفين ۾ قتل ٿيا جن لاءِ اڄ تائين روئي رهيا آهيو ۽ ڪجھ نهروان واري جنگ ۾ قتل ٿيا جن جو معاوضو گھري رهيا آهيو، هاڻي جيڪڏهن توهان موت تي راضي آهيو ۽ جنگ جي لاءِ تيار آهيو ته اسان هن صلح جي پيغام کي قبول نه ڪريون ۽ هنن سان الله تي ڀروسو ۽ توڪّل رکي تلوارن سان فيصلو ڪريون ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجي حياتيءَ کي پيارو ۽ مٺو سمجھو ٿا ته اسان هن صلح جي سَنيهي (نياپي) کي قبول ڪريون ٿا ۽ توهان جي مرضيءَ تي عمل ڪريون ٿا.

جواب ۾ هر پاسي کان ماڻهن جو اهو آواز اٿيو ته اسان زندگي چاهيون ٿا، توهان معاويه سان صلح ڪري ڇڏيو، ان جو نتيجو اهو ٿيو جو امام حسن ع  جن صلح جون شرطون مرتب ڪري معاويه جي طرف روانيون ڪيون.[3]

ب: صلح جون شرطون

امام حسن ع  جي صلح جون مڪمل شرطون هن ريت آهن:

الف: حسن بن علي ع  هيءَ حڪومت ان شرط تي معاويه جي حوالي ڪري رهيو آهي ته هو سندس حڪومت دوران خدا جي ڪتاب ۽ نبي اڪرم ص  جي سنت مطابق عمل ڪندو.

ب: معاويه کانپوءِ حڪومت جي واڳ منهنجي حوالي ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن مون سان ڪو حادثو پيش آيو ته حڪومت منهنجي ڀاءُ حسين ع  جي سُپرد ڪئي ويندي ۽ معاويه کي پاڻ کان پوءِ ڪنهن کي خليفي منتخب ڪرڻ جو ڪوبه حق نه هوندو.

ج: شام، عراق، حجاز ۽ يمن سڀني جڳهن جي ماڻهن جي لاءِ امن امان هوندو.

د: حضرت علي ع  جا صحابي ۽ شيعه جتي به آهن انهن جي جان، مال، ناموس ۽ اولاد محفوظ رهندا.

ھ: معاويه، حسن ۽ حسين بن علي  ع  ۽ خاندانِ رسول ص  منجھان ڪنهن کي به، نه مخفي طور ۽ نه ئي ظاهري طور تي ڪوئي نقصان پهچائڻ يا هلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ انهن منجھان ڪنهن کي به ڪنهن به جڳھ تي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو نه ويندو.

و: حضرت علي ع  جي اهانت ۽ سندن باري ۾ بري زبان استعمال ڪرڻ ۽ نازيبا ڪلام جيڪو اڄ تائين جامع مسجد ۽ نماز جي دعاءِ قنوت ۾ استعمال ٿيندو هو ان کي آئندہ زبان تي جاري نه ڪيو ويندو.

ز: پنجاهه لک درهم جي رقمَ جيڪا ڪوفي جي بيت المال ۾ موجود آهي اها حڪومت جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ به معاويه کان مستثنى ۽ جدا آهي، اها رقم حسن مجتبى ع  جي نظر هيٺ رهندي ۽ سندن ئي مرضيءَ مطابق خرچ ڪئي ويندي، ۽ معاويه مال خرچ ڪرڻ ۾ بني هاشم کي بني اميه تي برتري ۽ ترجيح ڏيندو. ۽ اهڙي طرح معاويي کي گھرجي ته ڏهه لک درهم جنگِ جمل ۽ صفين جي شهيدن جي وارثن ۾ جيڪي اميرالمؤمنين علي ع  جي رڪاب ۾ وڙهندي قتل ڪيا ويا انهن جي درميان تقسيم ڪري. هيءُ معاهدو ربيع الاوّل يا جمادي الاوّل سن ايڪيتاليھ هجريءَ تي عمل ۾ آيو.

صلح نامي تي دستخط

پنجويھ ربيع الاوّل ڪوفي جي ويجھو «انبار» نالي جڳھ تي ٻنهي ڌرين جو اجتماع ٿيو ۽ هر هڪ صلح نامي تي صحيح ڪئي ۽ گواهيون ۽ شاهديون به لکيون ويون.[4]

ان کانپوءِ معاويه پنهنجي لاءِ عام بيعت جو اعلان ڪيو ۽ ان سال جو نالو «سنة الجماعت» (جماعت جو سال) رکيو ويو، پوءِ امام حسن ع   خطبو ڏنو، امام ع  جن منبر تي آيا، خدا پاڪ جي ثنا ۽ ساراھ کان پوءِ ارشاد فرمايائون: اي انسانو! الله سائينءَ اسان منجھان پهرئين جي ذريعي اوهان جي هدايت ڪئي ۽ آخري جي ذريعي اوهان کي خونريزيءَ کان بچايو، معاويه اُن مسئلي ۾ مون سان مهاڏو اٽڪايو جنهن جو کانئس وڌيڪ آئون حقدار هئس، ليڪن مون ماڻهن جي خونريزيءَ جي ڪري ان ڳالھ کي ترڪ ڪرڻ کي بهتر سمجھيو، ڪابه ڳڻتي ۽ پريشاني نه ڪريو جو مون حڪومت جي واڳ ان نااهل جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ مون ان کي حق جي بجاءِ ناحق تي رکيو آهي، منهنجي نيت ان معاملي ۾ صرف امت جي ڀلائي آهي. اڃا امام ع  جن ايستائين خطاب فرمايو هو جو معاويه چيو ته: «يا بن رسول الله ص ! بس ڪريو وڌيڪ فرمائڻ جي ضرورت ناهي».[5]

صلح جي تمام ٿيڻ کانپوءِ امام حسن ع  تمام وڏي صبر، پُختگيءَ، ثابت قدميءَ ۽ همت سان پيش ايندڙ سڀني ناخوشگوار حالتن کي برداشت ڪيو ۽ معاهدي تي مضبوطيءَ سان قائم رهيا، مگر هيڏانهن معاويه جنگ جي ختم ٿيندي ئي ۽ سياسي اقتدار جي مضبوط ٿيندي ئي عراق ۾ داخل ٿي ڪري «نخيله» ۾ قيام ڪيو ۽ جمعه جي خطبي کانپوءِ اعلان ڪيائين ته: صلح مان منهنجو مقصد اهو نه هو ته توهان نماز پڙهڻ لڳو ۽ روزا رکڻ لڳو، حج ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، اهو سڀ ڪجھ توهان پهريان کان ئي ڪندا هئو، منهنجو مقصد هيءُ هو ته منهنجي حڪومت توهان جي لاءِ مسلّم ٿي وڃي ۽ منهنجو اهو مقصد امام حسن ع  جي ان معاهدي کانپوءِ پورو ٿيو آهي ۽ توهان جي ناگواريءَ جي باوجود به آئون ڪامياب ٿي ويس، باقي رهيا اهي شرط جيڪي مون حسن بن علي ع  سان ڪيا آهن اهي هڙئي منهنجي پيرن جي هيٺيان آهن، انهن کي پورو ڪرڻ يا نه ڪرڻ منهنجي هٿ ۾ آهي ۽ منهنجي مرضي آهي ته انهن شرطن کي پورو ڪريان يا نه ڪريان. معاويه جي اها ڳالھ ٻڌي پوري عوام ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي، ۽ ڪنهن ۾ جرئت ۽ همت نه هئي جو ان جي خلاف پنهنجي زبان کولي.

صلح جي شرطن جي پامالي

مؤرخن جو اتفاق آهي ته معاويه جيڪو سياست جي ميدان جو کلاڙي، ۽ فريب، دوکي ۽ زور جي سلطنت جو تاجدار هو، امام حسن ع  سان ڪيل معاهدي جي شرطن مان ڪنهن هڪ شرط تي به عمل نه ڪيو

. ”وَ لَم يَفِ له معَاوِيَةُ لِشَيء مِمّا عاهَدَ عَلَيه

تاريخ ڪامل ابن اثير ۾ آهي ته معاويه ڪنهن هڪ شيءِ جي به پرواھ نه ڪئي ۽ ڪنهن هڪ شرط تي به عمل نه ڪيو.[6]

امام ابوالحسن علي بن محمد لکي ٿو ته: جڏهن معاويه کي حڪومت جي واڳ هٿ ۾ ملي ته هن پنهنجي مختلف گورنرن کي جيڪي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ هئا هيءُ فرمان لکي موڪليو ته جيڪڏهن ڪو به علي بن ابيطالب ع  ۽ سندن اهلبيت  ع  جي فضيلت جي روايت بيان ڪندو ته آئون ان جي جوابداريءَ کان آزاد (بريء الذّمّه) آهيان. جڏهن اها خبر سڀني ملڪن ۾ پکڙجي ويئي ۽ ماڻهن کي معاويه جي منشا ۽ مقصد جي خبر پئي ته سڀني خطيبن منبرن تي اميرالمؤمنين علي ع  جي هتڪ ۽ توهين ڪندي خطبا ڏيڻ شروع ڪيا.

ڪوفي ۾ زياد بن ابيه جيڪو ڪيترن سالن تائين حضرت علي ع  جي زماني ۾ سندن عمّال رهي چڪو هو ۽ هو علي ع  جي شيعن کي بهترين طريقي سان ڄاڻيندو هو، مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کان سٺي نموني آگاھ هو، هن کي هر هڪ جي رهائش جي خبر هئي ته ڪهڙو ڪهڙو ڪٿي ۽ ڪهڙي جاءِ تي رهي ٿو، کيس ڪوفي ۽ بصري ٻنهي جو گورنر بنايو ويو.

ان جي ظلم جي اها صورتحال هئي جو هو شيعن کي قتل ڪرائيندو هو ۽ هن ڪجھ ماڻهن جون جيئري اکيون ڪڍرائي ڇڏيون ۽ ڪجھ جا هٿ ۽ پير ڪٽرائي ڇڏيا، سندس هيڏي وڏي ظلم جي ڪري ڪيترائي ماڻهو تباھ ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو جھنگلن ۽ جبلن ۾ پنهنجيون جانيون بچائي وڃي لڪيا، بصري ۾ هن اَٺ هزار ماڻهو بي گناھ ۽ بي خطا قتل ڪرايا جن منجھان ٻائيتاليھ قرآن مجيد جا قاري ۽ حافظ هئا، کين فقط حضرت علي ع  سان محبت جي ڪري قتل ڪيو ويو هو، کين اهو حڪم ڏنو ويو ته اهي علي ع  جي بدلي عثمان جا فضائل بيان ڪن ۽ علي ع  جي فضائل جي باري ۾ اهو فرمان هو ته هڪ هڪ فضيلت جي عوض ڏھ ڏھ مذمتون لکيون وڃن، اهو سڀ ڪجھ جناب علي ع  کان بدلي وٺڻ ۽ يزيد جي لاءِ خلافت جي راهه هموار ڪرڻ جي خاطر هو.

امام حسن ع  جي صلح جا ڪارڻ

استاد العلماء حضرت علّامه سيد عديل اختر اعلى الله مقامہ پنهنجي ڪتاب «تسڪين الفتن في صلح الحسن» ۾ لکي ٿو ته: امام حسن ع  جي سياست (پاليسي) بلڪه پوري اهل بيتD جي سياست هڪ ئي هئي.[7] ۽ اها هيءَ هئي ته خدا ۽ ان جي رسول ص  جي حڪم جي پابندي ۽ انهن جي احڪامن کي جاري ڪيو وڃي، پوءِ ان شيءِ جي لاءِ ڀلي ڇا به برداشت ڪرڻو پوي. بس پوءِ اهڙي صورتحال ۾ امام حسن مجتبى ع  جي لاءِ صلح کان علاوہ ٻيو ڪوبه چارو نه هو، ان ڳالھ کي صاحبانِ عقل بهترين طريقي سان سمجھي سگھن ٿا ۽ ڪنهن به دليل وغيرہ جي ضرورت نه آهي.

هن جاءِ تي ابن اثير جي هيءَ عبارت غور جوڳي آهي جنهن جو ترجمو ذڪر ڪجي ٿو:

چيو وڃي ٿو ته امام حسن ع  جن حڪومت کي معاويه جي حوالي ان ڪري ڪيو هو جو جڏهن معاويه کين خلافت حوالي ڪرڻ جي باري ۾ خط لکيو، ان وقت پاڻ خط کي پڙهيائون ۽ خدا جي ساراھ ۽ واکاڻ کانپوءِ فرمايائون ته: ڏسو اسان کي شام وارن کان ان ڪري دٻاءُ ناهي جو پنهنجي حقيقت ۾ اسان کي ڪوئي شڪ يا ندامت  آهي، ڳالھ فقط اها آهي ته اسان شام وارن سان سلامت ۽ صبر سان وڙهي رهيا هئاسين، ليڪن هاڻي سلامت ۾ عداوت ۽ صبر ۾ فرياد کي مخلوط ڪيو ۽ ملايو ويو آهي، جڏهن اوهان صفين وڃي رهيا هئو ته ان وقت اوهان جو دين اوهان جي دنيا تي مقدّم هو، ليڪن هاڻي اوهان اهڙا ٿي ويا آهيو جو اڄ اوهان جي دنيا اوهان جي دين تي مقدّم آهي.

هن وقت اوهان جي ٻنهي طرف ٻن قسمن جا مقتول آهن، هڪ طرف صفين جا مقتول جن تي اوهان روئي رهيا آهيو ۽ ٻئي پاسي نهروان جا مقتول جن جي خون جو بدلو وٺڻ چاهيو ٿا، اوهان کي سمجھڻ گھرجي ته معاويه اسان کي جنهن شيءِ جي دعوت ڏني آهي ان ۾ نه عزت آهي ۽ نه ئي انصاف. تنهنڪري جيڪڏهن اوهان موت جي لاءِ تيار آهيو ته آئون سندس دعوت کي ٺُڪرائي ڇڏيان ۽ اسان جو ۽ هن جو فيصلو تلوارون ڪنديون، پر جيڪڏهن اوهان زندگي چاهيو ٿا ته پوءِ جيڪو ڪجھ هن لکيو آهي ان کي مڃڻو ۽ قبول ڪرڻو پوندو ۽ جيئن اوهان جي مرضي آهي ائين ئي ٿي وڃي. اهو ٻڌڻو هو جو هر پاسي گوڙ ۽ شور مچي ويو ۽ صلح، صلح جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون.[8]

بس اهڙي صورتحال ۾ امام حسن ع  جي لاءِ صلح کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، جڏهن فوج قوّت جي بجاءِ پنهنجي ضعف جو اظهار ڪري ۽ پنهنجي زندگيءَ کي موت تي ترجيح ڏئي ته ڇس پوءِ جنگ زيب ڏئي ٿي؟ هرگز نه.ڇا ڪنهن جي لاءِ اهو مناسب آهي جو هو پنهنجي فوج جي ڪمزوري اکين آڏو ڏسي وري به ان کي مجبور ڪري جنگ جي ميدان ڏانهن موڪلي؟ نه هرگز مناسب نه آهي.

جڏهن هڪ عام انسان به پنهنجي فوج جي ڪمزوري ڏسي جنگ ڪرڻ کي مناسب نه ٿو سمجھي ته پوءِ وقت جي امام لاءِ جنگ ڪرڻ ڪيئن مناسب ٿي سگھي ٿي؟

بس اهڙي صورت ۾ امام حسن ع  جن جي لاءِ فقط اهو چارو هو جو پاڻ صلح ڪري پنهنجي ۽ تمام انهن ماڻهن جي زندگي بچائينِ جيڪي دينِ رسول ص  جا پيروڪار ۽ پابند هئا.

علّامه محمد باقر لکي ٿو ته: جيتوڻيڪ امام حسن ع  کي صلح جي وفا تي ڪو ڀروسو نه هو، ليڪن وقت جي حالات کي مدِ نظر رکندي امام حسن ع  مجبور ٿي ڪري صلح جي دعوت کي قبول ڪيو.[9]

سندن ڪوفي کان مديني روانگي

صلح جي مرحلن جي طي ٿيڻ کان پوءِ امام حسن ع  پنهنجي ڀاءُ امام حسين ع  ۽ عبدالله بن جعفر ۽ پنهنجي اهل و عيال سميت ڪوفي کان مديني روانا ٿيا. تاريخ ۾ ملي ٿو ته جڏهن امام حسن ع  ڪوفي کان مديني ڏانهن روانا ٿيا ته معاويه رستي ۾ هڪ پيغام موڪليو ته امام ع  خوارج سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿئي. امام ع  کيس جواب ۾ لکيو ته جيڪڏهن منهنجو مقصد خونريزي ڪرڻ هجي ها ته آئون توسان صلح ڇو ڪريان ها؟[10]

جسٽس امير علي پنهنجي ڪتاب تاريخ اسلام ۾ لکي ٿو ته خوارج ابوبڪر ۽ عمر کي مڃيندا هئا ۽ حضرت علي ع  ۽ عثمان کي تسليم ۽ قبول نه ڪندا هئا ۽ بني اميه کي مرتدّ چوندا هئا.

 



[1]  تاريخ ڪامل ج 3 ص 161 ، تاريخ ائمه ص 333

[2] سيره پيشوايان، مولف مهدي پيشوايي، صفحو 87 ،112_116.

 

[3] ترجمه ابن خلدون.

[4]  نهاية الارب في معرفة انساب العرب ص 80

[5]  تاريخ خميس ج 2 ص 325

[6] تاريخ ڪامل ابن اثير جلد 3 صفحه 162

[7]۔ دراسات اللبيب ص 249؛ تسڪين الفتن في صلح الحسن صفحه 158.

[8]  تاريخ ڪامل ج 3 ص 162.

[9]  دمعه ساڪبه.

[10] تاريخ اسلام، ذاڪر حسين جلد 1 ۽ صفحه 34.